غزل غزل گُل ڏنو اڄ مون گلابي، چال هُيس صفا نوابي. قتل ڪري هوندا نظر سان، شڪر آ نگاهه هيس نقابي. ڌرتي تي نه پير هوس، اڏام هيس ڪا آفتابي. ماري وڌءِ مرڪي مون کي، لبڙا هيس ڪي شرابي. قرب ۾ قابو اخلاق ٿيو، دل هيس ڄڻ انقلابي.