بِزن جهڏو
جي ايم سيد وٽ ڪجهه سال اڳ ٻڪرار اچي اطلاع ڏنو هو ته، هُن جبل ۾ هڪ اهڙي جاءِ ڏٺي آهي جنهن ۾ ڪمري ۾ ڪمرو واري حساب سان ڪيئي ڪمرا آهن. هڪ ڪمري جي ڇت ۾ گنبذ آهي. ان جاءِ ۾ هو گهڻو اندر ان ڪري وڃي نه سگهيو جو کيس ڊپ ٿي لڳو. اها ڳالهه پوءِ ماڻهن جي زبان تي آئي ته ان ۾ مرچ مصالحا شامل ٿي ويا. هڪ ڏينهن اسان به ٻڌو ته ”ٻڪرار هڪ محل لڌو آهي جنهن جي در جون چاٻيون دروازي وٽ رکيون آهن. پهرين ڪمري ۾ هڪ ترار هئي، ٻئي ۾ گنبذ آهي. ان کان اڳتي خبر ناهي ته ڇاهي؟“
اها خبرچار تاج صحرائيءَ جي ڪن ۾ به پئي ۽ نيٺ وڃي اهو ”محل“ ڏسي آيو. ٻڌايائين ته اها هڪ غار آهي، ماڻهن جي هٿن سان کوٽيل. ان ۾ گهڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اندر اوندهه، چمڙا ۽ پوسل آهي. روشنيءَ جي انتظام کان سواءِ ان ۾ داخل ٿيڻ جو ڪو به لاڀ ناهي.
اسان جي ٽيم وٽ جنريٽر به هو، تاج صحرائي به، جوشيلا جاکوڙي به ۽ موقعو به. فيصلو ڪيو ويو ته ان غار ۾ هر صورت ۾ داخل ٿبو ۽ انت لهبو ته نيٺ ڇا ڇا آهي؟
ٽيم جو جوش جذبو ڏسي، سيوهڻ جي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد صديق ميمڻ به ساٿ ڏنو. سندس هلڻ اسان لاءِ ڏاڍو فائديمند ثابت ٿيو. لڪيءَ وارو ريلوي ڦاٽڪ ٽپي جيپ انڊس هاءِ وي تي ٻيا ٽي چار ڪلو ميٽر ڪري اولهه طرف ٽاڪرو پيچري تي لهي پئي. هتي هڪ ڳوٺ ”آباد“ آهي. بزن جهڏو غار ڳوٺ، آباد کان ٽي چار ميل اندر لڪيءَ جي هڪ ڍوري ۾ آهي.
غار تائين پهچڻ ۾ اسان کي شايد ڪجهه تڪليف ٿئي ها پر اسسٽنٽ ڪمشنر کي ساڻ ڏسي آباد ڳوٺ ڪو هڪ همراهه اسانجو سونهون ٿي پيو، ان ڳوٺ ۾ رند رهن ٿا. اسان جو سونهون به ان غار مان ٿي آيو هو پر اوندهه کان سواءِ ڪا شيءِ نظر نه آئي هئس. جيپ هڪ اڌ وڪڙ کائي بزن ڍوري ۾ بيهي رهي.
”هن هنڌ گبر بند هو“ تاج صحرائيءَ هڪ هنڌ ڍوري جي پاڙ ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”مان اڳئين ڀيري آيو هوس ته ٺيڪيدار ان گبر بند جا پٿر ٽرڪ ۾ پئي ڍويا.“ هاڻي گبر بند جو ڪو نالو نشان ڪو نه هو.
ڍوري ۾ ساڄي هٿ طرف، جبل جي پاڙ ۾ هڪ غار جو منهن هو، جيڪا هاڻي گهڻي ڀاڱي ڍڪجي ويئي آهي. ان کي بزن ڪوٽ ٿي چيائون. بزن جهڏي واري غار کاٻي هٿ تي جبل ۾ ڏيڍ سؤ کن فوٽ مٿي هئي. پري کان غار جو سوراخ ڪوئي جي ٻر وانگر ٿي لڳو. ان جو لنگهه سچ پچ هئو به ڪوئي جي ٻِر وانگر. غار جي منهن تي پٿر جمع ٿي ويا هئا ۽ ڪي ڪَنڊاوان ٻُوڙا رستو بند ڪري چڪا هئا.
صديق ميمڻ صاحب رند ٻروچ ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن کي ٻوڙا وڍڻ ۽ پٿر هٽائڻ جي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو. ڪريم ميمڻ ۽ محمد علي قادري جنريٽر هلائڻ ۽ تارون ڳنڍڻ جي ڪم ۾ جنبي ويا. موقعي جو فائدو وٺي مون غار جي ٻاهرين بيهڪ جاچي ۽ غار جي منهن وٽ ۽ ڀرپاسي ۾ قديم ٺڪريون ۽ پٿر جا اوزار ڳولڻ شروع ڪيا. ان معاملي ۾ قدرت مون تي شروع کان مهربان رهي آهي. ڏهن پندرهن منٽن جي تلاش ۾ مون کي پٿر جا ٽي بليڊ مليا، هڪ اڌ صحرائي صاحب به لڌو.
