نظم
ٻڌون ٿا حياتي آ ٿوري مِلي
ڪئي ڀِيڙ ڀاڪر الئي ڇو ڍِلي
ڪڍي ڪنڌ مان هيٺ واري ڪِلي
ملون مرڪندي مور وانگر ٽِلي
ٻڌون ٿا حياتي آ ٿوري مِلي،
بڻيو باغ دل ۾ ٻه ٽي ڏينهن هو
ويو چاهه جو ٻج ڇٽي نينهن هو
ڦُٽل گونچ لوڙهڻ وريو مينهن هو
ٽڙڻ کان اڳي ئي ڇڻياسين کِلي
ٻڌون ٿا حياتي آ ٿوري مِلي،
ڪڏهن ڊوڙ پائي ٻکياسين جٿي
ڪري پير ميرا رکياسين جٿي
اگهاڙپ جا اوڇڻ ڍڪياسين جٿي
پيو وقت ويڙهي اها ير رلِي
ٻڌون ٿا حياتي آ ٿوري مِلي،
دڳن تي وکيري اسان پنهنجا پنڌ
هوائن جي سازن تي ڌوڻيندي ڪنڌ
وڻن جي پنن جيئن ڪيا ڇيڪ ڇند
سُڪيون ٽاريون سڀ وڃائي سُڳنڌ
اجل پاڙ ٻيلن جي ويٺي ڇلِي
ٻڌون ٿا حياتي آ ٿوري مِلي،
سموري خدائي بڻي پنهنجو گهر
ڇڙيو ڇڄ ۾ عشق منهنجو اندر
مليا سُونهن داڻا ڀريو دل پڌر
ڇڄڻ وقت ڀانيم ڦٽي منڊلِي
ٻڌون ٿا حياتي آ ٿوري مِلي ....