پکي پرديس جا سورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،
ورڙ (1) ان واٽ تي ويٺل، اڳيان جت رِڻ رڙي ٿو پيو.
لڳي وئي لاڙ سان آ لنئون، اوھان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون،
اسان کي عشق سارين جيئن، ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو.
عمر جي آڱرين مان ڏس، ڦُلن وانگي ڇڻون ٿا پيا،
سڄڻ سگريٽ سستي جيئن، سڄو ماڻھو سڙي ٿو پيو.
پراڻي عشق پوڙھي جي، وڄت نڙ ڦُوڪ مان نڪتي،
ملڻ ھي مير محمد (2) جو، جوانين کي جڙي ٿو پيو.
اوھان مُرڪي ملي آخر، ھليا ويا شھر پنھنجي ڏانھن،
اسان جي ڳالھه جي ڳل تان، اڃان ڳوڙھو ڳڙي ٿو پيو.
وطن ۾ بي وطن معشوق، عاشق جو ملڻ ڪھڙو،
زمانو زور تي تڙ تان، تماچين کي تڙي ٿو پيو.
_______
(1) ورڙ ذات آھي ۽ بدين ضلعي جي ڏاکڻي حصي ۾ سندن وڏا ڳوٺ آھن.
(2) مير محمد لنڊ (1927 1997) بدين لڳ جو رھواسي ھو ۽ بوڙينڊي ۽ نڙ وڄائڻ ۾ خاص مھارت رکندو ھو. ھن بوڙينڊي مان ست سُر ڪڍي ان کي نئين صورت ڏني.