غار جبل جي اُڀي لاهي تي پاڙ ۽ چوٽيءَ جي وچ ۾ آهي. منهن وٽ کوٽائي ڪري ڪجهه خلاصي جاءِ ٺاهي وئي آهي. جڏهن ته غار جي منهن تي ئي ساڄي ۽ کاٻي پاسي وهڻ لاءِ مختصر ٿلها ٺاهيا ويا هئا، جن جي شڪل هاڻي ڦٽي چڪي آهي. غار جو منهن ڪافي سوڙهو ۽ اونهو آهي. بزن جهڏي ۾ لهڻ جو فقط هڪ ئي طريقو آهي ته پهرين پير اندر ڪري پُٺي ڀر ليٽي پئجي ۽ پوءِ ٺونٺين ڀر اندر رهڙيون پائجن. در لڳ ڀڳ ٻارهن کان پندرهن فوٽ اونهو آهي ويڪر شروع ۾ پنج ڇهه فوٽ ۽ پوءِ وڌيڪ اٿس. مون ”غار ۾ لهڻ” ان ڪري لکيو آهي جو غار سڌي ناهي پر اندر مستقل لاهي اٿس.
غار جي سرنگهه جهڙي وات مان اندر ٿي چڪاسون ته غار ڪشادي ٿي وئي. محمد علي ۽ ڪريم ميمڻ مون کان اڳ لهي چڪا هئا. جنريٽر برابر ڪم ڪري رهيو هو پر بلب ڪمزور هو. هونئن به اندر ماحول ۾ پوسل هئڻ ڪري روشنيءَ موٽ نٿي کاڌي ۽ ديوران ۾ جذب ٿي پئي وئي. بلب سڄي غار کي روشن ڪرڻ لاءِ ڪافي نه هو. ان جي روشني ڇت کي به نٿي ڇهيو. ٽارچ جي مدد سان ڇت جي اوچائيءَ جو اندازو هنيوسين، اها ڪنهن به صورت ۾ پندرهن فوٽن کان هيٺ نه هئي.
ٽارچ جي روشنيءَ ۾ ديوارن ۽ ڇت جو جائزو وٺڻ تي محسوس ٿيو ته هيءُ هڪ بي ترتيب گول ڇت ۽ ديوارون هيون، هڪ اهڙي ابتي پيالي وانگر جنهن جي ڇت ۽ ديوار کي جدا ڪرڻ لاءِ حد مقرر ڪري نه سگهجي. هيءَ هڪ وڏو هال هو.
هال جي اندرين پاسي ونگ جهڙو وڏو لنگهه هڪ ٻئي چئمبر ڏانهن وٺي ويو. هي چئمبر وچولي ماپ جي ڪمري جيترو، پر پهرين غار وانگر بي ڊولو ابتو پيالو ثابت ٿيو. هتي زمين آلي هئي. ٻئي نمبر چئمبر کان اندرين پاسي ونگ جهڙو هڪ ٻيو ننڍو لنگهه ٽئين نمبر چئمبر ۾ کلي ٿو. ٽيون نمبر چئمبر ننڍڙي ڪمري جيترو آهي، جنهن جي ڇت ساڳئي پهرين ۽ ٻئي نمبر چئمبرن وانگر اُبتي آهي. پر ان چئمبر مان ڇت جو ڏيک لڳ ڀڳ اهڙو ئي آهي جيئن ڪنهن گنبذ جي هيٺان بيهي ڇت ڏانهن نهارجي. ٽئين نمبر چئمبر کان اڳتي کاٻي پاسي سوڙهو ڏر چوٿين نمبر چئمبر ڏانهن موڙ ٿي کاڌو.
اسان وٽ جنريٽر سان اضافي تار 180 فوٽ هئي جيڪا ٽئين نمبر چئمبر جي آخري ڇيڙي تي پهچي کٽي وئي. ٽارچن جي مدد سان اڳتي لهڻ وڏو جوکم ٿي سگهيو ٿي. مان وڌيڪ بيهي نه سگهيم ڇو ته اي اين ٽي تڪليف ۽ غار ۾ آڪسيجن جي گهٽ مقدار سبب ساهه منجهڻ لڳو هئم. تڙتڪڙ ۾ ماپون وٺي ٻه چار فوٽو ٺاهي جيئن تيئن غار جي سرنگهه نما وات تي پهتس. بانبڙا پائي ٻاهر نڪرڻ به سولو نه هو. انور پيرزادو هٿ ڊگهيري ٻاهر ڇڪي نه ڪڍي ها ته ايندڙ منٽ ڏيڍ اندر مان بي هوش ٿي چڪو هجان ها. محمد علي، ڪريم ۽ ڪجهه ٻيا نوجوان اڃا به ڏهه پندرهن منٽ اندر رهيا ۽ پوءِ هڪ هڪ ٿي ٻاهر نڪتا. هر هڪ کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻو ٿي پيو. منهنجي ذهن ۾ اهو ئي سوال گردش ڪندو رهيو ته چوٿين چئمبر ۾ ڇا ٿي سگهيو ٿي؟
”توهان اندر ڇا ڏٺو؟“ انور پيرزادو جيڪو غار جي وات تي بيهي رهيو هو، غار مان نڪرندڙ هر شخص کان مهڙ کان پڇاڙيءَ تائين قدم قدم جو احوال پڇندو ٿي ويو.
