ديري غازي خان ڏانهن
ساڍي ڏهين لڳي ٻيڙين تونسه کان هيٺ چيلهه جيتري پاڻيءَ مان ديري غازي خان جي واٽ ڳولهڻ شروع ڪئي. ٻيڙين جي پنچرن جي مرمت، انجڻيون فٽ ٿيڻ، هوا ڀرڻ ۽ ناشتو ڪرڻ ۾ چڱي دير لڳي وئي. هميشه وانگر هن ناشتي کي به منجهند جي ماني تصور ڪري انصاف ڪيو ويو. اڄوڪو سفر ديري غازي خان جي سامهون درياهه جي اڀرندي ڪنڌيءَ تي غازي گهاٽ وٽ کٽندو.
ٻيڙيون اڳتي وڌيون ته چيلهه جيترو پاڻي وڌي مڙس جيڏو ٿي ويو. ٻه چار ميل اڳتي ويون ته ماڻهوءَ تار ٿي ويو. اها حيرت جهڙي ڳالهه هئي.
”ڪالاباغ ۾ ويهن ايڪيهن سالن جي هڪ نوجوان سنڌوءَ تي هڪ عجيب تبصرو ڪيو هو.“ انور پيرزادي کي پاڻيءَ جي صورتحال تي هڪ رهجي ويل ڳالهه ياد آئي، ”نوجوان پئي چيو ته هن درياهه مان جيترا ڪئنال کوليا ويا آهن، جيڪڏهن ايترا ڪئنال دنيا جي ڪنهن به ٻئي درياهه مان کوٽجن ها ته اهي درياهه سڪي وڃن ها ...“
اها واقعي حيرت جي ڳالهه هئي ته بئراج وٽ وڏيون ٻيٽاريون هيون ۽ ائين ٿي لڳو ته اڳتي سُڪ هوندي. بئراج جا سڀ دروازا بند هئا سواءِ هڪ جي جيڪو پڻ ٿورڙو کليل هو پر اڳتي هلي درياهه جو پيٽ ايترو ويڪرو ٿي ويو، جو انور کي ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ چوڻو پيو:
”مَئي متي مهراڻ جو، نڪو آر نه پار ...“
ڪروڙ شريف کانپوءِ سنڌوءَ جو لاڙو سر ڏکڻ طرف آهي. ٿل جي واريءَ درياهه جي پاڻيءَ کي ڍُڪ ڀرڻ لائق نه ڇڏيو آهي. اڃا بئراج وٽ ڪجهه پاڻي صاف هو ڇاڪاڻ ته بئراج جي ڍنڍ ۾ واري ويهي رهي هئي. لٽ درياهه جي سونهن گهٽائي ڇڏي آهي. ٻنهي ڪنارن جي ويرانيءَ ته هيڪاري درياهه کي رڻ مان لنگهندڙ ۽ ٿڪل سڪندري فوج جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. مٿي نيرو آڪاس، ڪنڌيءَ کان وارياسين ڀِتين جي ڀڳل ٽٽل سرمائي ديوار ۽ پري اولهه ۾ هڪ اوتاهين جبل جو ڌنڌلو پاڇو. هيءُ اهو لاڳيتو منظر آهي جيڪو اسان کي ڪالاباغ کانپوءِ مليو آهي، جيڪو شايد گدوءَ تائين ساڳيو ئي رهندو. نظارن جي هڪجهڙائي بنهه ٿڪائي وجهي ها جيڪڏهن ڪنڌيءَ تي بيٺل ماڻهو ۽ ٻارڙا هنڌ هنڌ هٿ لوڏي ۽ واڪا ڪري نه کيڪارين ها. پر هيءُ ته وارياسو پٽ هو، اهڙيون کيڪارون ڪنهن ڪنهن مهل نصيب پيون ٿين. البت ڪنڌين تي يا ڪنڌين کان ڪجهه پر ڀرو قائم شهرن ۽ اتان ملندڙ عجيب غريب خبرن چارن اداس منظرن ۾ ڏاڍا سهڻا رنگ ٿي ڀريا. اهڙا رنگ جيڪي سنڌوءَ جا پنهنجا هئا، جيڪي دنيا جي ڪنهن به ٻئي درياهه کي حاصل نه هوندا.
