غزل
رات مون منظر ڏٺو آڪاس تي،
چنڊ ڪو چهرو ٿيو آڪاس تي.
ڇو نه ٿو سورج اڃان اڀري اچي،
آءَ کڙڪايون ڪڙو آڪاس تي.
ٿي اڪيلو ۽ اويلو اڻ ڏٺي،
هڪ پکي اڏندو ويو آڪاس تي.
اڄ به مون کي ياد آهي اوچتو،
جو ٿيو کڙڪو هيو آڪاس تي.
چوڏسا ٿي ٻاٽ آ گهري وئي،
چنڊ نه ڪو تارو کڙيو آڪاس تي.
مون رکيا ڌرتي تي پنهنجا پير مس،
هُو وڃي انجم پُڳو آڪاس تي.