”غار جو منهن پهريون ننڍو هو ... پوءِ وڏو ٿيندو ويو“ زبير پنهنجو مشاهدو بيان ڪرڻ شروع ڪيو، ”پوءِ غار وڏي ٿي وئي ... پوءِ اهڙي ئي هڪ ٻي غار آهي ... وري هڪ سوراخ آهي ... پوءِ پنجن فوٽن جي گهيري جو گول ڪمرو آهي پڇاڙيءَ ۾ سرنگهه جهڙو سوراخ آهي پوءِ الائي ڇاهي ... بس رڳو چمڙا ئي چمڙا آهن جيڪي اڏامندا ٿا وتن.“
”اندر گرمي ڪيئن هئي؟“ انور پڇيو.
”ايڏي گهُٽ ٻوساٽ ۽ گرمي آهي جو سمجهو اسان جيئري دوزخ گهمي ڏٺو آهي“ ڪريم ميمڻ ٽهڪ ڏنو. ”پر اندر جيڪي ڏٺو سو ڏاڍو سٺو هو. تار نه کُٽي ها ته اڃا اندر گهڙي وڃون ها ... سؤ کن فوٽ اڃا به هجي ها ته صفا اندرين غار ۾ گهڙي وڃون ها!“
”ڇا هيو اندر؟“ انور، محمد عليءَ کان پڇا ڪئي.
”پهرين غار ۾ اسان پٺيءَ ڀر رڙهندا اندر وياسين. اها غار تمام وڏي هئي. اوچائي ٻارنهن فوٽ کن ٿيندي. ڊيگهه ويهه ٻاويهه فوٽ هوندس. ان کان اڳتي گولائيءَ تي دروازو هو. ان جي ڀرسان کاٻي هٿ تي ننڍڙو سوراخ هو. ان جي ڀر ۾ زمين ڏاڍي نرم هئي پير پيا رکون ته آهستي آهستي ڌٻڻ وانگر اندر لهي پيو وڃي. ڊپ ۾ اسان اتان هٽي وياسين. ان ڪمري جي ماپ 8_10 فوٽ هئي. پوءِ ٽين غار نظر آئي. ان جي اوچائي پنج فوٽ کن هئي ۽ ويڪر ٽي چار فوٽ هئي. ان جي ڇت بالڪل گول هئي گنبذ وانگر ان غار جو پٿر زنگيل لوهه جهڙو هو ڳاڙهو ڪارو. ان غار ۾ کٻي هٿ تي ٽي سوراخ هئا جيئن ڏيئا رکڻ جي جاءِ هجي! ان کان اڳتي ڪو ماڻهو 10_12 فوٽ بانبڙا پائي وڃي ها ته هڪ وڏي غار ۾ پوي ها ... ها چوٿين غار اسان ٽارچ جي روشنيءَ ۾ ڏٺي ... مان ٽي چار فوٽ بانبڙا پائي موٽي آيس ... اندر وڏي غار هئي ... پهرين نمبر واري غار جي ماپ جيتري هوندي!“ محمد عليءَ جي ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي ڇو ته ٺيڪ ان مهل غارن جي منهن مان هڪ نانگ نڪتو ۽ تيزيءَ سان هڪ پاسي هليو ويو. شايد نانگ کي انسانن جي مداخلت پسند نه آئي هئي، جيڪي سندس محل ۾ گهڙي کيس پريشان ڪري رهيا هئا پر ڇا ٿي ڪري سگهيو سواءِ جي واڪ آئوٽ ڪرڻ جي!
ڪجهه به هجي. هيءَ غار قدرتي هرگز نه هئي. بالڪل انساني هٿن سان گهڙيل هئي. گهڙاوت جي لحاظ کان ان جا سڀئي چئمبر اروڙ ۽ شادي شهيد وارين غارن جهڙا هئا. وڏي ڳالهه ته غار جي منهن تان لڌل پٿر جا چاقو هتي قديم انساني سرگرميءَ جو ثبوت پيش ڪن ٿا. گهڻو ممڪن آهي ته هيءَ غار به پٿر جي دور وارن سنڌي ماڻهن جي کوٽيل هجي.