شڪارپور
شڪار پور پهچندي پهچندي منجهند جو هڪ وڄي ويو. ڊاٽسن پڪ اپ تي سوار نوجوان سڌو سکر نڪري ويا. اسان جڏهن هتي پهتا آهيون ته هن شهر جي عمر 373 سال آهي. شهر جو بنياد وجهندڙ دائود پوٽو ڪٽنب ماضيءَ جو پڙاڏو بڻجي چڪو آهي. اڄڪلهه سومرا، پٺاڻ. قاضي. ميمڻ ۽ شيخ برادريون پيون ڏسجن. دائود پوٽا به آهن پر ٿورا.
جيپ شهر جي ٽاور لڳ بيٺي. اسان ماڻهن کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيو. ماڻهو مڙيا ته اسان کانئن رهنمائي گهري، ”دوستو توهان مان ڪو اسان کي شهر جون ڪي اهي پراڻيون عمارتون ڏيکاريندوجن تي ڪاٺ جي اُڪر جو ڪم ٿيل آهي؟“
”هائو! مان ڏيکاريانوَ! گهڻا پئسا ڏيندؤ؟“ هڪ همراهه ميڙ کي چيري اڳتي آيو. سڄي سنڌو ماٿريءَ ۾ هيءُ پهريون ماڻهو هو جنهن پئسن تي رهنمائي آڇي هئي. نه ته اسان ڏٺو آهي ته ماڻهو پنهنجي شهر جون عظمتون ڏيکارڻ لاءِ هڙان خرچ ڪندا آهن. شڪر ٿيو سنڌ ۾ ڪو ته اهڙو ماڻهو به مليو جنهن ڪاروباري بنيادن تي ڳالهايو. ڪاروباري مزاج شڪارپور جي نس نس ۾ هئڻ کپي، بهرحال هيءُ اهو شهر آهي جنهن پنهنجي واپاري صلاحيتن سبب دنيا ۾ نالو ڪڍيو.
”ڀائو پاڻ ڪير آهيو؟“ انور کانئس پڇيو. کيس پڪ هئي ته اهو ماڻهو ميمڻ يا شيخ هوندو جيڪي واپاري مزاج رکندا آهن.
”مان سيد آهيان!“ همراهه چيو ۽ سڀني کي ماٺ لڳي وئي. ڪن جي چهري تي هلڪي مرڪ پکڙجي وئي.
”توهان مون سان اچو..مان ٿو توهان کي ڏيکاريان!“ هڪ نوجوان ٻانهن کان جهليو، ”پر ڪاٺيءَ جو گهڻو ڪم هاڻي وڪامجي ويو آهي. ماڻهن در پٽي ڪراچيءَ جي واپارين کي وڪڻي ڇڏيا آهن.“
”چاچا، توهان هيءُ شهر پنهنجي ننڍپڻ ۾ ڪيئن ڏٺو؟“ انور هڪ جهوني کان پڇيو. ”عاليشان شهر هو ... پوري دنيا ڏسڻ ايندي هئي. دسهڙي جا ميلا لڳندا هئا ... ڏياريءَ جا ميلا لڳندا هئا ... ٻيا ميلا لڳندا هئا ... هفتي هفتي ميلو هوندو هو ... شاهي باغ ۾ لڳندا هئا ميلا ... اڳي هندو هوندا هئا جيڪي شهر کي پيا ٺاهيندا هئا ... وري جڏهن هليا ويا ته اِجهو هينئن ٿي ويو آهي.“
”ڀلا اڃا به هتي ڪاٺ جي ڪم جا ڪي وڏا ڪاريگر آهن؟“
”هائو! بابلاڻي آهن ... استاد نبي بخش بابلاڻي، علي رضا بابلاڻي، غلام رضا، منير حسين بابلاڻي، رحيم بخش بابلاڻي اڄ جا سٺا ڪاريگر آهن.“ جهوني نالا ڳڻايا.
