اڄ به منھنجي عاشقي ڄڻ آگ آھي
تون ته سمجھين ٿي ته
منھنجا خواب سڀ نامرد ٿيا،
۽ ھجر جي شام ھر ڪا،
ڄڻ ته کدڙن جي مڙھيءَ جي ماٺ آھي،
تون ته سمجھين ٿي ته،
منھنجي موھ جون مُرليون سڀيئي،
بي سريون بيڪار ٿيون،
۽ درد جو ھو نانگ ڪارو،
ڀٽ ۾ ڀٽڪي مئو،
۽ سندئي احساس جيڪو،
ڄڻ ته گيڙو ويس آ،
مون وڃائي آ ڇڏيو،
تون ته سمجھين ٿي ته،
منھنجي سمنڊ سان ياري پراڻي وئي ٽٽي
۽ ساحلن تي بي وفائي پيو بڪان،
۽ ھاڻ ڪائي يادگيري،
ڪا ڪياماڙي نٿي مون کي ڇھي
تون ته سمجھين ٿي ته،
مون ڪيٽي بندر ۽
تنھنجي سنيھي جيئن سجاول کي وساري آ ڇڏيو،
۽ سڀئي تاڙيون کجيون
جھمپير جون،
مون ۾ ويون آھن مري.
تون الائي ڇا به سمجھين،
پر ائين آھي برابر،
خودڪشيءَ جي خيال وانگي،
سنڌ کي مون سئو دفعا آ سوچيو،
ھر دفعي مون موت کاڌي تو ھٿان،
ھر دفعي ھن عاشقيءَ،
مون کي بچائي آ وڌو.
ھن ديس جو ھڪ ھڪ چپو،
منھنجي چپن ۾ آ چُمي
منھنجي ھٿن ۾ جام جيئن،
منھنجي اندر جي آسمانن ۾ اڏامن جي شڪل،
ھن ديس جي ھر ھڪ گھٽي،
منھنجي رڳن ۾ ٿي لھي
ھن ديس جي ھر ڪا دري،
منھنجي اندر ۾ ٿي کلي،
ڇا ڇا نه مون آھي ڏٺو ھن ديس ۾،
ھوءَ سنڌو
ڄڻ ڪا فرينچ ڇوڪري آھي ستل
۽ انھيءَ تي چاندني.
ڄڻ سڻي پيئي لڙھي لھرن اندر
ڄڻ ته ڪا ساڙھي اڇي،
پئي اُڏامي اُڀ ۾،
۽ ھو سمورا ڳوٺ جيڪي،
ڄڻ ته آھن ٽئگور جي شاعري،
۽ تنھنجي اکين مان اُس جي وسڪار جيڪا
وڻن تي،
اُن اکين جي اُس جو ادارڪ جيڪو مون ڪيو،
۽ سمندر جي گجيءَ مان،
ڄڻ ته ٿو تنھنجو جسم مون ڏي اچي،
ڇاڇا نه مون آھي ڏٺو ھن ديس ۾،
ھا اڃان مون مان شرابن جي سڃاڻپ،
ڪانه وئي آ،
۽ اکين جي گھور گھاتو،
ڪين ٿي آھي مُڏي،
اڄ به تنھنجي چاھتن جا،
باغ ٿا مون ۾ لڏن
اڄ به ڪائي کنوڻ ٿي مون ۾ کجي
اڄ به ڄڻ ھالار ٿو مون ۾ گجي
اڄ به تنھنجي درد ۾ سو دم آھي،
ڄڻ ته تنھنجي چيلھه جو ڪو خم آھي
اڄ به مون ۾ ڪا جيئڻ جي جاڳ آھي،
اڄ به منھنجي عاشقي ڄڻ آڳ آھي.