تونسه شريف / پير پٺاڻ
جمعو 10- نومبر 1989ع
ٻيڙين جو سفر شروع ڪرڻ کان اڳ تونسه شهر ڏسڻ ضروري هو، تنهن ڪري صبح جو 6 لڳي ڌاري جيپ تونسه ڏانهن ڊوڙڻ شروع ڪيو. جيپ تونسه بئراج تي ٺهيل شاندار ريسٽ هائوس ڇڏي بئراج ٽپي الهندي ڪناري تي پهچڻ کانپوءِ سر اُتر طرف وڌي. بانگ اچي چڪي هئي، نمازي نماز پڙهڻ ۾ مصروف هوندا. ٿڌ هئي پر گهٽ. هاڻي اسان انهن پٽن ۽ جبلن کان گهڻو هيٺ هئاسون جيڪي برفاني دور ۾ برف هيٺ دٻيل هئا. اسان کي فقط ٻن ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويو. تونسه ڏسڻ، ماڻهن کان حال احوال وٺڻ، فوٽو گرافي ۽ وڊيو ٺاهڻ لاءِ ... پر هڪ ڪلاڪ اسان کي پنڌ ۾ لڳي ويو، ان ۾ واٽ تي چانهه پيئڻ جي عياشي شامل هئي. اسان جي پهچڻ کان اڳ شهر جاڳي چڪو هو. هوٽلن گرم ۽ خوشبوءِ دار ناشتي لاءِ ڇڪ ڪئي پر وقت ڪونه هو. ننڍيون ننڍيون هوٽلون ۽ دڪان، شهر جي هڪ ڇيڙي تي بس اسٽينڊ.
اهي مسافر جيڪي رات پوڻ سبب شهر ۾ ٽڪي پيا هئا، خواجه محمد سليمان جي درگاهه کان نڪري ڳنڍون ۽ هڙهون ٻَڌي بس اسٽينڊ ڏانهن پئي پيا. انهن رات پڌر تي گذاري هوندي يا درگاهه جي آڏو ننڍڙين هوٽلن ۾. مون سائن بورڊ پڙهڻ شروع ڪيا:
”ڪراچي جنرل اسٽور ... سليماني پلازا ... سليماني هوٽل ...پير پٺاڻ هوٽل ... سليماني ميڊيڪل اسٽور.“ سڀ سليماني.
شايد ان ڪري جو درگاهه خواجه محمد سليمان جي آهي جيڪو پاڪستان جي سڀ کان وڏن بزرگن جي قطار ۾ شامل آهي. هيءَ تمام وڏي روحاني گادي آهي. اهو به ممڪن آهي ته سليمان جبل جي نسبت سان سڀ ڪجهه سليماني ٿي ويو هجي. خواجه محمد سليمان کي مقامي ماڻهو ’پير پٺاڻ‘ سڏين ٿا.
پير پٺاڻ جي شاهي درگاهه جو مکيه رستو هاڻي سوڙهو ٿي ويو آهي. ان رستي، جنهن کي گِهٽِي چئجي ته بهتر، جي ٻنهي پاسن کان ننڍا ننڍا دڪان کلي چڪا آهن. جيتوڻيڪ اهي دڪان به ڪافي پراڻا ٿي ويا آهن پر انهن جو ڪو خاص ڪاروبار هلندو نظر نه آيو. باقي درگاهن جي در تي ميلي دوران ٿيندڙ ڪمائي سڄي سال نه ته اڌ سال لاءِ ڪافي اٿن. دڪانن تي ٻئي سامان سان گڏ حيدرآباد جون چوڙيون اسان خاص طور تي نوٽ ڪيون.