ڪريم ميمڻ هڪجهڙا منظر ڀري ڀري ٿڪجي پيو هو، پر جيئن ئي ڪو نئون منظر آڏو ٿي آيو، وڊيو ڪئمرا جو رخ اوڏانهن ڦري ٿي ويو. ٽيم ۾ شامل پراڻا مهم جُو چون ٿا ته ڪا به مهم شروع ٿيڻ وقت ٽيم تازي توانائي ۽ اسپرٽ ۾ هوندي آهي اهو سلسلو اڳتي برقرار نه رهندو آهي. هڪ همراهه چيو،
”پهرين ڏينهن وڏو شوق هوندو آهي، ٻئي ڏينهن به وڏو اتساهه هوندو آهي، ٽيون ڏينهن به ٺيڪ گذرندو آهي پر چوٿين ڏينهن کان ٿڪاوٽ جون جهلڪيون ظاهر ٿينديون آهن، پنجين ڏينهن سنهو ٿلهو تڪرار ٿيندو آهي ڇهين ڏينهن همراهه پِڙ ڪڍي بيهي رهندا آهن ستين ڏينهن هڪٻئي جي شڪل نه وڻندي آهي.“
پر اسان جي ٽيم ۾ اڃا تائين ٿڪاوٽ جو ڪو به آثار ظاهر نه ٿيو آهي. شايد اهو سنڌوءَ سان عشق جو مسئلو آهي. سڄي ساري ٽيم صبح جو ساڍي ڇهين کان رات جو يارهين لڳي تائين مصروف رهي ٿي. سفر به ڪو آرام ڏيندڙ ناهي. هڪ ٽيوب تي سفر ڪرڻ آهي. اگهاڙي فطرت ۾ ٻاويهن ڏينهن جو سفر ٿوري ڳالهه ناهي. گهٽ ۾ گهٽ ويجهي ماضيءَ تي سنڌوءَ ۾ ٻاويهه ڏينهن ڊگهي ڪا مهم ڪو نه هلي آهي. سڄي ڏينهن جي ٿڪائيندڙ سفر کان اڳ يا پوءِ ڪنڌيون يا شهر ڏسڻ، نوٽس ٺاهڻ، فلمبندي ڪرڻ ۽ انٽرويو ڪرڻ جو ڪم پاڻ کي ماري وجهڻ کان گهٽ ناهي. اڄ ته خير سان نائون ڏينهن هو. اڃا منزل پري آهي. ’نوري‘ ۽ ’مورڙو‘ ٻيڙيون ڏاڍي جفاڪشيءَ سان سڄو بار کنيو ڪاهي رهيون آهن. مورڙو ٿورو مڙس ماڻهو آهي، نوري ته هونئن ئي نماڻي آهي. ڊوڙ ۾ وري وري پوئتي رهجيو وڃي. مجبور ٿي مورڙي کي به پنهنجي رفتار ڍري ڪرڻي پوي ٿي. نيٺ به زال ذات کي اڪيلو ته ڇڏي نٿو سگهي.
سنڌوءَ جي پائيندڙ ٻنهي ڪنارن تي جاري آهي. هنڌ هنڌ ڀڪون ڪرڻ جو منظر ڏسجي ٿو. درياهه جي ڊيگهه ويڪر پنهنجي جاءِ تي گهڻي سهي پر ان جي گهرائي تمام گهٽ آهي. بس سِير آهي جنهن ۾ ايترو پاڻي آهي جو ان مان لانچ سولائيءَ سان تري ٿي. پر اها سير به هڪ ننڍو چئنل آهي. ٿورڙي ڀل چُڪ سان ئي ٻيڙيون وڃي تري سان لڳن ٿيون. حقيقت ته اها آهي ته سنڌو درياهه تراکڙي ميدان مان لنگهي رهيو آهي جنهن ۾ هن پنهنجو سفر جاري رکڻ لاءِ ڌرتيءَ کي ڪوري چئنل ٺاهيو آهي. اهو چئنل نانگ جي ورن وڪڙن وانگر هڪ ڪنڌيءَ کان ٻي ڪنڌيءَ تي وڃي ٿو. ڪنڌين وٽ هيٺين ڪور گهڻي هئڻ ڪري ڪٿي ڪٿي اونهائي 15-20 فٽن کي پهچي ٿي، نه ته پاڻي ٻه چار فٽ به ناهي.
ان هنڌ پاڻي ڪجهه اونهو هو جو اتي ٻلهڻون موجود هيون. هڪ ٻلهڻ درياهه جي سطح تي اڀري ٽپو ڏنو ۽ پوءِ ڊگهي گُهت هڻي هيٺ هلي وئي. ٻلهڻ کي شايد انجڻين جي آواز ڇرڪائي وڌو هو. اسان گهڻي وقت تائين درياهه جي سطح تي اکيون ڦيرائيندا رهياسين، ڪريم ميمڻ ڪئمرا جو فوڪس ويڪرو ڪري ٻلهڻ جو ٽپو محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪا مهل بيٺو رهيو پر ٻلهڻ وري ظاهر نه ٿي. ڪالاباغ کان وٺي هيستائين هيءُ ٽيون چوٿون ڀيرو هو جو ٻلهڻ ظاهر ٿي هئي. اها سيڪنڊن جي ڳالهه آهي، ڪا به ٻلهڻ يا ٻي مڇي رواجي ٽپي مهل ٻن ٽن سيڪنڊن ۾ وري گم ٿيو وڃي.
