آديسي اڄ مر! سڀان مرندو سڀڪو
خميس 2-نومبر 1989ع
رات جا ساڍا نو ٿيا ته جهاز اسلام آباد لاءِ ٻيهر اڏامڻ جي تياري ڪئي. اسان کي منجهند جو 3- وڳي ڌاري بورڊنگ ڪارڊ مليو هو. هنن ساڍن ڇهن ڪلاڪن ۾ گهڻو ڪجهه ٿي ويو هو.
اصل ۾، جهاز پنهنجي وقت تي اڏاڻو هو، شام جو 4:10 وڳي جهاز ٽيڪ آف ڪيو هو ۽ پروگرام موجب 6 وڳي ڌاري اسلام آباد جي هوائي اڏي تي لهڻو هو. جتي ثقافت کاتي جي ٽيم جو ميمبر اسان سان ملي ها ۽ پوءِ اٽڪ وڃون ها! پر چوندا آهن ته غريب جي قسمت هميشه ڦٽل هوندي آهي ... هتي به هڪ رولو اسان جو منتظر هو.
اهي تمام قيمتي ۽ اذيت ناڪ گهڙيون هيون. جهاز اڃا 20-25 منٽ ئي اڏاڻو هوندو جو جهاز ۾ ڪنهن شيءِ جي سڙڻ جي بوءِ پکڙجي وئي، اسان هڪ هنڌان دونهون نڪرندي ڏٺو، ڪن هنڌن تي ايئرڪنڊيشنر سسٽم ۾ خرابي سبب پاڻي به ٽمي رهيو هو. جهاز ٻيو نه ته 20 هزار کن فٽ اوچي اڏام تي هوندو، ٽي سؤ کن مسافر هئا. انهن ۾ عورتون، ننڍڙا ٻار، ڪُراڙا ۽ نوجوان سڀ هئا. ماڻهو پريشان ٿي ويا. ڊپ کان اڪثر ماڻهن جون اکيون ڦاٽي ويون هيون ۽ قرآني آيتن جو ورد شروع ٿي ويو هو.
مان سمجهان ٿو ان مهل اسان لڳ ڀڳ دادو موري يا نواب شاهه وٽ هونداسون جو جهاز اڌ گول ڦيرو کائي اتر ڏانهن وڌڻ بدران واپس ڏکڻ اولهه مڙيو هو. اهو ڦيرو ٻين مسافرن محسوس نه ڪيو. مون کي ان ڪري خبر پئي جو ان وقت مان قطب نما ۾ اهو ڏسي رهيو هوس ته اهو صحيح ڪم ڪري رهيو هو يا اڳتي دوکو ڏيندو. جهاز ڦيرو کاڌو ته مون سمجهيو ته قطب نما ۾ ئي خرابي آهي پوءِ ان مهل قطب نما جي درست هجڻ جي تصديق ٿي، جڏهن جهاز جي ڪپتان اعلان ڪيو ته، فني خرابي سبب اسان واپس ڪراچي وڃي رهيا آهيون ۽ جلد ئي هوائي اڏي تي لهنداسون.
اعلان ٿيڻ جي باوجود مسافرن جي ڳڻتي نه لٿي، گهڻن کي ته پگهر اچي ويا. ٺيڪ 5 لڳي جهاز ڪراچيءَ جي هوائي اڏي تي پير رکيا. جهاز جا دروازا کليا ئي مس ته مسافرن وٺي ڊوڙون پاتيون ۽ هڪٻئي کي چيڀاٽيندا لهي ويا. هيٺ پي آءِ اي جو هنگامي عملو تيار بيٺو هو. بچاءُ ٿي ويو. ماڻهن خدا جو شڪر ادا ڪرڻ لاءِ هٿ کڻي آڪاس ڏانهن ڏٺو ۽ ٽرانزٽ لائونج ۾ گهڙي ويا.
