هاليجي
مڪليءَ کان فقط ستن ميلن جي پنڌ تي اولهه طرف، هاليجي اهو ماڳ آهي جتي انسان خدا جي مخلوق کي جيئڻ جو حق ڏنو آهي. هڪ اندازي مطابق هن ڍنڍ تي پکين جا اٽڪل سوا ٻه سئو قسم اچن ٿا. جهنگلي جيوت حفاظت واري کاتي انهن جيوت جي مختلف خانن ۾ درجي بندي ڪئي آهي. انهن پکين ۾ ديسي ۽ پرديسي سڀ پکي شامل آهن، ڪي وڏي تعداد ۾ آهن ته ڪي گهٽ. ڪي ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا ته ڪي مندن ۾، ڪي ننڍا آهن ته ڪي وڏا، ڪي عام آهن ته ڪي خاص. ڪي سياري ۾ ڏسجن ته ڪي اونهاري ۾ ،ڪي گهڙي سوا هتي ترسي اڃا اڳتي اڏاميون وڃن.
اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن ٿيو آهي جڏهن، سرڪار لٺ کنئي ۽ هتي مڇيءَ تي توڙي پکيءَ جي شڪار تي پابندي وڌي. بندوق جي ٺڪاءَ تي پکي ٽهن ٿا تنهن ڪري هتي بندوق کڻي اچڻ جي اجازت ناهي.سنڌ جون ٻيون ڍنڍون هن مهل به پکين کان خالي لڳن ٿيون ؛ سبب اهو آهي جو اڃا سر ۾ هڪ پکي لهي ٿو ته پنجاهه پارهيڙي اچيو پهچن.پکي ويچارا جان بچائي اڳتي ڪنهن ٻي محفوظ ڍنڍ ڏانهن وٺيو اڏمن. هاڻي پرديسي پکي به سمجهي ويا آهن ته، هاليجي ڍنڍ محفوظ آهي تنهن ڪري گهڻو ڪري سڌو اتي اچيو لهن. پر پاڙهيري به جند ڪٿي ٿا ڇڏين. سياري جو پکي لهي ئي مس ٿو ته،شڪاري بنا بندوق جي شڪار ڪري، پکين جون ٽنگون ڀڃي بازار ۾ اچيو وڪڻن. پوليس ۽ واسطيدارکاتن جي منٿلي يا داڻي جو حساب ٻڌو پيو آهي. هاڻي ته ٻڌجي پيو ته، هاليجي ڍنڍ مان واپاري بنيادن تي مڇي مارڻ جي اجازت لاءِ اثر رسوخ پيو هلي!
هاليجي ڏسجي ٿي ته ماڻهوءَ جي دل شاعري ڪرڻ تي چوي ٿي. ڌرتي رڳو انسانن جي ملڪيت ته ناهي، پکي پکڻ ۽ جيت جڻي کي به جيئڻ جو حق آهي. حڪومت هاليجيءَ تي پکين کي جيئڻ جو حق ڏنو ته فطرت پنهنجي سڄي سونهن جماليت ۽ توازن سان پلٽجي پئي آهي. ڇا هيءَ ڍنڍ تڏهن به ايڏي سهڻي لڳي ها جيڪڏهن هتي ايڏا پکي نه هجن ها؟ هرگز هرگز نه.
هن مهل هاليجيءَ کي سڄي يورپ ۽ ايشا جي انهن ڪجهه ڍنڍن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جتي سياري ۾ وڌ ۾ وڌ پرديسي پکي لهن ٿا. هاليجيءَ کان ڪراچي فقط 88_ ڪلوميٽر آهي، جنهن ڪري ڪراچيءَ جي ماڻهن کي تفريح لاءِ هڪ شاهوڪار ماڳ ملي پيو آهي.
ٻي جنگ عظيم جو هاليجيءَ تي به اثر پيو. هن صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي جي پڇاڙي ۽ چوٿين ڏهاڪي جي منڍ ۾، جنگ هلي ته ڪراچيءَ ۾ فوجين جو تعداد وڌيو. هاليجي ويجهي هئي، هاليجيءَ کي سڌاري ان ۾ تازو پاڻي واهه رستي ان ۾ ڇوڙايو ويو. ان کان پوءِ هاليجي، ڪراچيءَ لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي جو وڏو ذريعو ٿي پئي. پر اسان کي خبر آهي ته پاڻي خشڪيءَ جي ڀيٽ ۾ اٺوڻي پيداوار ڏئي ٿو. هاڻي هاليجي مڇين ۽ پکين سان ٽٻ آهي. جيتوڻيڪ انهن جي شڪار تي پابندي آهي، تڏهن به انسان ڪمائي رهيو آهي سياحت جي ذريعي.
هاليجي ڍنڍ جي چوڌاري بند ٻڌل آهي، جنهن تي پڪو روڊ ٺهيل آهي. ڍنڍ جو گهيرو اٽڪل 12_ ميل آهي، پر ڍنڍ جي پکيڙ 6.58 چورس ميل آهي. ڍنڍ جي اونهائي 17 فٽ آهي. ڍنڍ جي چؤڦير بند جي ڪنڌيءَ سان وڻ لڳل آهن جيڪي سياحن لاءِ پاڇو ۽ قدرتي سونهن مهيا ڪن ٿا. ڪُنڍيءَ سان مڇي جهلڻ جي موڪل آهي، ڄار نٿو وجهي سگهجي. ماڻهو ڪنڍيءَ سان مڇي جهليو، ڪنهن نه ڪنهن وڻ هيٺ سڄو سڄو ڏينهن مزو وٺن ٿا. ڪٿي ڪٿي ڍنڍ ۾ ڪنول گل به ٽڙن ٿا، ڍنڍ ۾ ٻيو گاهه ٻوٽو به گهڻو ئي آهي جنهن تي پاڻيءَ جي ننڍي مخلوق پلجي ٿي. ننڍي مخلوق مڇين جي خوراڪ آهي ۽ مڇيون پکين جي.
هاليجيءَ ۾ واڳون به آهن، خاص ڪري اتر واري پاسي هڪ ٻيٽ سندن آرام گاهه آهي، جتي سڄو ڏينهن پسار ڪندا نظر اچن ٿا.