غزل
زماني خوب ڪيا ڦيرا ڏسو گڏھن به گج پاتا،
نه ٿا ڏين وٺ ٻلا ڇيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.
عجب ان ڳالھ جو آهي گدڙ ٿا شينهن کان مارن،
ٿا لوپن باز کي ڳيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.
زياده دم هڻي ٿيا معتبر مفعول ميرن کان،
ڪٽائي پاڻ سو ڀيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.
نه اهڙو وڻ سجهي ٿو ڪونه لوڏيو واء جو هوندو،
ڇڙا سگهرن سان آڌيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.
ڀريا چٻرن ۽ چمڙن سان ڊٺل محلات ميرن جا،
ٿيا افسوس دڦ ديرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.
جتي مجلس هئي مورن جي هنجن جون جت هيون هونگون
اتاتي ڪانون جا ڪانگيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.
غريبن ۽ اميرن وٽ سدا آ چانهه جو چرچو،
پسند ناهن مکڻ ڦيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.
ٽڪيون پن جون ٿي جن کاڌيون اهي ڪرسيَ نشين بڻيا،
هيس گهر ڏاس جا ڍيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.
ڪلر ڪاري مٿان ڳالهيون ڪري ٿو قصد ڪڪرن سان،
اتي چٻرن جا آکيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.
ڏسي رئيسي رنگيلن جي ۽ چورن واري چڱ مڙسي،
نذيرا ٿا جلن جيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.