واپسيءَ کان پوءِ روانگي جي صورتحال غير يقيني ٿي وئي هئي. پي آءِ اي جي انتظاميه جهاز جي مرمت ڪرڻ يا ڪو ٻيو جهاز هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئي. مسافر ٻئي جهاز جي انتظار ۾ ويٺا رهيا، نيٺ خبر پئي ته ساڳئي ئي جهاز کي ٿُڪ بُجو ڪري ٺيڪ ڪيو ويو آهي. گهڻن ماڻهن جو ته هنيانءُ ٻڏي ويو. ”اسان ان جهاز ۾ نه چڙهنداسون!“ وچولي عمر واري هڪ همراهه زور سان رڙ ڪئي. ”اسان به نه چڙهنداسون!“ ڪجهه ٻين به چيو. ”مان نه چڙهندم!“ ٻي ڪنڊ مان آواز آيو. نيٺ پي آءِ اي وارن هڙتالي مسافرن جي ڳالهه مڃي اعلان ڪيو ته، “جيڪو مسافر رضا خوشيءَ سان نٿو هلي اهو ڀلي ٽڪيٽ واپس ڪري ۽ پنهنجو سامان کڻي گهر روانو ٿئي.“
انور مون ڏانهن ڏٺو. سندس ارادو به واپسي جو هو. ”نه!“ مون انڪار ڪيو. انور ٽهڪ ڏنو، ”تون هميشه گن پوائنٽ تي سفر ڪرائيندو آهين!“
”منهنجي صلاح مڃ ته موٽي ٿا هلون؟“ انور ڪجهه سوچي رهيو هو. ”پنهنجو شيڊيول ٽائٽ آهي ... جيڪڏهن جهاز نه کري ها ته شام جو ڇهين لڳي پنهنجا ميزبان ايئرپورٽ تان پاڻ کي وٺي وڃن ها ... ان کانپوءِ ڏيڍ ٻن ڪلاڪن جو باءِ روڊ سفر ڪرائي اٽڪ پهچائن ها، ڇو ته صبح جو 8-9 لڳي ڌاري ٻيڙيون هلنديون جن ۾ پاڻ کي سفر ڪرڻو آهي ... تون وري هتان جو جائزو وٺ! خبر ناهي ڪيڏيءَ مهل پهچون، پنهنجا ميزبان هجن يا نه هجن! رُلي وينداسون! جهاز ۾ به خرابي آهي، اها درست الائي ڪيئن ٿيندي! پِي آءِ اي ڪمرشل ادارو آهي يعني بس خراب هوندي ته به ڪنڊيڪٽر ٽڪيٽون کپائي سفر کي اڳتي وڌائڻ جي ڪندو آهي ... سو باقي تنهنجو ضد آهي ته ڀلي هل! اها ڳالهه ته ٿي: آديسي اڄ مر، سڀان مرندو سڀڪو!“ انور دليل ڏيندي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ٽهڪ ڏنو.
خدا خدا ڪري جهاز ٻيهر اڏاڻو. هن ڀيري اڌو اڌ سيٽون خالي هيون. منجهند جو ٽين لڳي حاصل ڪيل بورڊنگ ڪارڊ تي پنهنجو سفر اڃا جاري هو. اسان بوريت ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”توهان ڪهڙي قسم جي بيل گاڏيءَ ۾ سفر ڪري رهيا آهيو، جيڪا موهن جي دڙي واري ڏاند گاڏيءَ کان به سست آهي؟“
”هن کي ايئر بس چئبو آهي جيڪا 29 هزار فُٽن جي بلنديءَ تي 860 ڪلو ميٽر جي رفتار سان اڏامندي آهي.“
”ماشاءَالله!“
جهاز جي ڪپتان پنهنجي ڪئبن مان ڳالهايو، ”هن وقت جهاز کان ٻاهر ڪاٽو 35 ڊگريون سينٽي گريڊ گرمي پد آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ گرميءَ جو درجو 22 ڊگريون آهي.“ اسلام آباد ۾ گرميءَ جو درجو ٻڌي اسان کي اطمينان ٿيو. هونئن به ٿڌ کان بچاءُ جو اسان وٽ پورو پورو انتظام هو.