شڪارپور وڏي ڳالهه هئي. سڄو شهر روز ڌوپندو هو. ميونسپل ڪميٽي چڱي شاهوڪار هئي. ڪنهن وقت ۾ شهر لاءِ ٽراموي منظور ٿي هئي. ان جا نقشا اڄ به دفتر ۾ موجود آهن. شهر ۾ سِڪا ٺاهڻ جون مشينون هيون. اسان هڪ گهٽي مان لنگهندي هڪ عمارت تي پڙهون ٿا، ”دي سينٽرل بينڪ آف انڊيا لميٽڊ“ هتي هاڻي پرائمري گرلز اسڪول آهي.
شهر جي ڍڪ بازار اڌ ميل ڊگهي آهي. هڪ ٻي بازار جو نالو سنڌ بازار هو، جنهن کي هاڻي شاهه لطيف بازار سڏين ٿا. اها به تمام ڊگهي بازار ليکي ويندي هئي. جو ماڻهو شاعراڻو مبالغو ڪري چون ٿا ته، ”ايڏي ڊگهي هئي جو سنڌ جي ٻين شهرن سان وڃي ملندي هئي.“ ان ئي بازار ۾ هندن جون گئوشالائون به هونديون هيون. شهر جي وڏن مندرن مان هڪ جو نالو، ”پُوڄ اداسين شري سماڌا آشرم“ آهي. ڀائين اسان کي مندر ڏسڻ جي موڪل نه ڏني. سبب اهوئي بابري مسجد ۽ رام مندر وارو هوندو. لڳي ٿو ته بابري مسجد ڪجهه سالن اندر وڏو تڪراري مسئلو بڻجي ويندو، خدا خير ڪري!
چون ٿا ته برطانيا جي راڻيءَ شڪارپور اچڻ جو پروگرام ٺاهيو ته هتي وڏو باغ ٺاهيو ويو. شاهي خاندان سان نسبت ڪري مٿس نالو شاهي باغ پئجي ويو. اڄڪلهه هن باغ کي شهيد الله بخش ميونسپل شاهي باغ ٿا چون. باغ جي مرڪزي اڏاوت شروع ۾ ڪاٺ جي هئي پر پوءِ ان جي مرمت دوران ان جي ڇت بدلائي لوهي چادر جي ڪئي اٿائون. شاهي باغ جي اڏاوت لاءِ پيڙهه جو پٿر 24- مئي 1871 ع تي رکيو ويو جڏهن ته عمارت سيپٽمبر 1871ع ۾ مڪمل ڪئي وئي هئي. هن ئي ماڳ تي نواب ولي محمد لغاريءَ 1828ع ۾ ٽالپرن جي پاران لشڪر ڪشيءَ مهل پنهنجو لشڪر لاٿو هو ۽ بنا مقابلي شڪارپور فتح ڪيو هو. افغان حاڪم هن علائقي تان گرفت وڃائي ويٺا هئا انڪري افغان ڪارندو قلعي جي اٺن ئي دروازن جون ڄاٻيون نواب ولي محمد جي حوالي ڪري خاموشيءَ سان هليو ويو هو.
ڪشمور کان 110 ڪلوميٽر هيٺ شڪارپور آهي جنهن جا پڙاڏا ديره جات کان ٻڌندا پيا اچون. بولان لڪ کان سنڌوءَ ڏانهن ايندڙ واٽ تي 1617ع ۾ وجود ورتو، شهر جو باني بهادر خان دائودپوٽو هو. کيس هيءُ علائقو مغل شهنشاهه جاگير طور ڏنو هو. دائودپوٽن اٽڪل 130 سال علائقي تي حڪومت ڪئي. ميان يار محمد ڪلهوڙي پنهنجي وقت ۾ شڪارپور تي سڌو حملو ڪيو هو پر سندس پٽ ميان نور محمد سياست کيڏي 1745ع ۾ نادر شاهه جي ڪارندي مرزا عسڪريءَ جي هٿان شڪارپور تي خوني حملو ڪرايو. افغانين جي حملي کان پوءِ دائودپوٽا شڪارپور ڇڏي بهاولپور هليا ويا ... چون ٿا ته شڪاپور تي اهو حملو هيانءُ ڏاريندڙ هو، ڇتي ويڙهه ٿي جنهن ۾ دائودپوٽا بي جگريءَ سان وڙهيا. مردن پنهنجن هٿن سان پنهنجون عورتون ڪُٺيون ۽ زيورن سان جهنجهيل لاش هڪ کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيا. هي کوهه لکي در جي ويجهو هو. ان پاڙي کي هاڻي ماهو چون ٿا. ’ماهو‘ معنيٰ قتل، يا جنگ. ’ماهو پوڻ‘ معنيٰ قتلام ٿيڻ.
