مکڊ شريف
منجهند جو ڏيڍ لڳي ڌاري پري کان سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي ڳڻتين ۾ ٻڏل هڪ شهر ڪنڌ موڙي اسان ڏي نهاريو. ان کان اڳ ٽڪريءَ تي بيٺل هڪ مندر اکيون ٽمڪائي اسان کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. شهر جي ويجهو پهچڻ تي اسان جون دليون درياهه جي ڇولين وانگر بيچين ٿي ويون.
ڪناري لڳ ٻن ٻين مندر جا کنڊر هئا، ٿَلها، پپر جا وڻ، ڌرمشالا ۽ درياهه ڏي منهن ڪري بيٺل ٽي چار غارون.
غار منهنجي ڪمزوري آهي. هر غار مونکي ائين سڏيندي آهي جيئن صدين جي ڄمار جي ڪا ٻڍڙي ڪنهن ننڍڙي ٻار کي کٽمٺڙو ڏيکاريندي هجي. ٻيڙيون بيهڻ شرط مون هڪ غار ڏانهن ڊوڙ ڀري. هي انساني هٿن جون ٺهيل ننڍڙيون غارون هيون. هڪ غار ۾ گاهه جون ڀريون پيون هيون، ٻيءَ ۾ هڪ کٽ پئي هئي. ٻيون خالي هيون. ٽڪريءَ جي هن حصي ۾ غار کوٽڻ سولو هو. هيءُ نرم ريتيلو پٿر هو جنهن کي ڪنهن به سخت شيءِ سان کرچڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونه هئي.
“هيءُ ڪيتريو پراڻيون آهن.” منهنجو پهريون سوال هو.
“تازيون آهن ...” هڪ ماڻهو جواب ڏنو، “ماڻهو انهن ۾ ٿڌڪار لاءِ وڃي وهندا آهن يا سامان سڙو رکندا آهن.” هن ٻڌايو ته انهن غارن تي ڪجهه ماڻهن جو قبضو آهي. هتي اڪثر جاين تي قبضا هئا. اها ڳالهه پوءِ کلي.
درياهه جي ڪپ تي هڪ شهر، جنهن ۾ هڪ نگاهه ڊوڙائڻ سان ٽي شوالا نظر اچن، انهن ۾ غارن جو وجود اهڙي وائڙي ڳالهه ٿي نه پئي سگهي جهڙي همراهه ٻڌائي پئي. هنن غارن جو سڌو تعلق مندرن سان هو. اهي مندر کان پري ڪونه هيون.پڪ سان اهي غارون هندو سنياسين ۽ جوڳين جي جوڳ ۽ تپسيا لاءِ کوٽيون ويون هونديون.
مندر لڳ هندن جي اشنان ۽ پوڄا پاٺ جي جاين جا اهڃاڻ نظر آيا، جيڪي هاڻي ذري گهٽ ڀڙڀانگ ٿي ويا آهن. اسان کي مندر ۾ يا مندر جي ڀرپاسي ۾ ڪو به پوڄاري يا پنڊت نظر نه آيو. اها حيرت جهڙي ڳالهه هئي. ماڻهن ٻڌايو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هتي مندرن ۾ وڏا ميڙا لڳندا هئا ۽ پوڄا ٿيندي هئي پر پوءِ هندو لڏي ويا ۽ سندن ماڳ ويران ٿي ويا. مون تصور ۾ مندر جو ماضي ڏٺو. ماڻهن جا هشام،ندي پوڄا، درياهه جي سيوا، اَکائون، درياهه جي وهڪري تي لڙهندڙ ۽ ٻڏندڙ ڏيئن جون قطارون. پنڊت جوڳي ۽ پوڄاري. ”هر هر مهاديو ۽ جئه ماتا ڪالي ماتا.“ جا نعرا ۽ ڀڄن ... منڊپ ۽ منڊل، ڌوڻيون ۽ انهن جي آڏو ويدن جا منتر، گيتا جو پاٺ، تلڪ ۽ انهيءَ سڄي وايو منڊل ۾ نوجوان نينگرين ۽ نوجوانن جي وچ ۾ دلين جا سودا، اک ٽيٽ، پوڄا جي بهاني نديءَ ڪناري ملاقاتون، ٽهڪڙا ۽ وچن.
