اسان ئي ڪوي ڪاڪ ڪوتا جا راڻا،
اسان سان ئي مومل ڪيا موھ ماڻا.
اسان ئي اوندھ سان الجھون ۽ اٽڪون،
اسان جي نه ڏات جا ڏيئا اُجھاڻا.
اسان کنڀ کوھي نه خيالن جا ڇڏيا،
اسان جي اندر جا عقاب اُڏاڻا.
اسان ته ڀٽائي ءَ سندا شعر ڳايا،
اوھان ئي پڙھوپيا پرايا پراڻا.
نڪي در ڌارئين ڪنھن جو جھليوسين،
نڪو نوسياسين وڃي نام ناڻا.
وساريا نه آھن اسان وڻ وطن جا،
ڀُلياسين نه دودي ۽ ڀونگر جا ڀاڻا.
نڪي لوڀ لالچ اسانکي نمايو،
نڪي بيت دوھا اسانجا وڪاڻا.
کڻي ٻاٽ ۾ لاٽ واٽن کي وؤڙي،
اسان ئي پرھ جا ڪيا ھن پڇاڻا.
سڀئي سنڌ تنھنجي تسبيح پڙھن پيا،
”حسن“ سي نه ھر دم آھن اياڻا.