آمري
بزن جهڏي کان واپسيءَ جو اعلان ٿيو ته، جيپون هڪ ڀيري وري جبل لتاڙي انڊس هاءِ تي چڙهيون ۽ ڏکڻ رخ ۾ سفر ڪنديون، آمريءَ جي دڙي تي بيٺيون. آمريءَ جا دڙا انڊس هاءِ وي جي ٻنهي ڪنڌين تي آهن. الهندي پاسي هاءِ وي تي هوٽلون مسافرن کي گهڙي سوا لاءِ آرام جي آڇ ڪن ٿيون. چانهه، پاڻي، ماني ۽ گهڙي سوا اهلي پوڻ لاءِ کٽ. آمري ريلوي اسٽيشن به آهي جيڪا. الهنديءَ سج جي مسافرن لاءِ نعمت کان گهٽ ناهي. دڙن جي ڪل پکيڙ لڳ ڀڳ ويهه ايڪڙ آهي.
هوٽلن جي پويان کنڊرن مان چار پنج سال اڳ ڪاري رنگ جي هڪ سُهڻي ڪُني لڌي وئي آهي، صحيح سالم حالت ۾. اها ڪُني رني ڪوٽ جي چوڪيدار صادق گبول کي هنن هوٽل وارن وٽان ملي. الهندن کنڊرن جي کوٽائي اڃا نه ٿي آهي البت روڊ جي اوڀر وارن کنڊرن جي کوٽائي ۽ تحقيق جي ڪهاڻي موجود آهي.
مير علي شير قانع 1182 هجريءَ ۾ لکي ٿو ته، راجا دلوراءِ جي پيءُ جو نالو ”آمر“ هو ۽ هيءُ شهر ان جي نالي پويان آهي. مڙئي ڪنهن نه ڪنهن نموني شهر جي تباهيءَ جو فرياد دلوراءِ خلاف داخل ڪرايو ويو.
”آمري“ نالي سنڌ ۾ ٻه ٻيا کنڊر به آهن. هڪ کنڊر ٽنڊي جان محمد لڳ آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اتي ڪنهن وقت ۾ آمري (گدامڙيءَ) جو وڻ هو جنهن تي جنن ڀوتن جو واسو هو. هڪ روايت موجب هڪ ڀيري شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ خواب ۾ انهن جنن سان گفتگو ڪئي ۽ ڪنهن ڳالهه تان جنن سان جهيڙو ٿي پيس. ان کان پوءِ شيخ صاحب پاڻ راتو رات اتي پهچي اهو وڻ پاڙئون پٽائي ڇڏيو. ٻيو کنڊر ڊملوٽيءَ وارن کوهن کان 5_6 ميل اتر طرف ”نٿالي جو ڪوٽ“ آهي جنهن کي مقامي ماڻهو ”آمري“ چون ٿا. اتي پڻ گدامڙيءَ جو هڪ وڻ بيٺو آهي. قديم آثارن جي ماهرن موجب نٿالي جو ڪوٽ سنڌو تهذيب جي کنڊرن مٿان ٺهيل آهي پر قلعي جو سنڌو تهذيب سان ڪو به تعلق ناهي ڇاڪاڻ ته اهو بجار کان جوکئي جي وقت ۾ ڪرمتين هٿان تباهه ٿيو هو. مشهور محقق سراج ميمڻ ٽنڊي الهه يار لڳ هڪ ديهه آمريءَ طرف به اشارو ڪري ٿو جتي اها روايت مشهور آهي ته، ديهه جي اوسي پاسي ۾ آمري ذات جي ڪافرن جو هڪ وڏو بت هو جنهن کي نصرپور جي هڪ بزرگ برباد ڪيو. سنڌ ۾ ”آمري“ ڪنهن ذات جو نالو به هو. سراج ميمڻ جو خيال آهي ته، آمري تهذيب جو تعلق ساڳي قديم قوم سان به ٿي سگهي ٿو.
آمري، دادو ضلعي ۾ درياهه جي ساڄي ڪپ مُهين جي دڙي کان اٽڪل هڪ سؤ ميل ڏکڻ ۾ آهي. هڪ امڪان اهو به آهي ته اهو شهر سنڌوءَ جي ڪنهن ننڍي شاخ يا اڙل واهه جي ڪپ تي هو جنهن جا نشان اڄ به لڪيءَ کان هيٺ ريلوي ڦاٽڪ لڳ موجود آهن. سنڌوءَ جي پرئين ڪپ تي اولهه طرف ويهه ميل پري، چانهونءَ جو دڙو آهي.