گهٽي هڪ وڏي در تي پوري ٿئي ٿي. جتيون دروازي تي لاهي، ننڍي ڏيڍي مان لنگهي ماڻهو هڪ وڏي پڌر ۾ داخل ٿئي ٿو. آڏو هڪ شاندار ۽ شاهي قد ڪاٺ جو مقبرو بيٺو آهي. پڌر ۾ داخل ٿيڻ سان ٻه عمارتون ڌيان ڇڪائين ٿيون. پهرين عمارت ڪاشيءَ جي سهڻي ڪم واري درگاهه آهي. خبر ناهي ته ڇو مونکي ڀٽائيءَ جو روضو ياد اچي ويو. ڪافي هڪ جهڙائي هئي شايد اها هڪجهڙائي ڪاشيءَ جي سهڻي ڪم پيدا ڪئي هئي. درگاهه ۽ پڌر جي وچ ۾ صاف سٿرو ۽ عاليشان ورانڊو آهي. ورانڊي کي آڏو ست محرابدار در آهن. وچين دروازي جي مٿان مناري نما اڏاوت آهي جتان سڄي پڌر جي نظرداري ڪري سگهجي ٿي. سڀئي محرابدار دروازا اڇي سنگ مرمر سان سهڻي طرح گهڙي تيار ڪيا ويا آهن. مقبري ۽ گنبذ جو نمونو ساڳيو ملتاني آهي پر هي اڇو گنبذ نارنگيءَ جي ڦاڪن وانگر آهي، جنهن تي سوني نيل پري کان ڏسجي ٿي. قبي هيٺ پير صاحب جي قبر جي چوڌاري اڇي سنگ مرمر جو شاندار ڪٽهڙو آهي. ڀر ۾ ٻيون قبرون به آهن.
مقبري جي ڀر ۾ پٿر سان جڙيل ٽه ماڙ عاليشان عمارت گادي نشين جي شاهوڪاريءَ جو وڏو دليل آهي. حويلي جو شاهي در ڪنهن قلعي جي شاهي دروازي جي ڏِک ڏئي ٿو. شاهي در مٿان اوچو ٽاور بيٺو آهي. ٽاور جو وچون حصو چوڪيدار جي ڪوٺي آهي، ان مٿان هڪ وڏو گهڙيال ۽ ان مٿان لائوڊ اسپيڪر. ڇاڪاڻ ته حويلي ٽه ماڙ آهي تنهن ڪري پڌر مان چڱيءَ طرح پئي ڏسجي، پٿر جي اڏاوت، ان ۾ سنگ مرمر جا محراب ڪٿي ڪٿي ڪاشيءَ جو ڪم. اڏاوت جي لحاظ کان هر شيءِ شاندار هئي، جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ. صفائي به ٺاهوڪي هئي پر گادي نشين جو رويو اسان کي نه وڻيو. هو صوفين کان وڌيڪ ڪٽرپڻي ڏانهن مائل هئا. ڪٽرپڻو به اهڙو جو نه رڳو پاڻ قبرن کي سجدو ڏين پر هر ايندڙ ويندڙ تي به دٻاءُ وجهن ته اهي به سجدو ڪن. اهو ئي سبب هو جو عام ماڻهو گادي نشين کي عزت نه پيا ڏين ۽ سرٻاٽن ۾ انهن کي خراب ٿي چيائون.
گادي نشين، صاحبِ درگاهه کي حضرت شاهه سليمان سڏيو . عام ماڻهن جو خيال هو ته گادي نشين پاڻ کي سيد سڳورو ثابت ڪرڻ لاءِ خواجه سليمان کي سيد ثابت ڪري ٿو جڏهن ته هو اصل ۾ پٺاڻن جي هڪ قبيلي، جعفر سان تعلق رکندڙ هو. گادي نشين جڏهن اسان کي پير پٺاڻ جو شجرو ٻڌائي رهيو هو ته هڪ اُمتيءَ وچ ۾ پنهنجي راءِ پئي ڏني. اُمتيءَ جو خيال هو ته پرديسين کي اصل تاريخ کان اڻڄاڻ نه رکجي ڇو ته جيڪڏهن اُهي (اسان) غلط معلومات کڻي ويا ۽ ڪٿي ڇپي ڇڏيائون ته پوءِ وارن وقتن ۾ تاريخ غلط رخ ۾ مڙي ويندي. هن اُمتيءَ سچ پچ ته وڏي همت ڪئي هئي. گهڻو ممڪن آهي ته اسان جي وڃڻ کانپوءِ گادي نشين کيس ڪاسيکت ڏين يا درگاهه تي اچڻ کان منع ڪري ڇڏين. ان جو اندزو اسان کي ان مهل ٿيو جڏهن گادي نشين امتيءَ کي زوردار ڇڙٻ ڏني.
