ٽوڙي بنگلي ۾
ٽوڙي بنگلي تائين پهچندي پهچندي ٽپهري ٿي وئي. گاڏيون ٻن واهن جا ريگيوليٽر ٽپي گهاٽن وڻن ۾ لڪل شاهي بنگلي تائين پهتيون هيون. هن ٻه ماڙ بنگلي کي ڏسي شهرن جا وڏا سرڪٽ هائوس ياد اچيو وڃن. وڏا ورانڊا، وڏو هال، وڏا ڪمرا، سوئمنگ پول، بورچي خانا، نوڪرن جا ڪوارٽر، ڪيئي ڪيئي ايڪڙن ۾ پکڙيل باغيچو ۽ مڪمل خاموشي.
چئني پاسي ٻيلو، ڪچي جو علائقو ۽ واهه. بنگلي ۾ هڪ لئبرري به هئي، جيڪا هاڻي ڳريل پنن کان سواءِ ڪجهه به ناهي. سڀ ڪتاب پنو پنو ٿي ويا آهن. اهي ڪتاب انگريزي ادب ۽ يورپ جي تاريخ تي هئا. اريگيشن کاتي وارا ريسٽ هائوس ٺاهي ڄاڻن! ٽوڙي بنگلو به هڪ انگريز جي نالي پويان قائم ٿيل ريسٽ هائوس آهي.
ٽوڙي بنگلو 1902ع ۾ ٺهيو آهي. ان جي ڀر ۾ ٺهيل شاندار سوئمنگ پول نوٽ ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. سوئمنگ پول کي ڇت آهي. پاسن کان ٺل، در ۽ دريون اٿس. تلاءَ کي ڀرڻ لاءِ هڪ کوهه کوٽيو ويو هو. تلاءَ ۾ هيٺ هڪ سوراخ رکيو ويو آهي جنهن مان پاڻي ڪڍيو ٿي ويو.
عام طور تي سرڪاري عملدار پنهنجي سک لاءِ شاندار ريسٽ هائوس ٺهرائيندا آهن. جتي ريسٽ ۽ عياشي گهڻي ڪن، ڪم گهٽ. انگريزن جا ٺهرايل ريسٽ هائوس ڏسي ڪنهن به قسم جو ساڙ يا ڪاوڙ نٿي ٿئي. انهن سچ پچ ته اوترو ڪم به ڪيو آهي. انگريز سرڪار سياسي ۽ معاشي فائدا ورتا، سو پنهنجي جاءِ تي پر انگريز سنڌ جي ترقيءَ ۾ وڏا بنيادي ڪم ڪيا آهن. بئراجن جو نظام، ريلوي سرشتو، سائنسي بنيادن تي تحقيق جو ڪم ۽ روڊن جو ڄار! سچ پچ ته هو سنڌ جي ترقيءَ جا بنياد رکي ويا آهن.
ٽوڙي بنگلي تي قافلو پهچڻ کان اڳ، هتي پوليس جو جٿو پهچي پوزيشن سنڀالي چڪو هو. شبير ٻيڙيءَ جي مرمت جي ڪم ۾ جنبي ويو، ٻيا نوجوان سندس مدد لاءِ ويجها ٿيا. اسان کي خبر پئي ته ڪجهه سال اڳ جنهن هنڌان درياهه کنڊ هڻي اولهه وارن شهرن کي ٻوڙڻ جا سانباها ڪيا هئا، اهو ماڳ هتان ميل ڏيڍ تي آهي. اتي نوان حفاظتي بند ٻڌا ويا آهن. اسان اها جاءِ ڏسڻ جي فرمائش ڪئي پر آبپاشي کاتي وارا دل ٻڌي نه سگهيا.
”نه سائين اسان ذميواري نه کڻنداسين ... زمانو ڏسو ٿا پيا ... مهل نه مهل جهڙي ... ملڪ پيو ٻَري ...“
اسان پوليس وارن سان ساڳي ڳالهه ڪئي پر هو به تيار نه ٿيا، ”سائين بهتر آهي ته ان ڳالهه تان لهي وڃو ... خدانخواسته جيڪڏهن ڌاڙيل ڪٿي آمهون سامهون ٿي وڃن ته ... نقصان ٿي سگهي ٿو.“
آبپاشي کاتي جي هڪ عملدار ٻڌايو ته ميل ڏيڍ پري واري ماڳ تي درياهه هاڻي بند کان ڪو ڇهه سؤ فُٽن تي اچي بيٺو آهي. خدانخواسته جيڪڏهن بند ڀڄي پيو ته پوءِ درياهه جو پاڻي جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي کي ٻوڙيندو. خبر ناهي ته ان وقت هن ڪيترو وڌاءُ پئي ڪيو، جڏهن هن اِهو به چيو ته درياهه جي سطح هتي ايتري اوچي آهي جو بند ڀڄڻ کانپوءِ جيڪب آباد جو گهنٽا گهر به ٻڏي ويندو!
