ڇپر ۽ ڇانوَ پنجتن جي
بندا بابا قريشي رح سان اچي جنھن باغ ۾ لھندا،
سجايل سيج سيوھڻ جي تڪيا تن جا اتي ٺھندا.
ڇپر ۽ ڇانوَ پنجتن جي وسيلا واھ جيئن وھندا،
اسان جا اندر اورانگھي اتي رستا رمتا اچي رھندا.
ھوا جي ھٿ تي ڏيئا اسان جا ٻاٽ ۾ ٻرندا،
ڪُنن مان تون اُڪاريندين توانا تار ۾ ترندا.
اسان جا ڇيڪ ٿي ڇيلا سدائين چاندني چرندا،
اونداھي گُگھه مان گھوڙا اسان جا خير سان ورندا.
قلندر قافلا تنھنجا پُڙي تو وٽ اچي ٺرندا،
صدين جا پنڌ سوگھا ٿيا لڌائون لال لمحي ۾.
سائين احمد علي قريشي، دورِ حاضر جو اويسي قلندري سلسلي جو بزرگ جن جي مزار لال باغ سيوھڻ شريف ۾ آھي.