نئون ڏينهن
خميس 9 نومبر 1989ع
صبح جا اَٺ
رات گذري، ڏينهن ٿيو. رات ڪنهن به هوٽل تان ماني نه ملي، منجهند به ماني نصيب نه ٿي هئي. رات جو يارهين لڳي ڌاري حق نواز کي دل ۾ رحم پيو، جنهن ڌونئرو ماني کارائي. ناشتي جو به آسرو ڏيئي ويو. صبح جو چانهه جي ٻاڙ لڳي ته قهو ٺاهي پيتوسين ڳوٺ وارن هيل تائين يا ته کير نه ڏڌو آهي يا ته وري فجر سان وڃي وڪڻي ڇڏيو اٿائون. اجهو انتخاب حسين شاهه مايوس موٽيو آهي، چوي ٿو، ”عجيب ماڻهو آهن، رات پڇيوسين ته چيائون صبح جو ملندو ۽ هاڻي پڇون ٿا ته جواب مليو آهي ته کپي ويو ... اسان وٽ سنڌ ۾ اچن ته کير ۾ وهنجاري ڇڏيونِ ... صفا ڪي بي مروت ماڻهو آهن هتان جا ...!“
اسان جون اکيون وري درياهه ۾ آهن. ٻيڙين کي هاڻ پهچڻ گهرجي. ڪجهه ساٿين جو خيال آهي ته اتر طرف اُن هنڌ وڃي بيهجي جتان درياهه ٻه ڦاڪون ٿئي ٿو، متان ٻيڙيءَ وارا ٻئي وهڪري مان اڳتي نه نڪري وڃن. پر اهو ممڪن ناهي ڇو ته سندن پئٽرول کپڻ وارو هوندو ۽ هو ليه تي ضرور بيهندا، سپلاءِ اسان وٽ آهي. ان کان سواءِ طوطي خان ساڻن گڏ آهي هن کي وڏو وهڪرو وٺي هِن پتڻ تان لنگهڻ گهرجي. ليه جي اولهه کان درياهه اڄڪلهه چار پنج وهڪرا ٺاهي لنگهي ٿو پر ٻيا ٽي وهڪرا ته بنهه ننڍڙا آهن. اسان تنبو ويڙهي ڇڏيا آهن، بس ٻيڙين جي اچڻ ۽ انهن ۾ پئٽرول ڀرڻ جي دير آهي.
صبح جا ڏهه:
ٻيڙيون اڃا تائين نه پهتيون آهن. انتخاب شاهه ۽ اشفاق لنڊ اتر ۾ پري تائين پنڌ ڪري موٽيا آهن. اسان ماني ٽڪي کائي ٻيڙيءَ وارن جو ڀاڱو بچائي رکيو آهي. نيرن نمبردار ڪرائي آهي. حق نواز اڃا ظاهر ڪونه ٿيو آهي. ڳوٺاڻي زندگي پنهنجي رفتار وٺي چڪي آهي. اڌ فرلانگ کن جي پنڌ تي اٽي پيهڻ جي چڪي پري پري تائين ڳوٺاڻن جو ڌيان ڇڪي رهي آهي، ”اُو ...اُو ...اُو ...اُو ...“ ريڍار ۽ ٻڪرار پنهنجا ڌڻ ڪاهي ۽ چاري رهيا آهن. خشڪي ۽ درياهه جا پکي چوڳي ۽ شڪار ۾ مصروف آهن؛ سندن رڙيون ۽ چرڙ چرڙ من کي وڻي ٿي. هتي ٻڪريون جابلو نسل جون آهن جن کي ’بربر‘ ٿا چون. ٻڪرين جي ڳچيءَ ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون گهنٽيون ٻڌل آهن جن جو آواز ڳوٺاڻي ماحول کي اڃا شاهوڪار ڪري ٿو.
درياهه جي ڪنڌيءَ سان ڪيل قبيلي جو هڪ نوجوان جنهن جي عمر 20-25 سال ٿيندي ٻيڙي ڇڪڻ ۾ مصروف آهي. سندس چيلهه ۾ رسو ٻڌل آهي، رسي جو ٻيو ڇيڙو ٻيڙيءَ جي مهريءَ ۾ ٻڌل آهي. ٻيڙيءَ کي ڪنڊو آهي. هڪ ڇوڪرو ويڻي ٿي ويهي ڪنڊي جي مدد سان ٻيڙي کي ڪناري سان لڳڻ کان بچائي رهيو آهي. سندن سفر اتر ڏانهن آهي، ٻيڙي خالي آهي. هن کان اڳ اسان هڪ ٻيڙي ڏٺي جيڪا اتر کان ڏکڻ يعني لهواري ٿي وئي، اها ڪانن سان سٿيل هئي مٿس چار ماڻهو ويٺل هئا. نمبردار ٻڌايو ته هتي ٻيٽن تي ڪانا جام ٿين. هيءُ ماڻهو انهن ٻيٽن تان ڪانا ميڙي آيا آهن ۽ ان سان جهوپڙيءَ جي ڇت ٻڌندا.