آمريءَ واري دڙي جي پهرين کوٽائي ڊسمبر 1929ع ۾ مجمدار ڪئي، هن ڪي ابتدائي نتيجا ڪڍيا پر مليريا جي حملي سبب ڪم مڪمل ڪري نه سگهيو. هن کانپوءِ سر جان مارشل دڙي جي کوٽائي ڪرائي. ابتدائي کوٽائين مان پتو پيو ته هتان اهڙو ٺڪراٽو به لڀجي ٿو جنهن جو تعلق مُهين جي دڙي واري تهذيب سان نه آهي. آرڪيالاجيءَ جي دنيا ۾ هيءَ هڪ وڏي دريافت هئي جنهن سان سنڌوءَ تهذيب جون پاڙون سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملي. هن قسم جو ٺڪريون سنڌ مان پهريون ڀيرو لڌيون ويون هيون.
1959ع ۾ هڪ فرانسيسي ٽيم، هتي کوٽايون ڪرايون. فريچ ماهر موسيو زان ماغي ڪاسل پنهنجي رپورٽ 1964ع ۾ پيش ڪئي. جنهن ۾ رپورٽ سان گڏ نقشا، خاڪا ۽ تصويرون شامل هيون. سندس رپورٽ موجب، هن دڙي ۾ کوٽائي جي قابل پنج دور هئا. جن مان پهريان چار دور تاريخ کان اڳ واري تهذيب سان تعلق رکندڙ هئا، جڏهن ته آخري مٿيون دور اسلامي دور جو هو. هُن اِهي دور ٺڪر جي ٿانون ۾ تفاوت جي بنياد تي مقرر ڪيا. اهو تفاوت ٺڪريءَ جي فن جو ارتڪا ظاهر پيو ڪري. سڀ کان آڳاٽا ٿانءَ ڪنين کان سواءِ هئا. چڪر ۽ آويءَ جو استعمال به هو پر 82 سيڪڙو ٿانو هٿ سان ٺپي ٺاهيل هئا. انهن تي ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جو ميلاپ آهي. ڊزائين جي اعتبار کان جاميٽريءَ وارا چٽ ملن ٿا، خاص ڪري اهي جيڪي سنڌي رلين تي موجود هوندا آهن. دڙي مان ڪٿان ڪٿان ٽامي جا ٽڪرا، ٺڪر ۽ سپن جون چوٿيون به لڀجن ٿيون جن سان ٺڪر سان گڏ سپن جي نفيس صنعت جو پتو پوي ٿو. سپن مان گول مڻيان به ٺاهيا ٿي ويا جن جي نفاست ڏسڻ وٽان آهي.
رپورٽ ۾ هيٺين پهرين دور کي اڃا به چئن عرصن ۾ ورهايو ويو آهي. مٿي ڄاڻايل اڪثر شيون، ان ئي عرصي مان لڀجن ٿيون. ٻئي عرصي ۾ مٽيءَ جون سرون ملن ٿيون. انهن سرن سان ٺهيل هڪ اهڙي ڪوٺي به لڌي وئي آهي. جنهن جي بنياد ۾ ڦِڪي ريتي آهي. سرن جي بيهڪ ۽ ماپ مختلف آهي. ٿانون جي نمونن ۾ فرق نظر اچي ٿو. ڪَنيءَ جي هيٺان ڳچيءَ تي ٻه پٽا نڪتل آهن جن جي هيٺان ٽڪنڊيون ڊزائينون آهن. ٽڪنڊن ۾ ڳاڙهسرو رنگ ڀريل آهي. هڏي ۽ پٿر مان گهڙيل ڪجهه ڇريون به ملن ٿيون. ٽيون عرصو ڪافي پکڙيل آهي. ان ۾ گهرن جون اڏاوتون مستطيل آهن ۽ انهن جي ماپ به جدا جدا آهي. پٽ ڪچو گاري جو ٺهيل آهي. ڀتن ۾ ڪاٺ جي استعمال جون شاهديون به ملن ٿيون. گهرو اڏاوت جو هڪ ٻيو قسم ڊگهي قطار ۾ ننڍين ننڍين ڪوٺين جي صورت ۾ ملي ٿو، جيڪي پڻ مستطيل آهن. اهي ڪوٺيون چئني پاسن کان بند آهن ۽ انهن ۾ رهائش جو ثبوت نٿو ملي. ماپ ۾ تمام ننڍيون هئڻ ڪري فرينچ ٽيم جو خيال آهي ته اهي گهرن جا تهه خانا يا وري گدام ٿي سگهن ٿا. چوٿين دور ۾ گهرن جو نمونو بهتر آهي. ٿانون جو ڪم به بهتر آهي. هن عرصي جو هڪ اهڙو به گهر ملي ٿو جنهن ۾ ڇهه ڪمرا هئا. انهن مان ٻه ڪمرا ساڳيا تهه خانن جهڙا آهن پر انهن ۾ دروازي جو ثبوت ملي ٿو. ان عرصي ۾ مُهين جي دڙي سان لاڳاپيل ڪجهه آثار ملن ٿا پر اهو عرصو بلوچستان جي ڪجهه آثارن سان به هڪجهڙائي رکي ٿو.
