غزل
هر آس بنا چولي هر راز اُگهاڙو آ،
هر خواب ڏڪي سيءَ ۾ چادر جو نه پاڙو آ.
دنيا ته خدا جوڙي پر پاڻ اڪيلا هون،
ماحول سڄو فن جو سُرتال کان ٻاڙو آ.
احساس جي پن پن تي گُنيات مڌل آهي،
ٽالهيءَ جي ورن تي هو ڳڻ چور ڪهاڙو آ.
هڪ دم ۾ وڇولي جيان کل بُت تان لهي ويندي،
سنسار سڄو وحشي دشمن به ته گهاڙو آ.
هر ڪُونج تمنا جي ياقوت چُڳي مرجان،
هر شوق شڪاريءَ جو ان لاءِ ٻلهاڙو آ.
مون ساڻ ته ٿي تنها مون ساڻ دفن ٿيندو،
ڀڄي ڀور ٿيندو شايد سُڏڪو به ڪراڙو آ.