ان کان پوءِ شڪارپور، بکر جي انتظام هيٺ آيو جتي ان وقت مغل حڪومت جا گورنر ويهندا هئا. انهن کان پوءِ ايرانين ۽ پٺاڻن 1743ع کان 1824 ع تائين حڪومت ڪئي.1843 ع تائين ٽالپرن جو دور رهيو، جنهن کان پوءِ انگريزن جي صاحبي شروع ٿي.
انگريزن جي فتح وقت شڪارپور جا گهر ۽ جايون ٻه ماڙ هيون جيڪي ڪچين سرن ۽ گاري سان ٺاهيون ٿي ويون. اهي جايون لڳ ڀڳ اهڙيون هونديون جهڙيون اڃا به سيوهڻ ۽ ٺٽي ۾ ڏسجن ٿيون. جڏهن انگريزن شڪارپور کي ضلعي جي حيثيت ڏني تڏهن شڪار پور کي عروج مليو. ان وقت سنڌ ۾ فقط ٽي ضلعا هئا. شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي. هندن جي واپار شهر کي افغانستان، ايران، پنجاب ۽ سامونڊي شهرن سان ڳنڍي ڇڏيو. هُنڊي سرشتو هتان جي واپارين جو ڏنل آهي. سندن هنڊي افغانستان، ايران، وچ ايشيا، روس ۽ عربستان تائين هلندي هئي. اڄ به شڪاپور جا ميمڻ، شيخ ۽ هندو گهڻو ڪري واپاري آهن. شهرن ۾ عام ماڻهو نوڪري پيشو آهن باقي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو هاري ۽ ڀاڳيا آهن ... ڊگها پهراڻ يا قميصون جهولدار سٿڻيون ۽ وڏا پٽڪا. هاڻي زمانو بدلجندو پيو وڃي، وڏيون سٿڻيون گهٽبيون وڃن ۽ پٽڪي جي جاءِ تي سنڌي ٽوپي ايندي پئي وڃي. شڪارپور کي 1977ع ۾ ٻيهر ضلعي جي حيثيت ملي آهي.
راءِ بهادر اوڌو داس تاراچند
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ شڪارپور جي داني پُرشن ۽ سخي مردن خير جا خوب ڪم ڪيا، خاص ڪري اسپتالون ۽ اسڪول ٺهرايائون. شهر ۾ هڪ اسپتال اسٽيشن روڊ تي واقع آهي: ”راءُ بهادر اوڌو داس تاراچند اسپتال“ هيءَ شڪارپور جي پنچائت ، ميونسپالٽي ۽ شهرين کان چندو وٺي ٺاهي وئي. هونئن ته سڄي پنچائت سرگرم هئي پر ان جو روح روان هو اوڌو داس تاراچند ڇاٻڙيا جيڪو 1870ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو ۽ 1942ع ۾ بمبئيءَ جي هڪ اسپتال ۾ ساهه ڏنائين. سندس آخري رسمون غالباً شڪارپور ۾ ادا ڪيون ويون.
شڪار پور ۾ هڪ سٺي مرڪزي اسپتال قائم ڪرائڻ سندس زندگيءَ جي مهم بڻجي ويو. ذاتي ڊوڙ ڊڪ سان هڪ لک رپيو چندو جمع ڪيائين. پنچائت جي ٻين فردن گڏجي ايترو چندو جمع ڪيو. خود ميونسپالٽيءَ پنجويهه هزار رپيا چندو ڏنو جنهن مان ٽيويهه هزار رپيا سرهندي پيرن کان هڪ پلاٽ جي خريداريءَ ۾ ڏنا ويا. اسپتال جوڙڻ لاءِ ڪنهن هڙان ڏنو ۽ ڪنهن ورتو! جذبي جي ڳالهه آهي.