محترم سراج ميمڻ، جنهن مُهين جي دڙي واري ٻولي پڙهڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي، خيال ڏيکاري ٿو ته، آمريءَ مان لڌل ڪيترن ٿانون تي اهڙا نشان نظر اچن ٿا جيڪي ابتدائي ٻوليءَ جا ٿي سگهن ٿا. اهي نشان سادا، تقريباً مخروطي نموني جا ۽ چيني ٻوليءَ جي تصوري خاڪن جي صورت ۾ آهن.
آمري ڪلچر کي نل ثقافت به سڏيو وڃي ٿو، جتان پڻ ساڳئي قسم جو ٺڪراٽو ملي ٿو. نل بلوچستان ۾ قلات ڊويزن جي شهر خضدار کان ساڍا چار ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ آهي. آمري ۽ خضدار جي وچ ۾ مفاصلو اٽڪل اڍائي سؤ ميل آهي. ٻنهي دڙن مان لڌل ٺڪراٽي ۾ هڪجهڙائيءَ سبب ماهرن هڪ اصطلاح شروع ڪيو آهي. ”آمري _ نل ثقافت“. جيتوڻيڪ مسٽر وهيلر ٻنهي ٺڪراٽن ۾ ڪجهه فرق ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو، تنهن هوندي به ٻنهي ثقافتن جو پاڻ ۾ رشتو نظر اچي ٿو. اختلاف ڏيکاريندي، وهيلر نل ثقافت کي جابلو ثقافت سان ڳنڍيل قرار ڏيئي ٿو جڏهن ته ٻيا ماهر آمريءَ کي سنڌو تهذيب سان ملائين ٿا. اصل ۾ موسيو ڪاسل جي تحقيق جو بنيادي سوال ئي اهو هو ته، ڇا آمري ثقافت جي سنڌو تهذيب سان سڌي مائٽي آهي يا نه؟ سندس تحقيق موجب ائين ئي آهي، يعني آمري ثقافت جو نه رڳو سنڌو تهذيب سان ماءُ وارو رشتو آهي پر ڪوٽڏيجي ثقافت سان به سندس مائٽي آهي.
پکيڙ جي لحاظ کان آمري تهذيب جو دائرو ڪافي وڏو آهي. اها ثقافت وچ بلوچستان ۽ سنڌوءَ جي الهندي ڪپ کان بلوچستان جي سامونڊي ڪناري تائين پکڙيل آهي، يعني بولان لڪ، نئه ڪولاچي، منڇر، ٺٽو ضلعو، ڪوهستان ۽ ضلعو لسٻيلو به ان دائري ۾ شامل آهن. آمريءَ جو سڀ کان قديم تهه 3540 قبل مسيح کان 320 قبل مسيح جو آهي، جڏهن ته آخري (اسلامي) زمانو سورهين صديءَ جو آهي. اندازو آهي ته چوٿين ۽ پنجين دور جي وچ ۾ اٽڪل تيرهن سؤ سالن جي عرصي ۾ هتي ڪا به آبادي نه هئي. چوٿين دور جي پڄاڻي 300 عيسويءَ ۾ ٿي هوندي.
جيئن ته سڀ کان پراڻي زماني ۾ گهرن جو ثبوت نٿو ملي تنهن ڪري سمجهيو وڃي ٿو ته تڏهوڪا ماڻهو آمريءَ ۾ جهوپڙيون ٺاهي رهندا هئا. آمريءَ جو ٻيو زمانو سنڌو تهذيب کي وڌيڪ ويجهو آهي. ٽيون زمانو چئن عرصن ۾ ورهايل آهي. پهريان ٽي عرصا سنڌو ماٿريءَ سان ميل کائين ٿا، جڏهن ته چوٿون حصو جهڪڙ واري ثقافت سان تعلق رکي ٿو. چوٿون زمانو جهنگر (Jhangar) ثقافت جهڙو آهي، جنهن جهڙو ٺڪراٽو وري چانهونءَ جي دڙي مان به ملي ٿو.