”بدر هيڏانهن ته اچ!“ انور پيرزادي پري کان رڙ ڪري مون کي سڏيو ۽ منهنجو تصور ٽٽي پيو. هو تيزيءَ سان ان طرف ٽڪريءَ تي چڙهي رهيو هو، جتي ڪنهن ڪنڀر جو آستان هو. چؤطرف سهڻا ٺڪراوان ٿانءَ ڍير ٿيا پيا هئا. مون به پُٺ ورتي. هڪ مقامي ماڻهو خبر ناهي ته ڇو هروڀرو به گڏجي پيو.
“ڀائو ڪر خبر شهر ۾ گهڻا هندو آهن؟”
“سڀ ڀڄي ويا. هاڻي هڪڙو به ڪافر ڪونهي!” هن همراهه ڏند ٽيڙي چيو.
“ڪنهن ڀڄاين؟” مون نئون سوال ڪيو.
“پير صاحب!” هن چيو.
خبر ناهي ته هيءُ ڪهڙو پير هو جنهن پرائي شهر تي قبضو ڪيو هو. اسان جي ملڪ ۾ ائين ئي ٿيندو آهي. هڪڙا ماڻهو شهر ٺاهيندا آهن ۽ ٻيا انهن تي قبضو ڪري ويندا آهن. جيئن سنڌ ۾ آهي. جيئن ادارن ۾ آهي، هڪڙا ماڻهو رت پگهرجي محنت سان ادارا ٺاهيندا آهن ۽ پوءِ اوچتو ڪي ٻيا ماڻهو انهن تي قبضو ڪري وٺندا آهن. مون مقامي همراهه کان گهڻائي سوال پڇڻ ٿي گهريا پر هيءُ صفا بيڪار نڪتو. ڪٽر ۽ جنوني ماڻهو هو. مون ماٺ رهڻ مناسب سمجهيو. مون کي ته هن سڄي شهر جا ماڻهو پير صاحب جا ٿورائتا ۽ کانئس هيسل محسوس ٿيا. هتي ٻه گاديون آهن، هڪ سخي نوري بادشاهه جي ۽ ٻي پير محمد علي شاهه جي.
مکڊ سؤ ڏيڍ فٽن جي اُڀي ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي ۽ درياهي چاڙهه کان محفوظ آهي. مان به ٽڪري چڙهي ڪنڀر جي دنيا ۾ پهتس. 50- 60 سالن جو ڪمزور همراهه ٺڪرن جي ٿانون جي دنيا ۾ گم هو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ هو پنهنجن ٻچڙن سان ڪچهري ۾ هو، هن ٺڪر جي ٿانون کي ڏاڍي ٻاٻوهه سان پنهنجن هٿن سان تخليق ڪيو هو. اهي سندس ٻچا ئي ته ٿيا.
هن ڳاڙهي مٽيءَ جون ڪُنڙيون پئي ٺاهيون، جن جي مارڪيٽ سنڌ ۾ سلطان ڪوٽ، شڪارپور ۽ ڪشمور تائين هئي. ڪنڀر مقامي ٻوليءَ ۾ ان ٿانءَ کي ”ڪُني“ ئي سڏيو.
”چاچا جيڪڏهن ڪالاباغ بند ٺهيو ته مکڊ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندو ڇا؟“ انور، ڪنڀر کان پڇيو.
”هائو!“ ڪنڀر چيو.
”پوءِ توهان ڪاڏي ويندؤ؟“ انور ٻيو سوال ڪيو.
”خبرناهي، اسان غريب ماڻهو آهيون، خبرناهي ڪاڏي موڪليندا!“ ٻڍڙي ڪنڀر جي نراڙ تي پيل گهنجن ۾ هڪ ليڪ وڌي وئي، شايد روزگار کان وڌيڪ پيريءَ ۾ هڏيون رلي وڃڻ جي ڳڻتي هئس.
مکڊ جي ماڻهن جي اندازي مطابق ڪالاباغ بند ٺهڻ جي صورت ۾ هت پاڻيءَ جي سطح هاڻوڪي سطح کان سؤ کن فٽ چڙهندي، جنهن ڪري مکڊ جو شهر ٻڏي ويندو ۽ مجموعي طرح هن ماٿريءَ جا ٻه لک کن ماڻهو متاثر ٿيندا.
ڪنڀر جيتوڻيڪ وڏي عمر جو ۽ تجربيڪار ماڻهو هو پر شهر ۾ موجود گادين جي گادي نشينن کان ڊنل محسوس ٿيو. اسان جا اهي سوال جيڪي گادين جي بابت هئا، وڏي ڳيت ڏيئي پي پئي ويو. البت هندن جي غيرموجودگيءَ سبب مندرن بابت کلي راءِ پئي ڏنائين. سندس چوڻ هو ته، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به مکڊ ۾ مسلمان آبادي وڌيڪ هئي، اها ٻي ڳالهه آهي ته هندن جا ميلا ۽ پوڄا پاٺ جا انتظام ڏاڍا شاندار هوندا هئا. مکڊ جو هڪ ”خان“ به آهي جيئن ڪالاباغ جو هڪ ”خان“ آهي.
