غزل
هت ڌت لڳا پيا آهن سڀ رنڊين جي ڇن ڇن ڇيرن تي،
ڇو يار ڪرو ٿا اڄ تائين تن پيرن جي ئي پيرن تي.
هو مور ٿو ڪانوَ ڏسو ۽ هرڻيءَ جهڙو هيانوَ ڏسو،
شھباز ويا شِڪار ٿئي ڇا پٽڪا پايون ڳيرن تي.
هن کان ته پڇو ڇو ٿا ڙي پٽيو او دونمبري دولت وارو،
ڪيئن خون ولوڙي کيتيءَ ۾ ۽ ٻار ٿو پالي سيرن تي.
هرروز بکايل ڳجهن جان ٿا ماس پٽن هو مفلس جو،
اميد انهن کان ڪهڙي ڪيون جو پلجن ڍونڍن ڍيرن تي .
هي ظلم ڏسو فتوى ته ڏيو ڪاڏي ڙي ڀڳئو ملئو گڏجي،
هڪ ڇا هو هزارن ماڻهن جون ٿو منڍيون لاهي نيرن تي .
او يار جهڪو ڪر ڪين قلم جيڪو به اٿئي تن کي ڏي علم،
بزدل به بهادر ٿي ٿا پون اشفاق اوهان جي شعرن تي .