دُکي ديس جي ھڪ ڪَوتا!
اُس ۽ عاشقي،
مون ڪيتري آھي اُڻي،
ھن ديس جي در در اڳيان،
آئون واٽن تي جڏھن وکري ويس،
سار تنھنجي جا سوين ساوا پکي،
اوچتو آيا اُڏامي،
۽ اچي مونکي چُڳيا،
۽ عاشقي جي اگھاڙي اُڀ ۾،
ڦڙ ڦڙ ڪندا ويا ڦھلجي،
دور تائين ھن پٺيان پيڇو ڪري،
ھوا جا پر ڪٽن ٿا،
زندگي نوچن پٽن ٿا،
۽ منھنجي ھڪ جيڏن جي جوانين کي،
۽ انھن جي محبوبائن جي نشانين کي،
شامُن جي ڳلن تي،
ڦُٽي پوندڙ چپن کي،
ھُو اُجاڙيندا اچن پيا،
مُک مُھانڊا،
پوسٽرن وانگي ڦاڙِيندا اچن پيا،
۽ منھنجي نئين نسل جون،
مور جي رنگ جھڙيون،
سڀ اميدون،
۽ ٻٻر جي ٻُور جھڙيون اَھنسائون،
ٽھڪ ڏئي ٻارن پيا،
وڻ، پکي، ماڻھو گڏي مارن پيا،
۽ منھنجو ديس ننڍڙو ٻار بنجي،
روح منھنجي ۾ ڪري ٿو روڄ راڙو،
۽ آئون،
پنھنجي پيڙھيءَ جي نِرڙ جو پگھر بنجي،
در مٿان ٽپڪان پيو،
۽ پنھنجو پاڻ کي پيو پوکيان،
ھن ديس جي در در اڳيان،
ھن ديس جي گھر گھر اڳيان!