نظم
دل جو ڌوٻي گهاٽ ....
رڳن کي روح تان روڙي
وڳي وانگر ڇڏيون لاهي
ڍڪڻ لئي عڪسن اوگهڙ جا
وٺون فطرت جي اوڇڻ کي
خدائي جي ٿلهي ويهي
سٽيون من کي ڇڪي تاڻي
نهوڙي روح پنهنجي کي
سمورو مير لوڙهيندي
ڪيون اجرو اگن وانگر
لڱن جو هر سنڌو ڇوڙي
ڏجي ڪنهن ڪامڻي هٿ ۾
مروڙي عشق جي بُت کي
ڇڏي جيئن هوءَ ڇنڊي ڇاڻي
زوالن جي تپش آڏو
سڪايون پاڻ کي سيڪي
نئون تهدر عروجن جو
لباس اوڍيون زماني ۾
بدن بي سود ڄڻ آهي
رڳن کي روح تان روڙي
وڳي وانگر ڇڏيون لاهي.