سج لهي ويو ته اونداهيءَ ٻيلن کي لڪائي ڇڏيو. ماحول ۾ اهڙي سانت پکڙجي وئي جو خوف ٿيڻ لڳو هو. اونداهي آزاد دنيا کي به محدود ڪري ڇڏيندي آهي پر ٽوڙي بنگلي کان ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڌاڙيلن جا ٽولا ته آزاد هئا جن کي حڪومتون روڪي نه سگهيون آهن.
هڪ سپاهيءَ جي ڊيوٽي بنگلي جي درتي هنئي وئي. ٻاهر نڪرڻ کان منع ٿي ڪيائين. اسان کانئس حال احوال شروع ڪيو.
”هتي ڪهڙا ٽولا سرگرم آهن؟“
”نادر جسڪاڻي ۽ قابل چاچڙ جا ٽولا هئا، هاڻي ته مارجي ويا ... هاڻي وري ڪجهه ساماڻا آهن! ٻيا سهاڳ ڪي ماڇي ... گهڻائي آهن.“
”هيءَ ڪهڙي بندوق اٿئي هٿ ۾؟“
”اسان ته هن کي ڪليشن ايس. ايم. جي (ڪلاشنڪوف سب مشين گن) سڏيندا آهيون.“
”هن جي حالت ايتري خراب ڇو آهي؟“
”بس سائين سرڪاري شيءِ آهي، حفاظت ناهي ...“ سپاهيءَ خبرون چارون ڏيڻ شروع ڪيون، ”چائنا جي آهي ڪٿان جي آهي ... ڏسو نشان ... هن جي مئگزين ۾ ٽيهه گوليون پونديون آهن ... ٻه ٻيون به پونديون هڪ چئمبر ۾ ۽ هڪ ٻي ... هن جي رينج پري ناهي، هي ويجهو جو هٿيار آ ... بس سائين گهيرو ٽوڙي سگهجي ٿو، سوڙهه ۾ شهر ۾ ٺيڪ آهي ... سنگل فائر به ڪري، مرضي پوي ته هڪ ڀيري ۾ سڀ هلايو، رڳو ليور کي هيڏي هوڏي ڪبو آهي ... هي هٿيار ملڪ ۾ گهڻو ٿي ويو آهي ... ماڻهو ڏهين، پندرهين، ويهين هزارين وٺيو اچن ... اڳي مهانگيون هيون ٽيهين پنجٽيهين هزارين پر هاڻي سستيون ٿي ويون آهن ... گولي به سستي آهي ٽن چئن رپين ۾ داڻو ملندو آ ... اسان کي (پوليس کي) گهٽ ملنديون آهن.“
”ڀلا ڌاڙيل ڇو وڌيا آهن ملڪ ۾؟“
”ماڻهو ناجائزيءَ کان تنگ ٿي ڌاڙيل ٿا ٿين ... ڏسو نه سائين وڏيرا ماڻهو ٻَڌائيندا آهن ... پوءِ پوليس به بعضي بعضي ناجائزي ڪري ٿي ماري ڪٽي ... پوءِ ماڻهو سفارشون ڪرايو يا پئسا پائي ڀري جند ڇڏائين ... ٻه ٽي ڀيرا ائين ٿئي ته ماڻهو بيزار ٿيو پون پئسا به کٽيو وڃن ... پوءِ کڻي الله توهر ڪن ...“
”ختم ٿيندا ڌاڙيل؟“
”نه ... ڪو نه ٿيندا.“ سپاهيءَ پڪ سان چيو.
”فوجي آپريشن سان؟“
”اڳي به ڪهڙو فائدو ٿيو؟ توهان ڪڏهن ٻڌو ته ڪنهن فوجيءَ ڪو ڌاڙيل ماريو هجي! ڪڏهن به نه ... وري به پوليس ماري ... پوليس به مئي ... مطلب ته پوليس ئي پئي ڪري ... فوجي ته رڳو ويچارا غريب ڳوٺاڻا ٻڌي پئي ڇان بين ڪندي.” سپاهي امن امان کان بنهه مايوس ٿي لڳو. چئي، “سائين ڀلا ڪيئن ختم ٿيندا ... جن جا ڀائر ۽ گهر ڀاتي مري ويا سي ڪيئن ماٺ ڪندا ... ڪورٽون به سزائون نه ٿيون ڏين ... سڀني کي خبر آ ته خوني ڪو نه جهلبا ... پوءِ ماڻهو پاڻ روپوش ٿي پيا پلئه ڪن، انت ڌاڙيل ٿيو وڃن ... نه سائين! سلسلو ڪو نه ٿو کُٽي ...!“