سنڌوءَ جي پکڙيل وهڪري جو هڪ فائدو اهو آهي جو اهو پرديسي پکين کي پري کان نظر اچي ٿو. سياري منهن ڪڍيو آهي. لاڏائو پکين جا پهريان قافلا سنڌوءَ جي وسيع تراکڙي پيٽ تي لهي چڪا آهن. گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان پکين جا ولر بار بار نظر اچن ٿا پر انهن ۾ مقامي پکين جا ولر به آهن. پرديسي پکي جيڪي انسان جي ٺاهيل سياسي سرحدن کي ڪو نه مڃين، الپس جبل جون چوٽيون ۽ هماليه جي الهندي قطار ٽپي سنڌوءَ تي تڙڳڻ لاءِ پهتا آهن. انهن مان ڪيترا جيئرا سلامت وري پنهنجن ڪکن ڏانهن موٽندا؟ اهو سندن نصيب آهي. ويچارا ساهه تريءَ تي کڻي سنڌوءَ جو پاڻي پيئڻ اچن ٿا پر ماري ميرا ڪپڙا ۽ بغل ۾ بندوق کڻي انهن جي ڪڍ ڪاهيو پون.
سنڌوءَ تي ڪونجن جون قطارون، انهن جي ڪڻڪار، بدڪون ۽ انهن جي من لڀائيندڙ ترڻي، سنڌوءَ جي سونهن جا اضافي رنگ آهن. هڪ سرخاب (مُنگهه، للو هنج)(Brahminy Duck) ٻيڙين کي ڏسي ڀر واري ٻيٽاريءَ تان پر ڦڙڪائي پرتي اڏامي ويو. سرخاب ڏسي سڀني کي مايوسي ٿي، هيءُ ڪو ايترو سهڻو پکي ته ڪو نه هو جو ان کي تشبيهه ۾ ڪم آڻجي. تشبيهه ۾ چون، ”توکي وري ڪهڙا سرخاب جا پر لڳل آهن؟“ سرخاب جي پرن ۾ ٻي ڪا خاص ڳالهه ڪو نه هئي. سواءِ ان جي ته پرن جي اندرين پاسي جسم وارا کنڀ ڳاڙها هئا. باقي پاڻ ته سرمائي گاڏڙ بادامي رنگ جو پکي هو. سرخاب پرديسي پکي ناهي. اهي ئي سنڌوءَ جا ڪنارا سندس وطن آهي. ٻيٽن تي بيٺل وڻ ٻوٽا سَر، ڊڀ، ڪنڊي ۽ لئو کين لڪائين ٿا. خاص ڪري اهي جيڪي ٻيٽن تي آهن ڇو ته گدڙ وغيره اتي نٿا پهچي سگهن. درياهه جي الهندي ڪپ طرف ٽالهي ۽ بهڻ جا وڻ ڏسجن ٿا.
ٽپهريءَ ڌاري ديري غازي خان جي نئين پل هيٺ ٻيڙين لنگر هنيو. غازي گهاٽ واري قديم ٻيڙين جي پل هاڻي کڄي چڪي آهي. نئين پل ٺهي 5-6 سال ٿي چڪا آهن. تنهنڪري پراڻي پل جي ضرورت باقي نه بچي آهي. طوطي خان ٻڌائي ٿو ته اها پل سُڪي تي تيار ڪئي وئي ۽ پوءِ هوريان هوريان درياهه جو رستو ڦيرائي پل هيٺان ڪري ڇڏيائون.
پنجاب سرڪار جي عملدارن هتي به ڪو سٺو ورتاءُ نه ڪيو. جيئن ئي تنبو کوڙيا ويا ٻه چار پوليس وارا اچي نازل ٿيا. ”توهان کي هتي ترسڻ جي اجازت ناهي!“
”ڇو؟“
”ڇو ته هتي پوليس آفيسرن جي پڪنڪ آهي، هو ٻارن سان ايندا.“ ٿوري دم کانپوءِ هڪ صوبيدار آيو. مٿان بند تان بيهي بڪ ڪيائين. هيٺ ڪنڌيءَ تي لهي اچڻ سان عزت پئي گهٽجيس. هيٺ نه لهي نه لٿو. اسان تنبو نه اکيڙي نه اکيڙيا. پوءِ هو هليو ويو. ٽيم جو ضد ۽ سنڌ سرڪار جي گاڏي ڏسي همت نه ٻڌي سگهيو هوندو.