گاجي شاهه : قديم واهيون
سنڌ ۾ واهه ۽ واهيون کوٽڻ جي تاريخ اڃا به پوئتي وڃي ٿي. منڇر ڍنڍ جي اولهه ۾ گاجي شاهه واهيءَ کان بهتر ڪو ٻيو ثبوت شايد ٿي ئي نٿو سگهي. اهڙي ئي هڪ نالِي مهير جبل جي ماٿريءَ ۾ لاهوت اِتڙيءَ وٽ آهي جيڪا جابلو ماٿريءَ جي سخت پٿريلي پيٽ کي ٽُڪي ٺاهي وئي آهي. لاهوت اِتڙيءَ جي ڏکڻ ۾ جبل جي مٿاڇري تي ٻاٻرو نالي قديم ماڳ آهي، جتان آمري ثقافت جو ٺڪراٽو ملي ٿو. پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته لاهوت اِتڙيءَ وٽ کوٽيل اها ٻه فوٽ ويڪري ٻه فوٽ اونهي ۽ ڪيئي وال ڊگهي نالي ساڳي ثقافت سان ڳنڍيل آهي. اها نالي هڪ اهڙي چشمي جو پاڻي وهائي ٿي، جنهن جو وهڪرو تمام ٿورو آهي. اها هٿرادو نالي لاهوت اِتڙيءَ ۾ جمع ٿيل پاڻيءَ کي هڪ ٻئي وڏي قدرتي حوض ۾ پهچائڻ لاءِ کوٽي وئي هئي.
گاجي شاهه وٽ قديم هٿرادو واهيءَ جا نشان ڪافي پري تائين وڃن ٿا. گاجي شاهه کيرٿر جي اڀرندي طرف وارن اوچن ٽڪرين تي تعلقي جوهيءَ ۾ آهي. گاجي شاهه ماڳ منڇر جي اولهه ۾ ۽ نئگ جي اتر ۾ آهي. قديم آثارن جي ماهر لوئي فليم (Louis Flam) هتي کوٽايون ڪري ڪجهه دلچسپ نتيجا ڪيا آهن. هن ماڳ کي اصل ۾ ٽن چئن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. درگاهه گاجي (غازي) شاهه، گاجي شاهه چشمو، گبر بند گاجي شاهه ۽ ماڙي کڙ يا ماڙي کڏ (دڙو). لوئي فليم، جائزو ته سڀني حصن جو ورتو آهي پر کوٽائي ماڙي کڏ جي ڪئي اٿس. سندس اندازي موجب اهو ماڳ 3300 قبل مسيح کان، مُهين جي دڙي واري دور تائين، انساني سرگرمي جو سٺو مرڪز هو. پر سندس چوڻ آهي ته، هتان ملندڙ ٺڪراٽو پنج هزار سال قبل مسيح جو به ٿي سگهي ٿو.
گاجي شاهه واري درگاهه ته ڄڻ هاڻوڪي ڳالهه آهي پر درگاهه واري ٽڪريءَ جي پيرن کان هيٺ لنگهندڙ چشمي وٽ موجود گبربند تاريخ کان اڳ واري زماني جو آهي ان گبر بند جو ذڪر تاج صحرائيءَ به پنهنجي ڪتاب ”سنڌو تهذيب“ ۾ ڪيو آهي. ان گبربند کان اڃا به ٽي چار ڪلو ميٽر اولهه طرف، اٽڪل ٽي چار سؤ فوٽ اوچي هڪ ٽڪريءَ تان ساڳيو چشمو ڦٽي اُڀي لاهيءَ لهي ميدان ۾ ڊوڙي ٿو ان ماڳ کي ’بنجو‘ چون ٿا. مقامي جابلو قبيلا عقيدو رکن ٿا ته، اهو چشمو پير گاجي شاهه جي ڪرامت سبب ڦٽي ٿو. چشمي جو پاڻي گرم آهي. چمڙيءَ جي بيماريءَ جا مريض هتي به اچي وهنجن ٿا، باسون باسين ٿا، ڇيلو ڪهن ٿا ۽ ٻيا ساٺ سوڻ ڪن ٿا. گاجي شاهه ماٿريءَ ۾ هن چشمي کي تمام بنيادي حيثيت آهي. ٽڪر جي ڇاتيءَ مان ٻڙڪا ڏيئي ڦٽندڙ هيءُ گرم پاڻيءَ ٽي سؤ فوٽن جي لاهيءَ تان گهري نالي ٺاهي ٿو ۽ هيٺ لهڻ کانپوءِ ٺري، پيئڻ ۽ آباديءَ لائق ٿي ٿو.
