جَت ۽ وَڳ
جيپ منجهند جو ٽين لڳي ڌاري پير پٺي کان اڳتي رواني ٿي. شام جو چئين لڳي تائين منزل تي پهچڻو آهي. پر ان کان اڳ اسان کي اهو ئي انتظار آهي ته ٻيڙين وارو قافلو ڪٿي پهتو هوندو؟ ڇا سامونڊي ويرن وڌي ٻيڙين کي ڪلهي تي کڻي تاريو هوندو يا ڪليم لاشاري، اشتياق انصاري ۽ ٻيا دوست ٻيڙين کي پاڻي تي کريل گاڏين وانگر ڌڪيندا ويا هوندا؟
اڄوڪي واٽ صحيح معنيٰ ۾ ڊيلٽائي ڪنڌيءَ واري آهي. اڳتي ٻهارا، ڳاڙهو، ميرپور ساڪرو، جنگي سر، گهوڙا ٻاري، کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر آهن. اسان پنهنجي اندر ۾ وڏو اتساهه محسوس ڪيون ٿا پر ڄاڻون ٿا ته ڊيلٽا ۽ ان جي کارين جو ڄار ڪوريئڙي جي ڄار وانگر آهي سو به اهڙو جيڪو هر وقت ڦيرڦار هيٺ رهي ٿو.
پير پٺي کان گهوڙا ٻاري ويندي واٽ تي اُٺن جو وڏو وڳ ڏسڻ ۾ آيو، اهي چار پنج سؤ اٺ هوندا. ڪنهن زماني ۾ هتي گهوڙا به پالياويندا هئا جن جي عرب دنيا ۾ وڏي کپت هئي، چون ٿا ته اهي گهوڙا پوءِ عربي نسل جا سڏيا ٿي ويا. اٺن جي پالنا ۽ پيدائش جا مرڪز سڄي سنڌو ڊيلٽا ۾ ٻيٽن ۽ کارين جي ڪنڌين تي آهن. پر سڀ کان وڌيڪ وڳ شاهبندر واري علائقي ۾ ملندا. اسان کي حيرت ٿي ته حڪومت اڄ تائين اٺن جو نسل وڌائڻ خاطر ڪا به سرگرمي ۽ دلچسپي ڇو نه ڏيکاري آهي. ڊيلٽا ۾ جيڪي ڪجهه ٿيئي ٿو، سو بلڪل ائين ئي آهي جيئن اوائلي وقتن جي سياحن ڏٺو هوندو، فقط ماڳ مڪانن ۽ ڍورن وهڪرن ۾ فرق آيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن اُٺن جي سنڀال بابت ڪو خاص ادارو قائم ڪري ۽ انهن جي نسل جي بهتريءَ لاءِ ڪي کوجنائون ۽ تربيتون شروع ڪرائي ته پوءِ سنڌو ڊيلٽا جي شايد وڏي ۾ وڏي سڃاڻپ ئي اها ٿي وڃي ته سنڌو ڊيلٽا اهو علائقو آهي. جتي اُٺ قدرتي ماحول ۾ پلجن ٿا.
اُٺن جي وڏي مارڪيٽ آهي. ٿر، سنڌوءَ جي بئراج واري علائقي، ڪوهستان، بلوچستان ۽ هيڏي ساري عرب دنيا ۾ اُٺ نه رڳو ڪمائو جانور آهي، پر عرب دنيا ۾ ٿيندڙ اُٺ_ڊوڙ سڄي دنيا ۾ نرالي ۽ ڏاڍي مشهور آهي. ان اُٺ_ ڊوڙ سنڌ ۽ بلوچستان مان ننڍڙن ٻارن جي اغوا کي هٿي ڏني آهي ڇو ته اُٺ_ڊوڙ مهل ان تي ننڍڙا ٻار سوار ٿين ٿا. ڏک جي اها ڪهاڻي ڪيتري ڊگهي آهي. اهو ته اغوا ٿيل ٻارڙا ۽ انهن جا وڇڙيل مائٽ ئي ٻڌائي سگهن ٿا.
