گيت محڪوم ناھن اسانجا
گيت محڪوم ناھن اسان جا!
اسين جي سھاري بنا دربدر،
ڪا به ڇانو ڇپر نه اسان جو ڪو گھر،
سڄو ڏينھن ويراڳ ڳايون گھٽين ۾،
ٻنين جي ننڍن پيچرن تي گھمون،
لڙيءَ شام جو
اُٺن جون قطارون
چڙا مال جا،
۽ چونڊي تان ايندڙ سڀيئي عورتون،
ڌنار چميون ڏيندا بوڙيندن کي
گھرن ڏي ورن،
۽ گھٽين ۾ ڌڌڙ جا گھاٽا ڪڪر،
مٽيءَ جي مھڪ واسي ماحول کي
اھو سڀ ڏسيو،
ڪنھن وڻ جي ٿڙ کي ڏيو ٽيڪ،
سوين گيت سرجيون،
اُھي گيت محڪوم ناھن اسان جا!
اُھي گيت جنھن ۾
ڪنھن ڪنواريءَ جي چوڙين جي ڇڻ ڇڻ جو نغمو،
ڪنھن مُٺيءَ ماءُ جا سوين لڙڪ آھن،
ڪنھن پوڙھي پيءُ جي
ڏڪندڙ ھٿن جا سوين احتجاج،
۽ معصوم ٻارن جي
مرڪن جي قاتل ڏي اُٿندڙ اشارا،
۽ اکين مان وھي آيل
ڪاري ڪجل جا
ڳلن تي ليڪا،
۽ گلابي چپن جا اُڏامي ويل رنگ،
اسين جي وڏيءَ ويل وڪڙيا وياسين،
اسين جي زنجيرن ۾ جڪڙيا وياسين،
مگر گيت جيڪي
جھنگلي گھوڙن جيان ڊوڙندا،
زنجيرون سموريون ٽوڙي ويا،
اُھي گيت جيڪي
مرليءَ جي سر ۾،
بينن جي لھرن ۾،
نپجي وڏا ٿيا،
تنبورن جي ھٿ ۾ ڏئي ھٿ ھليا،
اُھي گيت محڪوم ناھن اسان جا!
اُھي گيت محڪوم ناھن اسان جا!