اسپتال جا بنياد 1932 ۾ ايڇ ٽي سورلي رکيا ۽ افتتاح بمبيءَ جي گورنر لارڊ برابون (Lord Brabourne) ڪيو. سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر دل تي اثر ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته اوڌو داس تاراچند پنهنجو نالو اسپتال جي پيشانيءَ تي نه لکايو پر اسپتال جي ڏاڪڻين تي جڏهن چار ڏاڪا چڙهي پنجين تي پير رکبا ته سندس نالو فرش تي لکيل ملندو ته جيئن هر امير غريب، هندو مسلمان، ساڌو سنت جو پير ان تي پوي! هيءَ نماڻائي ۽ محبت جي حد هئي. ان جي موٽ ۾ انگريزن کيس راءُ بهادر جو لقب ڏنو ۽ مقامي منچائت سندس ديهانت کان پوءِ سندس قد آدم مجسمو گهڙائي اسپتال جي باغ ۾ هڪ چبوتري تي رکايو. پر جڏهن پاڪستان ٺهيو، مسجد منزل گاهه جو واقعو ٿيو ۽ ڪن ماڻهن ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن هن مجسمي تي ڪپڙو وجهي ڍڪيو ويو ۽ پوءِ لاهي ميونسپالٽيءَ جي گودام ۾ رکيو ويو. (هاڻي، هيءَ مورتي سنڌالاجي ڄامشوري ۾ رکيل آهي).
هونئن ته شڪارپور جون تاريخ ۾ گهڻيون سڃاڻپون ملي سگهنديون پر هتان جي ماڻهن کي آچار ٺاهڻ جو ڏانءُ آهي. سڄي سنڌ ۾ ڪنهن کان به پڇبو ته آچار ڪٿان جو؟ چوندا شڪارپور جو. مٺايون به سٺيون ٺاهين. اڄڪلهه ته پلاسٽڪ ۽ شيشي جي برنين ۾ اهو آچار سڄي سنڌ ۾ وڪامجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جو شڪارپوري لهجو ته شايد مِٺي ۾ مِٺو لهجو آهي، ’مَنَ‘ چوڻ کان سواءِ ڪنهن سان ڳالهائين ئي ڪو نه.
اپکنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ شهر کي وڏو ڌڪ لڳو، چڱا خاصا هندو واپاري ۽ علمي ماڻهو هندستان لڏي ويا. هندن جي وقت ۾ شهر کي وڏي رونق رهي ڇاڪاڻ ته هندن سيٺين وٽ وڏي دولت هئي ۽ اهي دل کولي جايون ٺهرائيندا هئا. شڪارپور جون جهرندڙ پراڻيون جايون ڏسي ائين لڳندو، ڄڻ نيپال جي ڪنهن قديم شهر جون جايون هجن. جيڪڏهن شڪارپور وارا ڪاٺ گهڙيندڙ اُستاد پنهنجي ڪرت جاري رکندا هجن ها ته شهر ۾ ڪاٺ جو ايترو ئي سهڻو ۽ گهڻو ڪم ڏسجي ها جيترو نيپالي شهرن کٽمنڊو ۽ ڀڳتاپور جي گهٽين ۽ بازارن ۾ ڏسجي ٿو. ڪاش! سنڌ سرڪار اهو فن ٻيهر جيئارڻ جو ڪو جتن ڪري!