مکڊ شريف اٽڪ ضلعي ۾ سنڌوءَ جي جابلو ڪپ تي واقع هئڻ ڪري خشڪيءَ رستي اُڇري ۽ ٻين ننڍن ننڍن شهرن سان ڳنڍيل آهي ۽ ويجهي ۾ ويجهي ريلوي اسٽيشن مکڊ روڊ اٿس جيڪا ڏکڻ ۾ دائود خيل، ڪالاباغ ۽ اتر ۾ بسال ۽ اٽڪ سان وڃي ملي ٿي. شهر جي آدمشماري 1980ع ڌاري پنج هزار هئي.
ڪنڀر کي ڇڏي اسان اتر طرف اڳتي وڌياسين، جتي ٽڪريءَ تي بيٺل اڪيلي مندر اکيون ٽمڪائي اسان کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. شايد ان کي پنهنجن وارثن جي ڳولا هئي. سڄو قافلو وڏيون ٻرانگهون کڻندو مندر تائين پهتو. مندر ۾ ڪاٺ جو در هو ۽ ان کي تالو لڳل هو.
“ڇا هن مندر جو ڪو والي وارث به آهي؟” اشتياق انصاريءَ هڪ مقامي ماڻهوءَ کان پڇيو.
“هڪ همراهه هن ۾ مال واڙيندو آهي يا گاهه رکندو آهي!” مقامي ماڻهوءَ چيو.
“توبهه توبهه ... ڀڳوان جي گهر ۾ پليتائي! وٺ نٿو ڪريس؟” ڪليم لاشاريءَ شوالي جو ٻاهريون جائزو پئي ورتو. ايتري ۾ ڪنهن همراهه اٽڪل سان در جو هڪ تاڪ کولي وڌو. اندر سڪل گاهه ڀريو پيو هو. اندرين ڪمري (مندر جي گرڀ) ۾ اوندهه ۽ چمڙن جي ڌپ هئي. آڏو وڏي مورتي رکڻ جي جاءِ هئي. مورتي ڪونه هئي. هوندي به ڪيئن! هر پاڪستاني ماڻهو پاڻ کي محمود غزنوي سمجهي مندر ۽ بت ڀڃڻ فرض سمجهندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته محمود غزنويءَ کي سومناٿ واري مندر ۾ انڪري دلچسپي هئي جو ان ۾ سون، چاندي ۽ هيرن، جواهرن جو وڏو ذخيرو هو.
ٻاهرين يا پهرين ڪمري جي گنبذ نما ڇت ڏسي ڇرڪ نڪري ويو. ذهن ۾ ٿر جي گوڙي مندر چمڪو ڏنو. مکڊ جي هن مندر ۾ اندرين پاسي خوبصورت تصويرون ٺهيل هيون، جن جا رنگ هاڻي ڦٽي ويا هئا. مندر ۾ هندو ڏند ڪٿائن کي تصويري آکاڻين ۾ پيش ڪيو ويو هو. گوڙي مندر ۾ ڏيکاريل تصويرن جي آکاڻي مکڊ مندر ۾ چٽيل تصويرن کان مختلف آهي. مکڊ مندر جي گنبذ جي اندرين پاسي چٽيل تصويرن ۾ عورتون ۽ مرد (هڪ عورت هڪ مرد وري هڪ عورت هڪ مرد) هٿ هٿن ۾ جهلي دائرو ٺاهي بيٺا آهن. ڪردارن جا رنگ اڇا به آهن ته ڪارا به. انور افسوس ۾ هٿ مهٽيا. محمد علي ۽ ڪريم ميمڻ سان گڏ ڪليم، اشتياق ۽ مون فوٽو ڇڪيا ۽ ٻاهر نڪري بيٺاسين، پري کان هڪ همراهه سهڪندو اچي پڳو.
“بنا موڪل جي هيءُ در ڪنهن کوليو آهي؟” همراهه جون اکيون ڳاڙهيون ۽ وات ۾ گڦ ڀريل هئس.
