اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمو ڪنھن سار وانگي ھو،
لڙيو پئي لاڙ تان سورج، مُھاڻي ٻار وانگي ھو.
ڳچيءَ ۾ مون ھيو پاتو ۽ سيني ساڻ ھو لاتو،
منھنجو محبوب ڪلھه مونکي، ھٿن ۾ ھار وانگي ھو.
ھُجومن ۽ ھُشامن، ھيڪلائيءَ کي جڏھن جنميو،
ڏٺو مُون روح پنھنجي کي، انڌاري غار وانگي ھو.
وڻن تي ڪانگ ھا ويٺل، ڳليءَ ۾ ڳئون پئي آيون،
پراڻو ڳوٺ ھو ليڪن، پرينءَ جي پار وانگي ھو.
جڏھن جھمپير ۾ منھنجي، جواني موٽ کائيندي،
کِلي چوندين کجيءَ کي تون، تِکو تلوار وانگي ھو.
ھوائن تي ھليس آئون، نظر ڪجھه ڪونه ٿي آيو،
سڄڻ رستو سڄو تنھنجو، سنھي ڪنھن تار وانگي ھو.
مڇيءَ جي اک مان ويٺي، ڏٺو مون ھر ڏھاڙي کي،
لڙاٽيل وقت ۾ لمحو، لڳل ڪنھن ڄار وانگي ھو.
صفا سُنسان مندر ۾، جڏھن سانجھي ملي مون سان،
اُتي آواز عشق جو، سنھڙو ڪنھن آر وانگي ھو.