”سائين ڇا ڪجي ٻيڙيون ته نه پهتيون؟“ انتخاب شاهه ڳڻتي ڏيکاري.
”انتظار!“
”ٻارهين تائين ڏسون ٿا ...“
”پوءِ ڇا ڪبو؟“
”وري انتظار ... پر جيڪڏهن همراهن جو پئٽرول ڪٿي کٽو آهي ته واهر ڪبي؟“ واهر به ممڪن نه هئي. خبر ناهي ته پئٽرول ڪٿي کٽو هجي!
”ڪنٽينر کڻي ڪنڌيءَ سان نڪري ٿا پئون“
”جيڪڏهن پرينءَ ڀر هجن ته پوءِ؟“ هر صورت ۾ جواب اهو هو ته اتي ئي ترسي انتظار ڪجي.
***
ٻيڙين وارا يارهين وڳي ڪنڌيءَ تي پهتا. انور ٻڌايو ته وڏي ڪوشش جي باوجود کين واٽ ۾ سج لهي ويو ۽ کانئن پتڻ نه لڌو. سبب اهو هو ته پاڻيءَ جي کاڌ سبب نقشو ڦري ويو آهي. طوطي خان جوکم نه کنيو ۽ سج لهڻ شرط هن ٻيڙيون ڪنڌيءَ هڻائي ڇڏيون. هو رات جو ليه کان ڪو ٻه چار ڪلو ميٽر اتر ۾ رات ترسيا هئا. ڀر جي ڳوٺاڻن سندن چڱي خدمت ڪئي هئي، سڄو سارو ڪنستر کير جو پيش ڪيو هئائون، ماني به کارايائون. همراهن چانهه ۾ پاڻيءَ بدران کير ٿي پيتو. انور پيرزادي جو چوڻ آهي ته اها رات سندس زندگيءَ جي سڀ کان سهڻي رات هئي.
ليهّ کان تونئسه ويندي ٻيڙيءَ جو پکو وڃي مٽيءَ ۾ لڳو. ٻيڙي بيهجي وئي. ٻيڙياتن پکو مٿي ڪيو ۽ گوڏي جيتري پاڻيءَ ۾ ٻيڙيءَ کي هڪ فرلانگ تائين ائين ڌڪيو جيئن روڊ تي کريل گاڏيءَ کي ڌڪجي. انور موقعو نه وڃايو ۽ ڀٽائيءَ جو بيت ڏنو:
نه ملاح نه مڪڙي، نه ڪي کڻي نوڙ
پاڻي پِنيءَ ٻوڙ، سهڻيءَ ڀانيو سير ۾.
پر هتي ڳالهه اُبتي هئي اسان پِنيءَ ٻوڙ پاڻي کي سِير ڀانيو هو. سير ڪجهه پرڀري هئي.
ٻيڙين مان هر لمحي هوا گهٽ ٿيندي رهي ٿي، شايد ڪي سنها پنچر آهن يا اڳوڻا پنچر ٺيڪ نه لڳا آهن. جتي جتي موقعو ملي ٿو يا ٻيڙيون ڪنڌي تي لڳن ٿيون اتي پمپن سان هوا ڀري وڃي ٿي. ٻيڙين جو وري وري پنچر اسان لاءِ لطيفو ٿي پيو آهي. پنچر ڳنڍڻ جي ذميواري زبير ۽ شبير تي آهي جيڪي مهمون سر ڪرڻ جا ماهر چيا وڃن ٿا. نوجوان ساٿي انتخاب حسين شاهه ۽ اشفاق لنڊ پنچر ڳنڍڻ ۽ هوا ڀرڻ ۾ سندن مدد ڪندا هلن ٿا. ڪٿي ٻيڙيون ڪناري تان کڻڻيون هجن، موٽر لاهڻي هجي سامان لاهڻو چاڙهڻو هجي ته هر ڪو هٿ ونڊائي. سڀ انتظام ضابطي ۾ آهن پر ٻيڙين جو وري وري پنچر ٿيڻ ڪو سٺو سوڻ ناهي. ٻيڙيون اسان جي توقع کان وڌيڪ ڪمزور لڳن ٿيون. رواجي حالتن ۾ لڳاتار پنچرن سبب هر ڪنهن کي پريشان ٿيڻ گهرجي پر ائين نه ٿيو آهي. ماڳهين ان سلسلي کي لطيفي ۽ علامت طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي. ’ٻيڙي پنچر ٿي وئي آهي‘ معنيٰ ڳالهه رولڙي ۾ آهي. ڪئمرا پنچر. هڪ ڀيرو وري ٻيڙيءَ مان هوا گهٽبي محسوس ٿي. هوا گهٽجڻ سبب ٻيڙيءَ جي رفتار تي اثر پوي ٿو ۽ انجڻ تي وزن پوي ٿو. ٻيڙي پاڻيءَ جي سطح تي جُهڪي هلي ٿي جنهن ڪري پاڻي ڇلڪي اندر اچي ٿو. ”ٻيڙيون ڪنهن مناسب جاءِ تي بيهاري هوا ڀرڻي پوندي.“ اشتياق انصاريءَ درياهه جي ڪنڌين ڏانهن نهاري مناسب جاءِ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. انور پيرزادي عادت کان مجبور ٿي وري اڌ بيت ڏنو:
دَنگي منجهه درياهه ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپڙي
”ڪنهن هنڌ پاڻي ڪيترو گهرو آهي، توهان کي ڪيئن ٿو پتو پوي؟“ مون ترندڙ ٻيڙيءَ تان لڙاٽيل پاڻيءَ جي گهرائيءَ سمجهڻ لاءِ طوطي خان کان پڇيو جنهن ٿوري دير اڳ ٻڌايو پئي ته ڪهڙي هنڌ ڪيترو پاڻي آهي.
