ڪراچي تُون اسانجو سج آھين!
ڪراچي تون اسانجو سج آھين،
۽ اسين سورج مکي آھيون،
اسانجي پوئين پيڙھيءَ جا،
سمورا سوز ۽ آواز،
زخمي مور جي رڙين ۾ دفنايا ويا،
اڌ صديءَ جو سُور،
۽ سجيل سنڌو سندس يادگيرين ۾،
چاندنين ۽ سانوڻين ۾،
اسانجي ڀرجي آيل آواز جي شاھدي آ،
۽ ٻھڪندڙ پيلي ٻٻر جو ٻُور،
اسانجي درد جو پيو رنگ بنجي،
سدا ڇڻندو رھيو آھي.
۽ اسانجي بيقراري جا اڃارو سمنڊ،
تو ڏانھن روز واجھائي وري ٿو،
اسانجي درد جون،
ڪارن گلابن جيئن ٽڙي پوندڙ ڪٿائون،
اسانجا ھي بدن ٻانھون،
تنھنجي ئي ھوائن ۾ ٻوڪيون آھن،
۽ اسانجي ساھ جي نلين ۾،
ٻرندڙ ساھ کي،
۽ اسانجي ھن،
اڻ کٽ عاشقي جي آھ کي،
تون وڏو اتساھ آھين،
اسان ھي پنھنجي پيرن ۾،
پرينءَ جي پار جا سڀ پنڌ،
تنھنجي لاءِ رکيا آھن،
اسين توکي پھرين پيار وانگي ٿا پسون،
۽ تون اسانجي روح ۾،
مٺي محبوب جي اک وانگي ٿي لھين،
۽ تنھنجي ھر ڊگھي ڇوٽي ڳلي،
اسانجي دک جي پوڙھين صدين کي،
دونھين وانگي وٽ کائي،
ويڙھجي ٿي وڃي،
اسان پنھنجن ابن ڏاڏن،
پنھنجي پيڙھين جي پيڙا جا سمورا سور،
پنھنجي رڳن جي رت ۾ روڪي رکيا آھن،
۽ تنھنجي روئي پوندڙ روشنيءَ ۾،
درد جو احساس،
اسانجي نوجوانيءَ کي نمايان ٿو ڪري،
۽ اسين،
پنھنجا چھرا ۽ ڇڻي ويل مک مھانڊا،
تو ۾ پوکڻ ٿا گھرون،
اسين تنھنجو اصل آھيون،
اسين تنھنجو نسل آھيون،
ڪراچي تون اسانجو سج آھين،
۽ اسين سورج مکي آھيون.