شڪارپور جون قديم گهٽيون گهمندي وک وک تي ’آهه‘ ۽ ’واهه‘ چوڻو ٿو پوي. ’واهه‘ ان ڪري جو هنڌ هنڌ تي عاليشان عمارتون بيٺيون آهن جيڪي مسترين، استادن ۽ مزورن ايڏي محنت ۽ صفائيءَ سان ٺاهيون آهن جيئن ڪي ماهر بت تراش گڏجي شاهڪار گهڙي ويا هجن! اهو انهن مسترين جو ئي ڪمال آهي جو انهن انگڙ ونگڙ، آڏين ابتين گهٽين ۾ ڦِڏن پلاٽن تي ٻه ٻه ٽي ٽي ماڙ عمارتن کي ايڏي سونهن ڏني آهي جو انهن شاهڪارن تان اکيون هٽائي نٿيون سگهجن. هر هڪ جاءِ ۾ عمده تراشيل پٿر، لاجواب گهڙيل ڪاٺ ۽ رنگين شيشا ڏسي زبان مان بي اختيار ’واهه‘ نڪريو وڃي. پر جڏهن انهن جي جهريل حالت ڏسجي ٿي اندر مان سڏڪو نڪريو وڃي. ٺاهڻ وارا عمارتون ٺاهي ويا آهن پر انهن ۾ رهندڙ انهن جي سنڀال به نٿا ڪري سگهن. شايد انهن کي ٽڪي جيترو به احساس ناهي ته هو انهن جاين ۾ ويٺا آهن جن کي ٺاهيندڙن رڳو جاءِ سمجهي نه پر فن جو نمونو سمجهي، پيار جي پورهئي سان ٺاهي راس ڪيو هو. سندن بي حسي ۽ بي وسيءَ جو هڪ ٻيو سبب به آهي.
شڪارپور بنيادي طرح واپاري طبقي جو شهر هو. واپار! سو به ڏيساور سان. 1947 کان پوءِ جن ’مهاجرن‘ کي ڪليمن ۾ جايون مليون، اهي واپاري نه هئا، نه وري هنن وٽ ڪي پيداواري وسيلا هئا. وٽن پاڻ کي سهارو ڏيڻ جو اسباب هو ته جايون ڪٿان سنڀالين؟ نيٺ هنن جايون وڪڻي ڪراچي ۽ ٻين شهرن جو رخ ڪيو ۽ شڪاپور جي سونهن ”اينٽيڪ“ جي واپارين جا جاوا ڪرائي ڇڏيا.
هڪ گهٽيءَ ۾ اسان جا پير زمين جهلي ورتا، جيڏانهن نگاهه کڄي ٿي ڪاٺ تي اُڪر آڏو آهي. هڪ محراب دار دروازي جي مٿئين حصي ۾ ديومالائي ڪردار نانگ تي ليٽيل آهي. سندس ڀر ۾ هڪ عورت آهي. نانگ جا پنج منهن ۽ هڪ گڏيل ڦڻ آهي. نانگ ڦڻ ڇٽيءَ وانگر ديومالائي ڪردار تي ڇانوَ ڪري بيٺي آهي. ’نانگ بستري‘ جي سيراندي ۽ پيرانديءَ کان هڪ هڪ چوٽيدار پکي آسمان ڏانهن منهن ڪري تنواري ٿو. ديومالائي ڪردار جي مٿي تي ڇٽ آهي. محراب واري ڪنڊ ۾ ڪنول گل تي هڪ ديوتا جي ننڍڙي مورتي آهي جنهن جي خدمت ۾ هڪ اڏامندڙ ماڻهو اچي پهتو آهي. اڏامندڙ ماڻهوءَ کي سهڻا پر آهن. ٿورڙو غور سان ڏسبو ته نانگ تي ستل ڪردار جي دُن مان ان ڪنول گل جي ڏانڊي نڪرندي نظر ايندي جنهن تي هڪ ديوتا ويٺل آهي. اها تصوير ڪائنات جي تخليق بابت هڪ مرحلي جو هندو تصور آهي. جنهن موجب وشنو ڀڳوان جيڪو وڏي سمنڊ ۾ ’نانگ بستري‘ تي رهي ٿو، ڪائنات جي تخليق لاءِ پنهنجي دُن مان ڪنول گل ڄَڻي ٿو، جنهن جي ڏانڊي مٿي کڄندي وئي ۽ پوءِ ڪنول مان ’برهما‘ ڄائو. برهما هندو ڏندڪٿا ۾ تخليق جو ديوتا آهي.
هڪ ٻئي دروازي جي گول محراب ۾ ٽي ماڻهو اڪريل آهن: گرو نانڪ، مردانو ۽ ٻالو. وچون ماڻهو گرونانڪ صاحب آهي. سندس هڪ هٿ ۾ مالها آهي، ٻيو هٿ زمين تي رکيل اٿس. پاڻ غاليچي تي ويٺو آهي، جنهن تي وڏو ويهاڻو به رکيل آهي. سندس ساڄي پاسي ويٺل شخص ’مردانو‘ آهي جيڪو ساز تي ڳائي رهيو آهي جڏهن ته ٽيون ماڻهو ’ٻالو‘ (گرونانڪ جي کاٻي پاسي) گروءَ جي شيوا ۾ کيس مورڇل سان هوا پيو هڻي. پس منظر ۾ ڏنل ديوار ۽ ديوار جي پويان هڪ وڻ گهڙيل آهي.