”پاڻي جي وهڻ مان پتو پوندو آهي ... هوڏانهن پاڻي اونهو آهي ۽ هوڏانهن ڏس اُتي تانگهو آهي.“ مون ٻنهي پاسي نهاريو مون کي سطح تي ڪو به فرق نظر نه آيو، سير جي ڳالهه جدا آهي.
”مون کي ته فرق نٿو ڏسجي!“
”بس اهائي ڳالهه آهي ... عُمرِ ڏيڻ کان سواءِ ڪيئن سمجهبو؟ جڏهن مان ڇهن سالن جو هوس ته بابي سان گڏ ايندو هوس، توهان ڇهن ڏينهن ۾ ڪيئن سمجهندا؟“
هن علائقي مان لنگهندي ٿر ياد اچي وڃي ٿو. جڏهن هاڪڙو وهندو هو تڏهن ٿر ۾ به ايتري ئي آبادي هوندي! هِتي به واريءَ جون ڀِٽون آهن، سنڌوءَ انهن مان پنهنجو دڳ ٺاهيو آهي. جڏهن هاڪڙي جو وهڪرو ٿر مان هو تڏهن اتي جا ماڻهو به درياهه سان ايڏوئي پيار ڪندا هوندا يا ان جي اٿل کان ڇرڪندا هوندا!
انور ٻڌايو ته ليه لڳ جنهن پتڻ تي هنن رات گذاري اُتان جا ماڻهو اڳوڻي الهندي وهڪري کي ’پراڙ‘ پيا ڪوٺين. ڪليم لاشاري چيو ته هر پراڻي وهڪري کي پراڻ چئجي ٿو. مان سمجهان ٿو ته هِتي پراڙ مان مراد ’پَريون‘ آهي ۽ نه پراڻو. پراڙ لفظ جو استعمال اڃا ڪالهه هڪ شخص پئي ڪيو پر ان به پراڙ جو لفظ ’پرسال‘ جي معنيٰ ۾ ڪتب آندو هو. ان ڪري هتي پراڙ جو لفظ ’آر‘ ۽ ’پار‘ يعني ’اوريون‘ ۽ ’پريون‘ طور ڪم آندو ويو هوندو. پر لاشاري صاحب جي اها راءِ به رد نٿي ڪري سگهجي ته ’پراڙ‘ معنيٰ ’پراڻو‘ ڇاڪاڻ ته سندس مشاهدي موجب ڪن هنڌن تي اورئين پاسي واري پراڻي وهڪري کي به پراڙ سڏيو ٿي ويو.
