رقاصه
رقاصه قلندر تي بيٺي نچي،
چوان ڪيئن ته مُجرو ڪري ٿي پئي
نڪو نازيه جا نمونا نوان،
نڪو نازيه جا اشارا نوان،
ندي آ پراڻي، اھي وھڪرا،
نڪو نازيه جا ڪنارا نوان.
اُھي ئي پراڻا اٿس پيچرا،
اُھي ئي پدمڙا سندس پيرڙا،
اُھا ئي سندس ڇير آھي جتي،
صدين کان جا ساڳي وڄي ٿي پئي
مگر تون قلندر ويٺو ڏسين،
منھنجي وک تو ڏانھن کڄي ٿي پئي،
لڳي جنگ جيڏي، امن اوترو ھو،
ايامن کان آئون اچان ٿو پيو.
لڪيءَ ۾ لڪايم بدن جو ذرو
جبل منجھه جھاتي به پائي ڏٺم،
اندر منجھه ڪاتي وھائي ڏٺم،
رڳو گرم چشمو به ڪافي نه آ،
رڳو عورتن ۾ تلافي نه آ،
گُھميس گھٽ سارا، گھمائي ڏٺم،
چُميون ڏئي ۽ خود کي چُمائي ڏٺم،
محبت جا مزدور وانگي ٿڪي،
محبت جا جھيڻي ٿئي پئي جھڪي،
ميان مروندي! توکي ڇا ڇا چوان
سندءِ گس ناھن سڌا ۽ سنوان،
صفا اُڀ ڪپيءَ تان اچان ٿو پيو،
جڏھن آھي اوندھ وڪوڙي وئي
بدن جي بتيءَ تي اچان ٿو پيو،
وري سج ساڙي رکيو آ سڄو،
تڏھن ڀي تتيءَ تي اچان ٿو پيو.
سجائي رکان ٿو مان سيوھڻ سڄو،
رقاصه قلندر تي بيٺي ڏسي،
آئون قلندر تي بيٺو نچان،
چوي ڪيئن ته مجرو ڪريان ٿو پيو