در مان اک ڪڍجي ٿي ته سامهون هڪ وڏي عمارت ۾ اکيون وچڙن ٿيون. جنهن جي مٿئين حصي ۾ ڪاٺ جو ڳتيل ڪم ٿيل آهي. ڪاٺ جي گئلرين کي سهارو ڏيڻ لاءِ آڏيون ٽيڪون (brackets) دل موهي وجهن ٿيون. اهي ٽيڪون گهڙي، مور ٺاهيا ويا آهن. نيسارا شينهن جي وات جهڙا ٺاهيا ويا آهن. جتي جتي ممڪن ٿيو آهي، اتي ڪاٺ گهڙي ڪا نه ڪا شڪل گهڙي وئي آهي: لڌڙا، هنج، مَڪرا، مور، ٻگهه ۽ ٻيا کوڙ ديومالائي جانور ۽ پکي.
تباهه ٿيندڙ شاهڪار ڏسي اسان ٿڪل قدمن سان ڍڪيل بازار ۾ اچون ٿا جيڪا هاڻي پراڻي شهر وانگر زبون آهي. سنڌ ۾ ڍڪيل بازارن جو رواج ان ڪري رهيو آهي جو سنڌ ۾ سخت گرمي پوي ٿي اهو ئي سلسلو وچ ايشيا تائين پکڙيل آهي. اُس ۽ گرميءَ کان مسافر ۽ خريدارن کي بچائڻ لاءِ بازارون ڍڪڻ ضروري هو. بازار جي ڇت به هنڌان هنڌان ڊهي چڪي آهي. خبر ناهي ته مقامي بلديه قديم عمارتن ۽ نشانن جي بچاءَ ۾ ڪيتري سرگرمي وٺي سگهي ٿي! سچ اهو آهي ته ڊهندڙ عمارتن کي بچائڻ خاطر مقامي شهري انتظاميه لاءِ ڪو نه ڪو قدم کڻڻ ضروري ٿي پيو آهي.
ڪو وقت هو جڏهن شڪارپور قلعي بند شهر هو. نواب بهادر خان دائود پوٽي شڪارپور جي آباديءَ جي بچاءَ لاءِ شهر جي چؤگرد ڪچو قلعو تعمير ڪرايو هو ۽ ان جي چوڌاري خندق کوٽائي ڇڏي هئي. قلعي کي اَٺ دروازا ۽ هڪ دري هئي: لکي در، هاٿي در، خانپور در، سِوي در، واڳڻو در، ڪرن در، نوشهرو در، ۽ هزاري در. دريءَ جو نالو ’صديق ماڙي‘ هو. قلعي جي ديوار گهيري ۾ 3800 وال هئي يعني 11400 فٽ. هيءَ ماپ مڪليءَ جي ڪلان ڪوٽ کان به ڪجهه وڏي آهي. هاڻي ته هن ڪوٽ جي دروازن جا رڳو نالا ئي وڃي بچيا آهن. هن وقت شهر ۾ ٻه چار قديم عمارتون بيٺيون آهن، جيڪي انگريزن جوڙايون. پر جيڪڏهن شڪارپور جي هن وقت ڪا سڃاڻپ آهي ته اها شاهي باغ سان آهي، جنهن جي وچ ۾ يورپي طرز جي تفريحي عمارت بيٺي آهي، ٻي آهي ڍَڪ بازار. شڪارپور جو ڊهندڙ ميسارجندڙ ماضي ڏسي انور پيرزادي کي ڀٽائيءَ جو بيت ياد اچي ويو،
”ويا سي وينجهار هيرو لال ونڌين جي
تنين سندا پويان سيهي لهن نه سار
ڪُٽين ڪٽ لوهار، هاڻي انهيءَ ڀيڻئين.“