”توکي ڪهڙي خبر! تون بوزدار کيتيراني ... مان ته پاڻ درويش جي خاندان مان آهيان ... مون کي توکان وڌيڪ خبر آهي.“ اُمتي ڇڙٻ ٻڌي کسڪي ويو. پوءِ گادي نشين درويش بابت ڪٿا کنئي.
”حضرت خواجه شاهه سليمان جو وصال 1267 هجريءَ (1851ع) ۾ ٿيو. سندس مقبرو حاجي الله بخش 1306 هجريءَ ۾ مڪمل ڪرايو. اهو سن درگاهه تي به لکيل آهي. تعمير کي سؤ سال کن ٿيا آهن. درويش پاڻ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ شاعري نه ڪئي پر جاميءَ جو ڪلام پڙهندو هو. هو صاحب گرگوجي دروگ کان آيو جيڪو سليمان جبل ۾ آهي. اها تحصيل مرزاخيل کان 40 ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آهي ... سندن والد صاحب جو نالو محمد ذڪريا آهي، والده جو نالو زليخا بيبي هو. سندن تعلق قوم جعفر پٺاڻ سان آهي پر (هن ’پر‘ تي زور ڏنو) هو اُتي رهڻ سبب جعفر ٿيو آهي ... اصل ۾ سندن سلسلو حضرت امام جعفر صادق سان ملي ٿو. ان حساب سان هو سيد آهي ... جو جعفر قوم ۾ رهندي جعفر مشهور ٿيو آهي، اصل ۾ هن جو خاندان جعفر ناهي ... هونئن سندن ڇڏيل ورثي ۾ هڪ اڌ جاءِ تي اهو لکيل آهي ته جڏهن هو پنهنجي شيخ حضرت قبله رحمة الله خواجه نور احمد وٽان فيضياب ٿي هتي آيو تڏهن هن وٽ ٽي سيد زاديون آيون پر جڏهن هنن کي خبر پئي ته هيءُ پٺاڻ آهي ته هو هليون ويون. پوءِ پاڻ کين سڏي چيو ته، ”مان سيد آهيان ... مان سيد آهيان ... مان سيد آهيان!“ فقط هڪ جاءِ تي اها ڳالهه ملي ٿي باقي هر جاءِ تي پٺاڻ ۽ گرگوجي وغيره جو احوال آهي. پر سندن والد جو نالو يا سندن والده جو نالو اتي جبلن ۾ توهان کي ڪو به ٻڌائي نه سگهندو.
خواجه محمد سليمان جو دور سکن وارو زمانو هو. هن علائقي ۾ گهرن جي تعمير ۽ ٻيون اڏاوتون شروع شروع ۾ هڪ سک مستري جهنڊا سنگهه ڪيون هيون. هتي اڄ تائين ٻه چار مندر آهن. جڏهن کان هتي مهاجر آيا آهن تڏهن کان هنن انهن مندرن ۾ گهر ٺاهي ڇڏيا آهن. هڪ مندر ۾ اسڪول قائم ڪيو ويو آهي.
گادي نشين ٻڌايو ته سليمان جبل يا تخت سليمان سان هن درويش جي ڪا به نسبت ناهي. تخت سليمان نالي جبل جي چوٽيءَ تي حضرت سليمان پيغمبر جو تخت هو، جتي هو ويهندو هو. ڪوهه سليمان جو جاگرافيائي يا تاريخي لاڳاپو سرحد ۽ بلوچستان سان آهي جتي جعفر قبيلو وڏي اڪثريت رکي ٿو. بهرحال اسان اهو معلوم نه ڪري سگهياسين ته حضرت سليمان واري ڏند ڪٿا ڪيئن آهي ۽ اها هتي ڪيئن پهتي. البت اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته قديم وقتن ۾ اها ڏند ڪٿا ايراني اثرن کان هتي پهتي آهي. تونسه شهر کان ڪوهه سليمان جو سلسلو فقط ٽي ميل پري آهي.