درياهه جي وهڪري کان ساڄي پاسي سليمان جبل جي قطار اسان تي نظر رکيو پئي اچي. جبلن جو اهو سلسلو ڪالاباغ کان پوءِ پري هٽي ويو هو پر هاڻي اڳي جي ڀيٽ ۾ ويجهو آهي. اهو سلسلو ديري غازي خان تائين لڳ ڀڳ ايتري پنڌ تي هلندو. ليه کان الهندي طرف درياهه ۽ جبل جي وچ ۾ لڳ ڀڳ 15 ميل ريگستان آهي جنهن جو ٻيو حصو ليه کان اوڀر طرف جهلم ۽ چناب جي گڏيل وهڪري تائين پکڙيل آهي. سنڌوءَ جو وهڪرو ٽي ٽي، چار چار ۽ ڪٿي ڪٿي پنج وهڪرا ٺاهي هلي ٿو. انهن مان هڪ وڏو ۽ مکيه وهڪرو هميشه موجود رهي ٿو پر اهو ضروري ناهي ته گذريل سال وارو مکيه وهڪرو ۽ اڄوڪي سال وارو مکيه وهڪرو ساڳيو هجي. اها درياهه بادشاهه جي مرضي آهي ته ايندڙ سال هو ڪهڙي وهڪري مان پنهنجي شاهي فوج کڻي اڳتي وڌي ٿو. اهو به ممڪن آهي ته هو ايندڙ سال ڪو بلڪل ئي نئون دڳ ٺاهي چڙهائي ڪري. ان چڙهائي دوران هن ڪيئي ڳوٺ نابود ڪيا آهن. ڪيترن شهرن کي اڌو اڌ پٽي ويو آهي ۽ ڪيترن علائقن کي نيون ۽ تازيون زرخيز زمينون ڏيئي ويو آهي. پر ماڻهن کي پڪ ناهي ته ايندڙ سال اهي زمينون وياج سميت موٽائي وٺندو يا هميشه لاءِ سوکڙي ڏيئي ويو آهي.
ليه پتڻ تان روانگيءَ مهل، ٺيڪ ان وقت جڏهن سفر لاءِ ٻيڙيون ٿيلهيون ٿي ويون هڪ سنڌي ڪٽنب گڏهن تي گهمندو نظر آيو. تيرهن چوڏهن سالن جا ٻه ڇوڪرا ۽ هڪ ٻڍو. ڇوڪرن جا پير اگهاڙا، ڪپڙا ميرا گڏهن جي اگهاڙين پٺين تي سوار ڏکڻ کان اتر طرف پنڌ پئي ويا. ٻڍڙي جي پيرن ۾ ٽائرن وارو پٺاڻڪو سينڊل، هٿ ۾ لٺ، چهري تي اڇي ڏاڙهي، هڪ ڪلهي تي ٿلهي شال، ٻئي ڪلهي ۾ وڏي گودڙي ۽ ٻانهن ۾ ڪارو فقيري ڪڙو هو. انور کانئن تفصيلي انٽرويو ورتو.
هيءُ مختصر قافلو جيڪو گڏهن تي مهم سر ڪرڻ نڪتو هو، هميشه کان سفر ۾ آهي ۽ شايد هميشه رهندو. اهو سندن خانداني پيشو هو. راڻي پور پير وسڻ جا رهندڙ هي ماڻهو سيال هئا، پاڻ کي سنياسي ٿي چيائون. ٻڍڙو ماڻهو ديسي حڪيم هو. هنن جو ڪم سنڌوءَ جي ڪناري ڪناري صحت ڏيندڙ جڙيون ٻوٽيون ڳولي گڏ ڪرڻ، دوائون ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ هو. جهوني سنياسيءَ جي دعويٰ هئي ته وٽس هر مرض جي علاج لاءِ نسخو آهي. سنڌوءَ جا ڪنارا هر مرض جي علاج لاءِ جڙين ٻوٽين، ڪکن ۽ وکرن سان ڀريل آهن. هيءُ قافلو هر سال پنهنجي اباڻي ڳوٺ کان نڪري ڪڏهن اتر ڪڏهن ڏکڻ نڪري ويندو آهي ۽ ويران ڪنڌين تان زندگيءَ جو سامان ميڙي چونڊي موٽندو آهي. سنياسيءَ پنهنجو نالو فقير احمد بخش خان ٻڌايو، هڪ ڇوڪر جو نالو غلام عباس سيال هو.
***
سج لهڻ کان اڳ ٻيڙيون تونسه بئراج جي ڍنڍ ۾ داخل ٿيون ته ٻيٽ ۽ ٻيٽاريون ٻڏي ويون. درياهه جي ڍنڍ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ طوطي خان الهندي پاسي اشارو ڪري ٻڌايو، ”تونئسه شهر هِن پاسي آهي.“ بئراج کان تونئسه شهر جو پنڌ اٽڪل 20-25 ڪلو ميٽر آهي. پر سنڌوءَ جا ڪنارا هاڻي اسان کي ويران لڳن ٿا. بس ائين ٿو لڳي ته درياهه جون ڪنڌيون ۽ ٻيٽ ٽيٽيهرن، سرخابن، سانهه ۽ ٻگهن لاءِ ڇڏيا ويا آهن ته جيئن اهي درياهه جي تانگي توڙي اونهي پاڻيءَ ۾ تڙڳندا وتن ۽ گهتون ۽ ٽٻيون هڻي مڇيون جهلي ڳڙڪائين. اڪثر پکي آکيرا ڪونه ٿا ٺاهين بس ويران ٻيٽن تي وڃيو رهن ۽ آنا لاهن ته جيئن گدڙن ۽ ڪنڌيءُ جي ٻي مخلوق کان بچيل رهن.