جڏهن کان وڏن ننڍن ٻيڙن ۾ انجڻيون لڳڻ شروع ٿيون آهن، تڏهن کان جَتن ويران ٻيٽن تي اُٺن جا وڳ ڇڏڻ شروع ڪيا آهن جتي اُٺ تمر جا پَنَ چري جوان ٿين ٿا. تمر ۾ خوراڪ جا جزا طاقتور آهن. سامونڊي ٻيٽن تي مِٺي پاڻيءَ جو نه هئڻ هڪ وڏو مسئلو آهي پر جتن ان جو ٽوڙ به ڳولهي ورتو آهي. هنن ڪي اهڙيون لانچون به تيار ڪيون آهن، جيڪي فقط ان ڪم تي لڳل آهن ته ڪراچي يا ٻين شهرن مان مٺو پاڻي ڀري اچن ۽ جنهن جنهن ٻيٽ تي وڳ ڇڏيل آهن، اتي ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو پاڻي پهچائين.
اُٺ سڄو وقت ٻيٽن تي گور ڦرندا ۽ چرندا وتن پر کين خبر آهي ته ڪهڙي وقت ۽ ڪهڙي هنڌ لانچ ايندي ۽ کين مٺو پاڻي پياريو ويندو. جيڪڏهن سامونڊي کارين جي سفر تي نڪتل مسافرن کي ڪنهن ٻيٽ هڪ هنڌ وڏو وڳ نظر اچي ته هنن کي سمجهڻ گهرجي ته ٿوري وقت ۾ ڪا لانچ اچي ڪنڌيءَ سان لڳندي جنهن ۾ اُٺن لاءِ مٺو پاڻي هوندو.
مان سمجهان ٿو ته هتي جتن جي تاريخ ورجائڻ مان ڪجهه نه ورندو جيڪي صدين کان وٺي سنڌ ڪڇ ۽ مڪران جي ڪنڌين جا اصل واسي آهن. اڄڪلهه هو اُٺن پالڻ سان گڏوگڏ سمنڊ مان مڇيون جهلڻ جو ڪاروبار به ڪن ٿا. تاريخدان جتن بابت گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڳالهين تي متفق آهن: هڪ ته ان قبيلي سڪندر اعظم جي لشڪر کي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پير کوڙڻ نه ڏنا ۽ ٻيو ته اها ئي قوم عربستان ۾ ’زظ‘، سنڌ ۾ ’جت‘ ۽ ڀرپاسي ۾ ’جٽ‘ ۽ ’جاٽ‘ سڏجي ٿي.
پير پٺي کان ڏکڻ ۾ جيپ رستي ڳوٺ سانوڻ پور تائين پنڌ لڳ ڀڳ ويهن منٽن جو آهي. ڳوٺ سانوڻ پور گهوڙا ٻاريءَ کان فقط ٽي ميل اتر اوڀر ۾ آهي. چؤطرف ڪلر کان سواءِ ڪا شيءِ نظر نٿي اچي. البت ائين لڳي ٿو ته ڪنڌيءَ تي ويٺل ماڻهن جو گذرسفر مڇيءَ تي گهڻو آهي. جڏهن ته جتي جتي بئراج جو پاڻي پهچي ٿو، اتي ڪمند ۽ ڪيلو جام ٿئي ٿو. اسان کي واٽ تي ٻه ٽرڪون مليون جيڪي ڪمند سان سٿيل هيون. انهن جو رخ گهوڙا ٻاريءَ طرف آهي جتان ڦري اهي ڳاڙهي وٽان لنگهي شگرمل پهچنديون.
سانوڻ پور لڳ بند تي ويٺل ماڻهن ٻڌايو ته ڪافي دير اڳ هتان هڪ ڊاٽسن پڪ اپ لنگهي وئي آهي جنهن تي ڪاري رنگ جي رٻڙ واري ٻيڙي رکيل هئي. اسان کي خبر ناهي ته اها ’نوري‘ هئي يا ’مورڙو‘. ٿي سگهي ٿو ته مورڙو ٺٽي واري پل وٽان پنهنجو سفر شروع ڪيو هجي ۽ نوري اڄ به ناڪام ٿي هجي، جنهن کانپوءِ ان کي ڊاٽسن ۾ سوار ڪري اڳتي روانو ڪيو ويو هجي. بهرحال اسان فيصلو ڪيو ته اڏيرو پتڻ وٽ پهچي پتڻ تي ويٺل ماڻهن کان پڇا ڪبي ته ڇا انهن درياهه جي پيٽ تي رٻڙ جي ٻيڙي (مورڙو) ته ڪو نه ڏٺي! اهو به ممڪن آهي ته نوريءَ جا ڦٽ سڪڻ ۾ دير لڳي وئي هجي ۽ ٽيم جي ليڊر فيصلو ڪيو هجي ته نوريءَ کي ڪجهه دير سان پر اڏيرو پتڻ يا جنگي سر پتڻ تان لاٿو وڃي.