گادي نشين چيو، ”سکن جي وقت ۾ جڏهن هتي انگريز آيا. شاهه سليمان جي پوٽي واري وقت ۾ انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ هتان جو اڪثر سرڪاري عملو سکن تي ٻڌل هو. ان وقت انگريز بادشاهه کي اطلاع مليو ته هتي هڪ فقير آهي جنهن سان ملڻ لاءِ تمام گهڻا ماڻهو ڪشالا ڪڍي اچن ٿا. هن کي شڪ ٿيو ته متان فقير جي نيت بغاوت ڪرڻ تي هجي. ڇاڪاڻ ته تونسه ٽن صوبن جي سرحدن وٽ آهي. هيڏانهن سرحد ۽ بلوچستان ۽ هوڏانهن پنجاب. سو، تڏهن ڪو انگريز گورنر دهلي کان هلي هتي پهتو ۽ فقير کان پڇيو ته توهان خاندان جا گهڻا ڀاتي آهيو؟ تڏهن خاندان ۾ فقط ٻه ڀاتي هئا يا وري ٻه ٻه پٽ هوندن. هن پڇيو ته توهان هتي گهر پيا ٺهرايو. تڏهن هتي وڏي سراءِ (جڳهه) هئي جنهن ۾ هزارها ماڻهو ترسي ٿي سگهيا. اهو انگريز اصل ۾ اهو ڏسڻ آيو هو ته ماڻهو هتي ڇو ٿا اچن؟ ۽ هيڏا گهر ڇو پيا ٺهن ...“
”لڙائي نه ڪيائين؟“ انور گادي نشين کي ٽوڪيو.
”لڙائي ڇو ٿئي ها؟ معاف ڪرڻ اسان جي مسلڪ ۾ آهي ته جيڪڏهن وقت جو حاڪم کڻي ڪافر هجي يا مشرڪ، هن سان لڙائي ڪرڻ يا فساد ڪرڻ ٺيڪ ناهي.“
”تعاون ڪرڻ گهرجي؟“ انور، گادي نشين کي چيڙائڻ جهڙو سوال ڪيو.
”لڙائي نه ڪرڻ کپي باقي اهو توهان ٻڌايو ته ان کي تعاون چئجي يا نه چئجي“ گادي نشين وڏي ڳيت ڏيئي چڙ پيتي، ”جهڳڙو نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته حڪومت جي حڪم ۾ ڪمزوري ٿيندي ته ملڪ ۾ خرابي پيدا ٿيندي ... اهو درويش جي ڪاڳرن ۾ محفوظ آهي ... جيئن رنجيت سنگهه جي زماني ۾ خرابي پيدا ٿي هئي ...“
”جڏهن جارج پنجم جي تاج پوشي ٿيڻ لڳي هندستان ۾ ... تڏهن هتان جي گورنر درويش کي اطلاع موڪليو ته توهان مهرباني ڪري اچو ... هن جو خيال هو ته درويش هٿان تاج پوشي ڪرائي وڃي ... تڏهن هن گاديءَ تي خواب حامد صاحب عليه رحه هو. حاڪم جو حڪم هو ... تنهن تي هن جواب موڪليو ته تاج پوشي ڪرائڻ فقيرن جي ذميواري ناهي البت مان دهلي ايندس ... اتي پنهنجي ڏاڏي بزرگ جي عرس تي ويندو آهيان ... ان ڪري جيڪڏهن توهان جو بادشاهه ان موقعي تي اچي نڪري ته پوءِ مان سندس تاج پوشي ڪندس ... هاڻي اهو نمونو ٿي ويو آهي جو علماءِ حڪومتن سان حمايتن ۽ مخالفتن ۾ پيا هلن. اسان جي بزرگ ائين نه ڪيو.“
هيءَ درگاهه اوقاف جي سنڀال هيٺ ناهي. درويش بابت هڪ ڳالهه اها به ٻڌائي وئي ته هڪ ڪمري ۾ هڪ ٿنڀي تي ٻه نشان آهن جيڪي ان مهل ٺهيا جڏهن درويش وجد جي حالت ۾ ٿنڀي تي آڱر ۽ اڱوٺو رکيو. ڪريم ميمڻ اهي نشان مووي ڪئمرا ذريعي محفوظ ڪري ڇڏيا.