اسان پوئتي ڪراچيءَ ۾ چڱي خاصي سياسي بي يقينيءَ واري ڪيفيت ۾ پنهنجا ڪٽنب ڇڏي نڪتا آهيون. ڪلهه بينظير ڀٽو خلاف عدم اعتماد جي رٿ رد ٿي آهي، ان کانپوءِ ڪراچيءَ جي ڪيترن علائقن ۾ ڪرفيو لڳي رهيو آهي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪرفيو لڳڻ جا امڪان آهن.
”خبر ٻڌءِ!“
”وري ڇا ٿيو؟“
”هي جهاز جنهن کي مرمت ڪري اڏاريو اٿن ۽ جنهن جي ٻن ٽن حصن مان پاڻي پئي ٽِميو ۽ جنهن لاءِ ماڻهو دعائون ٿا پيا ڪن ته خير سان اسلام آباد ۾ لهي ته منجهانئن جند ڇٽي، سو وقت سر نه لهندو!“
”ڇو؟“
”چون ٿا ته اسلام آباد جي هوائي اڏي تي وِي . وِي .آءِ. پِي ٽريفڪ سبب ايئر فيلڊ کي بند ڪيو ويو آهي. پوڻي ڏهين کان سواءِ ڏهين تائين هيءُ کريل جهاز، اسلام آباد مٿان لامارا هڻندو رهندو ۽ کيس ڪليئرنس نه ملندي.“
”اسلام آباد سدائين گهوٽالي ۾، جنهن اسلام آباد ڏانهن رخ ڪيو سو وري ڪيئن گهوٽالن کان جند ڇڏائيندو!“
”ڏس نه هيءَ جهاز به پاڪستاني سياست وانگر رولڙي ۾ ... آسمان ۾ پيو ڦيرا ڏئي. وي.وي.آءِ.پي ٽريفڪ سبب مورڳو ٿو ماڻهن جو ساهه وڃي. ڪنهن تي اعتبار ڪجي!“
”بس ادا هاڻي ته اعتبار آهي سنڌو درياهه تي، جنهن جي چوڻ تي پيا هلون.“
مان ۽ هُو پاڻ ۾ ڳالهائيندا پئي وياسون.
اسان کي في الحال سفر جي گهڻن پهلوئن کان واقفيت ناهي. ڪو به ڪاغذ پٽ نه ڏٺو اٿئون. بس سڀ ڪم ٻُڌ سڌ تي پيو هلي. اسان به فقط سنڌوءَ جي مشاهدي خاطر جوکم کنيو آهي. خبر ناهي ته ٻيڙيون ڪهڙيون آهن؟ ڪيتريون وڏيون آهن؟ اسان ٻڌو آهي ته، هن سفر جو سڄو خرچ سنڌ سرڪار نه ڪيو آهي، البت ڪنهن پرائيويٽ ڪمپنيءَ به ڀائيواري ڪئي آهي ۽ اسان ان مهم ۾ زوريءَ ڪاهي پيا آهيون. شاباس آهي ثقافت کاتي وارن کي جن مهم ۾ شامل ڪري اسان کي کنيو آهي.
اسان کي اها به خبر ناهي ته اها ڪهڙي ڪمپني آهي جنهن هن مهم ۾ خرچ پکو ڏنو آهي ۽ ان جا هن مهم ۾ ڪهڙا مفاد آهن؟ (ڪئمپ تي پهچڻ کان پوءِ خبر پئي ته اها ڪمپني پرل ڪانٽينينٽل هوٽلز واري آهي جنهن پنهنجي مشهوريءَ جي خيال کان هڪ ٽيم ميمبر نديم قمرالدين جي رسائيءَ تي ڪافي خرچ کنيو آهي) ثقافت کاتي جا مفاد ته پڌرا آهن؛ جيئن ٻڌجي ٿو ته سنڌوءَ جي سروي کانپوءِ ان تي ڪو ڪتاب ڇپايو ويندو. سنڌوءَ جا وهڪرا، ان جي تاريخ، سنڌوءَ جي ڪناري تي رهندڙ ماڻهو، انهن جي رهڻِي ڪهڻي، ڏند ڪٿائون، طور طريقا، روايتون ۽ ايڪولاجيڪل تبديلين ۽ هاڻي واري صورتحال، بندن ۽ پُلين جي صورتحال وغيره جو جائزو وٺي ڪتاب لکيو ويندو. مان اهو سوچي رهيو آهيان ته ڇا اهو ممڪن آهي ته هيڏي ساري معلومات ويهن ٻاويهن ڏينهن جي سفر ۾ حاصل ڪري سگهجي!