”اڇا ... ته اهو تون آهين جنهن هن مندر تي قبضو ڪيو آهي!“ هيءُ انور پيرزادو هو، ”توکي خبر آهي ته هيءُ قديم آثار، حڪومت جي ملڪيت آهن. ۽ تون وري ان ۾ گاهه ۽ مال وجهي ان کي تباهه ويٺو ٿو ڪرين؟“ انور جون اکيون ڏسي مکڊي همراهه ٿڌو ٿي ويو، ڄڻ برف!
”سائين! هيءَ ڪافرن جي جاءِ ... ويران هئي ... ڪوبه ڪونهي ... مال لاءِ گاهه رکيو هئم ... سائين! چوري ٿي وڃي ها ته ڪيڏو نقصان ٿئي ها.“ همراهه صفائي ڏيڻ ۾ پئجي ويو. پر انور جي ڪاوڙ نه گهٽي. چئي
“توکي وري گاهه جي ڳڻتي لڳي آهي، عمارت جو خيال ناهي ...” انور کي اسان ٿڌو ڪيو باقي هُو همراهه ته اڳ ئي وسامي ويو هو.
مندر کان پوءِ اسان شهر جو رخ ڪيو. هيءُ مڪمل طرح سان ڳوٺاڻو جابلو شهر هو، جنهن جي عمارتن جي بيهڪ شڪارپور جهڙي هئي. ڪاٺ جي اڪر ۾ گل ۽ جاميٽري ڊزائين عام هئي. مکيه بازار جنهن ۾ ويهه پنجويهه دڪان هئا، ٽڪريءَ جي ڪرنگهي تي هئي. جنهن مان مختلف گهٽيون ڦٽي، درياهه ڏانهن ٿي لٿيون. اسان شهر جي مکيه گهٽيءَ ۾ لڙي پياسين جيڪا موهن جي دڙي جي ڪنهن ويڪري گهٽيءَ وانگر درياهه ڏانهن لهندي پئي وئي.
بازار ۾ سيڌي سامان، ڀاڄين، لوهار ۽ ڳوٺاڻي هنر جو هلڪو سامان هو. بک کان بي حال ٿيل همراهن گهورڙين جي ڪمائي ڪرائي، لايون، وڙا ۽ گٻت پيٽ جي دوزخ ڀري ته نه سگهيا پر ايترو آٿت ٿيو ته پيٽ ۾ ڪجهه پيو آهي. وڏي گهٽي مان لنگهندي هڪ گئلريءَ تي نظر پئي جيڪا گهٽيءَ جي ٻنهي پاسن تي ٺهيل جاين کي پل وانگر ڳنڍي رهي هئي، ٿي سگهي ٿو ته اهو به ڪمرو هجي! هتان لنگهندي اسان کي نه ڄاڻي ڇو لاڙڪاڻو ياد اچي ويو. ان پل جي هيٺان گهٽيءَ جي آخري ڇيڙي تي درياهه وهندو ٿي نظر آيو.
بازار ۽ مندر جي وچ ۾ اسان هڪ درگاهه به ڏٺي. پٿرن جي چؤديواري، جن تي آرائشي ڪنگرا هئا. وچ ۾ وڏو ۽ سهڻو گنبذ، ننڍا وڏا 19-20 منارا، گنبذ تي اوچي سونهري چوٽي. گنبذ تي فيروزي ڪاشي، ديوارن ۽ منارن تي ڪاشيءَ جا روايتي سهڻا گل چٽ. درگاهه جو خوفناڪ گادي نشين ڏسي اسان درگاهه ۾ نه گهڙياسون جو سمجهيوسين پئي ته هو ضرور ڦشري ڪندو. البت درگاهه جي سامهون مسجد ۽ درگاهه ۾ ليئو پاتوسون جتي کٿابي ڦري رهيا هئا. مسجد جي هڪ ننڍڙي ڀت تي هڪ عجيب گول دائرو ٺهيل هو. جنهن جي وچ تي کتل ڪِليءَ سبب سج جو پاڇو هوريان هوريان زاويو بدلائيندو ٿي ويو. اسان کٿابين کان ان بابت پڇيو پر گادي نشين جون ڳاڙهيون اکيون ڏسي سڀ ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. گادي نشين پِير کان وڌيڪ چنگيز خان جو پيءُ ٿي لڳو.
“اهو گول دائرو جنهن ۾ ڪِلي کتل هئي، وقت جي ماپ جو پراڻو طريقو هوندو!” ڪنهن دوست راءِ ڏني. ڳالهه دل سان لڳي.
ٻيڙيون هڪ ڀيرو وري پنڌ پيون، ڪالاباغ اڃا پري هو.