سھيڙيندڙ پاران
حَسن بنا پنج سال، پنج صديون يا شايد پنج قيامتون گذاري، 2016 جي 16 جُون به آئي ڪي آئي، وري ھڪ صديءَ جيڏي دَرد جو انگ وڌائڻ لاءِ، مري مري، جيئڻ جي ايڪٽنگ ڪرڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آھي، اِھو سبق مونکي اِن ئي عرصي سيکاريو آھي. دعوائون ڪندڙ کوکلا رشتا ۽ نانگن کان به وڌيڪ زھريلا ماڻھو اسان سان ايئن گڏ گڏ رھند آھن جيئن انھن کان وَڌ، اسانجو ٻيو ڪوبه مُخلص، پنھنجو ۽ ھمدرد نه ھجي، حَسن واقعي سچ ئي ته چيو ھو، ”ھر انسان اڪيلو آھي.“
مون حسن جا ڪي به پروگرام نه ڪرايا، فقط ٽينءَ سال تي ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ ادا نصير مرزا جي ساٿ سان ھڪ شاندار Tribute پروگرام ڪري اِھا روايت وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ته تخليقڪار کي محبتن جي ڀيٽا ڏيڻ گھُرجي نه ڪي اُن جُون ورسيون ملھائجن. اِن پروگرام تي حسن جي ڳوٺ جي ”چڱن مُڙسن“ اھو Compliment ڏنو ته، ”مائي، حسن کي ڪيش پئي ڪرائي، تڏھن، ٽھڪ ۽ سُڏڪا منھنجي اندر جي کنڊر ۾ پاڙ ڪڍي رُنا ھئا. خالي ھٿِن حَسن مون لاءِ ساري ڪائنات ھو، بلينڪ چيڪ نه!
کيس جي ڪيش ڪرائڻو ھجي ھا ته پنج سال کوڙ ھئا N.G.Os ۾ پير ڄمائڻ، پروجيڪٽ ڦٻائڻ، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ نمائندگيون ۽ نوڪريون پنڻ کان وٺي سندس دوستن جي پاور فُل سرڪل کان ذري پَرزي تي favor وٺڻ لاءِ ۽ مون ته اڄ ڏينھن تائين اُھي تعزيتي رجسٽر به ناھن ڏٺا جيڪي ”يقينا حسن جي ٻارن جي امانت ھئا. منھنجي خواھش ھئي ته انھن سمورن تاثرن کي انھن مضمونن سان گڏ ڇپايا ھا جيڪي حسن جي وڇوڙي تي دوستن ۽ پيار ڪندڙن پاران لکيا ويا، پر شايد انھن تي اسانجو ڪو حق نه ھو.
ساري سنڌ جي پرين حسن درس جي رسالي جو پھريون ڇاپو 2010 ۾ انڊس فائونڊيشن پاران مسعود لوھار نھايت سھڻي انداز ۽ دل سان ڇپائي پڌرو ڪيو، جيڪو ڪيترين ئي تنقيدن ۽ اعتراضن جي باوجود ھٿون ھٿ کپي ويو، جنھن کان پوءِ ڪجھه ٻين دوستن به سندس چونڊ شاعري کي ڪتابي صورت ۾ آندو پر گڏوگڏ مڪمل رسالي کي پڌرو ڪرڻ واري گھُر جاري رھي، جيڪا يقينا منھنجي ذميداري ھئي ۽ اِن لاءِ مونکي ڪاڇو پبليڪشن ھر لحاظ کان بھتر لڳي. محمد علي ماجد رسالي جي ٻئي ايڊيشن کي بھتر بنائڻ ، ۽ ايڊيٽنگ وارين غلطين کي دُور ڪرڻ کان وٺي شاعري ڀيٽڻ ۽ حسن جا نوان غزل ۽ نوان نظم جيڪي پھرين ايڊيشن ۾ شامل نه ٿي سگھيا، انھن کي ھٿ ڪرڻ تائين جيڪا محنت ڪئي آھي، اُن لاءِ ڪي به stereotype جملا چئي سندس ڪيئي تي پاڻي ڦيرڻ برابر آھي، پڙھندڙ پاڻ ئي اِن جي گواھي ڏيندا، جن دوستن حسن جي شاعري ھٿ ڪري ڏيڻ ۾ سھڪار ڪيو تِن جا ٿورا.
اُميد ته سيڪينڊ ايڊيشن ۾ انھن غلطين جو ورجاءَ نه ھوندو، جن جي نشاندھي پھرين ايڊيشن ۾ ڪئي وئي.
”حسن درس جو رسالو“ حسن ۽ اُن جي انوکن خيالن سان پيار ڪندڙن وٽ يقينا مانَ پائيندو.
اِرم محبوب