ڇُٽو اَمراڻي
سنڌو ماٿريءَ جي راجا دلوراءُ جو ڀاءُ ڇُٽو اَمراڻي پنهنجي ڀاءَ جي شخصيت بالڪل ابتڙ هو. دلوراءِ، الور (اروڙ) جو راجا هو. ڇٽو اَمراڻي سندس پاڇي کان پري ٿي اچي سيوهڻ ويٺو. هو مسلمان ٿيو ۽ عرب ڏانهن ويو. چون ٿا ته ڇُٽو اَمراڻيءَ بغداد جي سامره مان سيد علي موسويءَ کي هڪ سؤ عربن سان گڏ سنڌ وٺي آيو هو. اهي لڪيءَ وٽ اچي ترسيا. ڇٽو امراڻيءَ جي درگاهه سيوهڻ شهر جي ڏکڻ اولهه طرف، عيدگاهه جي پاسي ۾ آهي. سندس مزار، مرزا نواب ديندار خان مغل بادشاهه شاهجهان جي دور ۾ ٺهرائي. ڇٽي امراڻيءَ واري مزار جي احاطي کان ٻاهر قبرستان ۾ مغلن جي قبرن جا پٿر جي تابوتن جهڙا چار پنج تعويذ (cenotaphs) هِتي هُتي پيا آهن، شايد ڪن چورن چورائڻ جي ڪوشش به ڪئي، ڪي اڌ مان ڀڳل به آهن.
چون ٿا ته، جڏهن شهباز قلندر سيوهڻ آيو تڏهن ڇٽي امراڻيءَ ڏانهس کير جي وٽي ڪنيُن تائين ڀري موڪلي. ان سوکڙيءَ ۾ اها معنيٰ لڪل هئي ته سيوهڻ اڳ ئي بزرگن ۽ اوليائن سان کير جي هن وٽيءَ وانگر ڀريل آهي، تون هتي ڪيئن رهي سگهندين؟ ان جي موٽ ۾ شهباز قلندر کير جي وٽيءَ ۾ کير جي مٿان گلاب جو گل رکي موٽائي موڪلي جنهن ۾ اها وراڻي لڪل هئي ته آئون سيوهڻ ۾ ايئن رهندس جيئن هن وٽيءَ ۾ گلاب آهي. ان کان پوءِ قلندر پنهنجن مريدن کي هدايت ڪئي ته روزانو شام جو پهرين ڇُٽي امراڻي جي آستاني تي ڏيئو ٻرندو، ان کانپوءِ سندس آستاني تي ڏيئو ٻرندو. اهوئي سبب آهي جو سدائين ڇٽي امراڻيءَ جي درگاهه تي پهرين ڏيئو ٻاريو ويندو هو. درگاهه قلندر جي خادمن هاڻي ان روايت کي غير اهم سمجهي وساري ڇڏيو آهي.
ڇٽي امراڻيءَ سان ٻيون به ڏند ڪٿائون مشهور آهن پر ايترو واضح آهي ته هي درويش هتي قلندر جي وقت ۾ (64ـ 1263ع) موجود هو، ۽ قلندر کان اڳ ئي هتي موجود هو. ڇُٽي امراڻيءَ جي مقبري واري عمارت مغلن واري وقت جي ٺهيل آهي، ان جي وقت بي وقت ٿوري گهڻي سنڀال ٿيندي آئي آهي. سڀني بزرگن وانگر ڇٽي پير به اسلامي تعليمات، چڱائيءَ ۽ اخلاق جي تعليم ڏني. شايد هن چوري نه ڪرڻ ۽ ڪوڙ نه ڳالهائڻ تي گهڻو زور ڏنو هو. تڏهن ته مجاورن هتي هڪ اهڙي روايت مشهور ڪئي آهي جيڪا اسان ٻيو ڪٿي به نه ٻڌي! شايد ان جو تعلق سيوهڻ جي شاهاڻي ماضي ۽ منڇر ۽ سنڌوءَ سبب گهڻي مڇي پيدا ٿيڻ سان هجي.
فقيرن ڪاشيءَ جو هڪ سهڻو شاهاڻو مٽ سنڀالي رکيو آهي جيڪو خرچي ڏيڻ سان ڪڍي ڏيکارين ٿا. مَٽ تي چاڪليٽي رنگ جو فرش آهي جنهن تي هيڊا، ساوا ۽ ڳاڙها گل پتيون ٺهيل آهن. مَٽ جي هيٺئين حصي ۾ پاسي کان هڪ ٽنگڙو آهي، جنهن کي ٻوچ سان بند ڪندا هوندا. هي مغل دور جو مَٽ آهي، ممڪن آهي ته ديندار خان جي ڏينهن ۾ هتي رکيو ويو هجي! فقير چيو، ”ڇُٽي پير (جي درگاهه) تان نه چوري ٿيندي، نه چور ويندو!“
”ڪيئن ڀلا؟“
”جيڪو ماڻهو چوري نه باسيندو اسان هُن کي هِن مَٽ جو پاڻي ڀري پياريندا آهيون. مٿان مَٽ ۾ پاڻي وجهون، ته هيٺان هِن ٽنگڙي مان پاڻي وهي ايندو، پوءِ اهو چور کي پيارينداسون. جي هوندو بي گناهه ته خير ٿي ويندو پر جي چور هوندو ته اصل نه پيئندو جو خبر اٿس ته ڇا ٿيندو!“
”ڇا ٿيندو آهي؟“
”پوءِ ان چور جي پيٽ مان مڇيون نڪرندس!“
مڇيون ڪيئن نڪرنديون؟ ظاهر آهي ته چور لاءِ اهو تصور ئي ڊيچاريندڙ آهي ته هن جي پيٽ مان مڇيون نڪرڻ لڳن! يقيناً اڄ تائين ڪنهن به چور جي پيٽ مان مڇي ڪونه نڪتي هوندي ... پر اها آهي پير جي ڪرامت جو چور سندس مٽَ مان پاڻي نه پيئندو!