ٽڪريءَ تان لهندڙ چشمي جو مزاج ڪافي جارحيت پسند ۽ پُورالو محسوس ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان وهڪري، ٽڪريءَ تان لهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٻيا لنگهه به ٺاهيا هئا، جيڪي هاڻي ڇڏي چڪو آهي. اهو به ممڪن آهي ته اڳي چشمي جو وهڪرو تمام گهڻو هجي ۽ هڪ ئي وقت ۾ ٽن ٽن يا چئن چئن هنڌن تان جهرڻا ٺاهي لهندو هجي! جيڪڏهن ائين هو ته پوءِ يقيناً اها ٽڪري ماضيءَ ۾ وڏي آبشار وانگر سهڻي لڳندي هوندي.
ٽڪريءَ تي، چشمي جي ڀرسان ئي هڪ ٻي قديم آباديءَ جا کنڊر آهن. آباديءَ ۾ ٺڪراٽو ۽ پٿر جا چاقو جام آهن. ڦٽل گهرن جا بنياد پڌرا آهن، جڏهن ته سڀ کان نمايان اها ديوار آهي، جيڪا ٽڪريءَ جي ڪنڌيءَ تي پٿر جي بي ڊولن بلاڪن کي هڪٻئي مٿان سٿي ٺاهي وئي آهي. ان آباديءَ جي وچ مان هڪ قديم وهڪري جا نشان شروع ٿين ٿا. وهڪرو، وستيءَ جي ديوار مان رستو ٺاهي پهرين ننڍا پير کڻي ٽڪريءَ تان لهي ٿو، پر پوءِ وکون وڏيون ۽ طاقتور ٿينديون هيٺ لهن ٿيون. پاڻيءَ جو اهو پيچرو نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندو هيٺ لهي ٿو. ان پيچري جي ويڪر ۽ لاهِي ايتري ماپ جي آهي جو، جيڪڏهن ان پيچري جي ٿوري مرمت ۽ صفائي ڪجي ته ان مان جيپ لنگهي سگهي ٿي. اهو پيچرو قدرتي آهي پر صاف ڏسجي ٿو ته، قديم زماني جي ماڻهن ان پيچري تان لهندڙ پاڻيءَ کي ڇُلڪڻ کان روڪڻ ۽ ضابطي ۾ رکڻ لاءِ ان کي باقاعدي رٿابنديءَ سان جهليو آهي. هر ان موڙ ۽ وڪڙ تي پٿر رکيا ويا آهن جتان پاڻي ٻئي رخ ۾ وهي سگهيو ٿي. ساڳيو وهڪرو ٽڪر تان هيٺ لهڻ کان پوءِ به آزاد نه ڇڏيو ويو هو. پر ان کي هڪ سڌي چئنل جي صورت ۾ اڳتي وڌايو ويو هو. اهڙا ئي نشان ڏيڍ ٻن ڪلو ميٽرن تائين اڄ به ظاهر بيٺا آهن. شايد هن چئنل کي سنڌ جي آبپاشيءَ جي تاريخ جو سڀ کان پراڻو هٿرادو واهه چئي سگهجي!
اها ته ٿي آثارن جي ڳالهه! خود گاجي شاهه هڪ اهم ڪردار آهي جيڪو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو هڪ اهم سالار هو. هن کي ٽنڊي رحيم کان اولهه وارن لڪن خاص ڪري نئه انگئي ۽ نئگ واري پاسي لوهي بلوچستان جي واٽن تي نگهبان مقرر ڪيو ويو هو. پاڻ قبائلي طرح کوسو هو. چون ٿا ته هو مختصر وقت ۾ پنج هزار ماڻهن جو لشڪر جمع ڪري ٿي سگهيو. گاجي شاهه جي مزار هڪ ڇٽيءَ هيٺ آهي جيڪا ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي سندس ئي ٺهرايل مسجد جي اڱڻ ۾ آهي.
گاجي شاهه کي اڄڪلهه جِنّن جو پير چون ٿا. سنڌ جي جبلن ۾ سندس ميلو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ان ميلي جي خاص ڳالهين ۾ اها ڳالهه به شامل آهي ته هي سنڌ جو انوکو ميلو آهي جنهن ۾ لکها سنڌي ۽ بلوچ ٻارن ٻچن سان ايندا آهن، ڏهاڪو ڏينهن وڏي رونق لڳي پئي هوندي آهي، سُرندي وارا ميانوال فقير مريض عورتن جي آڏو سروندو وڄائيندا آهن ۽ زائفون ان ساز جي آڏو بيخوديءَ ۾ اڌ اڌ ڪلاڪ ڪنڌ ڌوڻنديون آهن. ميانوال فقيرن، زالن توڙي سندن مردن کي يقين هوندو آهي ته انهن زائفن تي جنّ سوار ٿئي ٿو، ۽ فقير سرندو وڄائي ان جن تي قابض ٿي ويندا آهن ۽ عورت کي جنّ جي قبضي مان ڇڏائي وٺندا آهن! مردن تي وري جنڙيون سوار ٿينديون آهن پر تمام گهٽ.