نظم
پتڻ جي پار تي پهچي
جڏهن سوچن ۾ ساري ڪو
واري ڪنڌ نهاري ٿو
اهو لمحو ته ماري ٿو،
اُتر جا هن اوهيرا ڪي
لڳي ٿو سار جا پنڇي
اونهي آڪاش ۾ اُڏري
دڳن کان دُور هن ڪيڏا
ٿڪل ڪي چُور هن ڪيڏا،
وڻن کي واءُ ٿو ويڙهي
پنن تي پهچ ئي پٽ تي
ڇڻن جو ڇا ڪجي آخر
ذهن کي سوچ ٿي رهڙي
اسان جي آس آکيرا
هئا لٽڪيل ته لامن ۾
زخمي زرد شامن ۾،
وڏا ڪي وڻ هئا واقعي
ٿر جا ٿاڪ جا منظر
دلڙي درد بس هاڻي
دڙن تي ديد نه دلبر
ملندو ڪير ربّ ڄاڻي
سِڪايل جو صدائون هن
تماچي تو بنا تڙ تي
نوريءَ جون نگاهون هن
وڇڙي هن وڃڻ واريون
وکيري جذبا جيون جا
چري دلڙي ڇا دهرايون
مڙئي پيا پاڻ پرچايون
ڪٿي ڪونجون، ڪٿي آڙيون
ولر کان جا وئي وڇڙي
اڀاڳڻ سا ڪيئن ساريون
پکين جي پريت پيا ساريون
شفق ۽ شام جو ايندا
مٺا مهراڻ ڇولين ۾
کڻي پيار جهولين ۾
کڻي پيار جهولين ۾...!!!