اسان جيئن ئي گادي نشين سان گڏ درگاهه ۾ گهڙياسين، گادي نشين ڌُو وڃي سجدي ۾ ڪريو. سجدي مان نڪري اسان ڏانهن ڏٺائين. اسان مان ڪنهن کي به پوئواري ۾ سجدو نه ڪندي نه ڏٺائين ته همراهه کي ڏاڍي چڙ لڳي پر ڪاوڙ پي ويو. ويتر جو ڪريم ميمڻ ۽ محمد عليءَ پنهنجين ڪئمرائن ۾ چٽساليءَ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ قبرن کي پٺي ڏني ته صفا چڙي پيو چوي، ”احترام نٿا ڪريو ته نه ڪيو پر گهٽ ۾ گهٽ منهنجي آڏو ته قبرن کي پٺي نه ڏيو.“
سنڌ ۾ به پيرپرستي ۽ قبرپرستي گهڻي آهي پر هتي ته دنگ هو. سنڌ ۾ ڪنهن به درگاهه تي ’سجدو‘ ڏيڻ جي روايت ناهي البت چانئٺ چمڻ يا چانئٺ تي هٿ رکڻ عام آهي. جيتوڻيڪ چانئٺ چمڻ مهل ماڻهو سڄو جهڪي وڃي ٿو پر ان هوندي به اهو سجدو ناهي.
پير پٺاڻ جي درگاهه کان نڪري واپس بازار ۾ آياسين ته اُتي ڪيئي مريد وڪوڙي ويا، ”سائين! هي سيد ناهي ... پٺاڻ آهي، حضرت امام جعفر جو اولاد ناهي ... سڀني کي خبر آهي ته جعفر قبيلي جو پٺاڻ آهي ... گادي نشين ڪوڙ ٿو هڻي.“
تاريخ ضلع ديره غازي خان جو ليکڪ منشي حڪم چند 1875ع ڌاري هن درگاهه بابت لکي ٿو ته، ”خواجه محمد سليمان قوم افغان گوت عشقون معروف جعفر جو قديم وطن خراسان آهي. اتان لڏي درگي واقعي ڪوهستان باغستان ۾ اچي رهيو جيڪو تونسه کان اولهه طرف جبل ۾ آهي. سندس پيدائش 1179 هجريءَ ۾ ٿي ۽ سندس نالو ’مانا‘ رکيو ويو. هن تونسه شيخو لنگاهه ۽ مٺڻ ڪوٽ ۾ علم پرايو. پوءِ خواجه نور محمد مهار والا جو مريد ٿيو. تڏهن پير سندس نالو ڦيرائي محمد سليمان رکيو. هو 1199 هجري ۾ دهلي ۽ اجمير زيارتن لاءِ ويو ۽ پوءِ پنهنجي وطن گرگوجي هليو ويو. وري تونسه اچي رهيو. نواب بهاول پور سندس مريد ٿيو 1267هه ۾ وفات ڪيائين. نواب بهاول خان سندس روضو پختو ڪرايو. سندس عرس تي پنج هزار مريد جمع ٿين ٿا. ميلي ۾ ميراثي راڳ ۽ غزل ڇيڙين ٿا، ساز وڄائين ٿا ۽ فقير وجد ۾ اچي نچن ٽپن ٿا ۽ آهه زاري ڪن ٿا. ان رقص کي ’حال‘ چون ٿا. ماڻهو هر قسم جي ڀيٽا ڏين ٿا.“
شهر جي ڊيگهه هڪ ميل کن آهي. شهر ۾ چَچه پٺاڻ ۽ ڀُٽا وڌيڪ آهن. درگاهه تي هر سال ميلو لڳي ٿو. گذريل ميلو مهينو ڏيڍ اڳ لڳو هو. وڏو ميلو 5 صفر تي لڳندو آهي. ٽي ڏينهن شهر ماڻهن سان ٽٻيل رهندو آهي. پنجاب ۽ سرحد مان ماڻهو اچن ٿا. ٻيا ته ننڍا ننڍا ڪيئي ميڙا لڳن ٿا، جيترا گذاري ويل گادي نشين اوترا ميلا. درگاهه تي بلوچستان جا مري ۽ بگٽي به اچن ٿا.