”مون جڏهن ’عوامي آواز‘ کي انڊس ايڪسپيڊيشن بابت رپورٽ پئي لکائي ته هنن مون کان اهو سوال پئي پڇيو ته ڪتاب ڪير لکندو؟ ... مون کين ٻڌايو ته سنڌ ثقافت کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري ڪليم لاشاري آهي. مان آهيان، بدر آهي ۽ ڪي ٻيا آهن، ڪو انجنئير، ڪو ڪئمرا مين ... ڪتاب ڪير لکندو؟ اها پوءِ جي ڳالهه آهي.“ انور اطلاع ڏنو.
اسان ٻڌو آهي ته سفر ڏينهن جو ٿيندو ۽ رات جو درياهه جي ڪناري ڪڏهن هن ڪپ تي ته ڪڏهن هن ڀر ڪئمپ هڻبي. اسان اهو به ٻڌو آهي ته سنڌ سرڪار پنجاب حڪومت کي هن مهم جو شيڊيول به ڏنو آهي ۽ سهڪار جي اپيل به ڪئي آهي.
جهاز رات جو ساڍي ڏهين ڌاري راولپنڊي واري هوائي اڏي تي لٿو. هوائي اڏي کان ٻاهر نڪرندي ويهه پنجويهه منٽ ٻيا به لڳي ويا. ٻاهر، ڊپارٽمينٽ طرفان محمد علي قادري وٺڻ آيو هو. غريب پنج ڪلاڪ انتظار ۾ بيٺو هو. ڀليڪار ڪيائين، ”اسلام عليڪم!“ مون کيس پهريون ڀيرو ڏٺو هو. البت انور سان سندس واقفيت هئي. بت جو ڀريل، رنگ پڪو، ڳالهائڻ مهل لفظ ٿورا استعمال ڪندو پر رفتار تِکڙي. هونئن به همراهه چست آهي. سٽ ڏيئي منهنجو سامان کڻڻ جي ڪيائين.
”نه ڀائو! مان پنهنجو سامان ٻين کان نه کڻائيندو آهيان.“ مون کيس جهليو پر هو نه مڙيو، نيٺ ننڍي ٿيلهي تي ئي راضي ٿي ويو.
اڌ رات جو اسلام آباد کان پشاور ويندڙ ڪوچ سروس ملي وئي. اسان کي اٽڪ پل جي هن پار خيرآباد يا جهانگيرا وٽ ڪابل نديءَ جي ڪناري تي لهڻو هو، جت ڪئمپ لڳل هئي. سنڌ ۾ ان مهل سواري ملڻ ۽ هاءِ وي تي هلڻ جو اڄڪلهه تصور ئي ڪونه آهي. مون کي پنجاب ۽ سرحد جي امن امان تي خوشي ٿي. ٿوري ئي دير اندر ڪوچ راولپنڊيءَ جو شهر ڇڏي هاءِ وي تي ڊوڙڻ لڳي. ٻاهر ٺپ اوندهه هئي. ڪا شيءِ نظر نه ٿي آئي، سواءِ ان جي ته ڪنهن ڪنهن مهل روشن بلبن جو ڪو مختصر جهڳٽو اکيون مِچڪائي پوئتي هليو ٿي ويو.