غزل
زمين ناهي، زمان ناهي،
غريب جو ڪو جهان ناهي،
هتي به دوزخ ۾ آهي سڙندو
هُتي به جنت مڪان ناهي،
ڌڪا جهليندو وتي ٿو مُفلس
ڪٿي به سُک جو گمان ناهي،
رُپئي جو مُلهه آ مهانگو اڄڪلهه
اديب اڄ جو مهان ناهي،
ڪري وچن جي ڦري وڃن ٿا
انهن جي هوندي زبان ناهي،
آ جاني چاهت وٽان ئي چاهت
وفا وکر جو دُڪان ناهي،
حسين کان وڌ حسين آهي
تون اهڙو جنهن جو بيان ناهي،
زماني ۾ جن ٿڙي محبت
انهن جو نام و نشان ناهي،
قصو شڪسته جو مختصر آ
طويل تر داستان ناهي.