”ٻيا ڪير ڪير اچن؟“ اسان هڪ دڪاندار کان پڇيو.
”ملڪ ملڪ جا ماڻهو اچن ٿا ... مديني کان به اچن ٿا.“ دڪاندار شايد جذباتي ٿي ويو هو. شايد ڪڏهن ڪو ٿڙيو ٿاٻڙيو عرب هتي پهتو هجي. ”پير پٺاڻ سيد ناهي هو بلوچستان جي موسيٰ خيل ضلعي لورالائي مان هتي آيو هو.“
دڪاندار جو لهجو سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جهڙو هو. اسان کانئس اباڻي ٻوليءَ بابت پڇيو. چيائين، ”کيتراني“.
”کيتراني؟“
”هائو!“ هن ڪوهستانين وانگر هائو کي ڊگهو ڪري چيو.
”ڪي ٻيا به چار جملا“ اسان اردو ۾ پڇيا.
”هيڏي اچ ... هوڏي وڃ ...“ هيءَ کيتراني زبان هئي يا ٺيٺ سنڌي! مون ۽ انور هڪٻئي ڏانهن ڏٺو. هن ’ڏ‘ ۽ ’ڃ‘ جا آواز بلڪل ٺيٺ سنڌي صوتيات موجب ادا ڪيا.
”توکي سنڌي اچي ٿي؟“ اسان سوال ڪيو.
”هائو! سمجهه ۾ اچي ٿي.“ هن کيتراني ۽ اردو ۾ چيو. کيترانيءَ جو علائقو به لورالائي آهي.
شهر کان واپس ايندي ايندي اسان روزاني استعمال جي شين جا اگهه پڇيا. وڏو گوشت 20 رپيا ڪلو، ننڍو گوشت ويهين رپين جو ڪلو، بصر ڏيڍ رپئي ڪلو، مقامي ماڻهن ’ڏيڍ‘ کي سنڌي وانگر ’ڏيڍ‘ ئي چيو. ماپ طور جي نظام ۾ هڪ لفظ استعمال ڪن، ’ڌڙِي‘ ڌڙي معنيٰ ’پنج‘ (ڪلو). بصر کي ’بصل‘ چون. ننڍڙا ڳاڙها مرچ ويهه رپيا ڪلو (مرچن جي اها جنس ايشيا ۾ وڏي ۾ وڏي مارڪيٽ ٺاهي ٿي ۽ ميرپور خاص لڳ ڪُنريءَ ۾ لهي ٿي).
سياسي طور تي هر شهر ۾ پيپلز پارٽيءَ جو زور هو. روڊن، رستن، دڪانن ۽ گهرن تي پيپلز پارٽيءَ جا جهنڊا ۽ بينر پئي ڦڙڪيا. اسان واري ٽيم بابت ماڻهن جو خيال هو ته اسان کي نواز شريف موڪليو آهي. هنن هڪٻئي سان وڏي آواز ۾ تبصرو ٿي ڪيو. سندن لهجي ۾ چٿرون ٿي جهلڪيون. ثقافتي طور تي اجرڪ جو به ڪجهه نه ڪجهه ڪردار نظر اچي ٿو.
معاشي لحاظ کان تونسه کي سٺو مستقبل ٿي سگهي ٿو پر هتي ڪا به صنعت نظر نه آئي. سليمان جبل ۾ ڍوڍڪ ۽ هڪٻئي هنڌان تيل ۽ گيس نڪري ٿي پر هتي روڊ به نه وڌا ويا آهن. هڪ مقامي ماڻهوءَ شڪايت ڪئي، ”تيل ڪمپنيءَ وارن کان ايترو به نه ٿو پڄي جو خالي گاڏين ۾ کڻي پنڌ ويندڙ ماڻهن کي منزل ويجهو لاهين ...“
محمد علي ۽ ڪريم پنهنجو ڪم پورو ڪري سنڌوءَ ڪناري شاندار نيرن ڪرائڻ جو بندوبست ڪري ورتو. نان، دال ۽ ڀاڄي. ڪم پورو نه ٿيو هو، پر ڏنل شيڊول کان هڪ ڪلاڪ دير ٿي چڪي هئي.