سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران
نامياري اديب، محقق ۽ تاريخدان بدر ابڙي جو لکيل ڪتاب ”سنڌوءَ جو سفر 1989ع) اوھان
اڳيان پيش آھي.
ھي ڪتاب انڪري بہ منفرد
آھي جو بدر ابڙي پنھنجي ساٿين انور پيرزادي ۽ ڪليم لاشاري سان گڏ 1989ع ۾ Indus
Expedition جي
نالي سان 12 ماڻھن تي مشتمل ٽيم سان گڏ 22 ڏينھن ۾ سنڌوءَ جي مھم جوئي ڪئي، جيڪا
اٽڪ کان ڪابل نديءَ جي ڇوڙ وٽان شروع ٿي ڪيٽي بندر تائين توڙ پھتي. انور پيرزادو
لکي ٿو: ”ھي ڪتاب ظاھر ۾ تہ ھڪ سفرنامو آھي پر بدر ان کي تحقيق جو ھڪ ڳٽڪو بڻائي
ڇڏيو آھي. جيئن تہ ان جو موضوع سنڌو درياءُ آھي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو تہ ھي ڪتاب
سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي ثقافتي وجود جي تاريخ آھي.
ھي ڪتاب 1994ع ۾ سنڌيڪا
اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ
نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي
)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com