مس اسڪارپيو
ھوءَ اڃا تائين،
اڀ ڏي آڱر کڻي،
تارن لاھڻ جي تمنا ٿي ڪري،
۽ پنھنجي ٻانھن ۾،
صبح جو سج ويڙھڻ ٿي گھري،
۽ بارش ۾،
گھٽا جو ٽوپ پائڻ ٿي گُھري،
۽ ضدي ٻار وانگي،
مون سان پيار ۾ وڙھندي رھندي آ،
ڇو ته ھوءَ اڃا ٻار آھي
شھر جي سڀني گھٽين کي،
موت ويڙھجي ويو آ،
۽ ٻارن جي راند جي پويان،
خاتمو ٿو ڏند ڪُرٽي،
۽ اداسيءَ جون ھوائون،
ڀتين سان سر ٽڪرائين ٿيون،
پوءِ به ھوءَ،
دريءَ ۾ مُک رکي،
مسلسل ٽھڪ ڏيندي رھي ٿي،
ڇو ته ھوءَ اڃا ٻار آھي
ھن کي خبر آھي ته،
آئون جھنگلي ڪبوترن جي جُھنڊ کان وڇڙيو آھيان،
۽ سمنڊ سان منھنجي ياراڻي،
منھنجو مقدر آھي
ٻڏي ويل جھازن جھڙا پُور منھنجا،
منھنجو پيڇو ڪندا ٿا وتن،
۽ نيٺ ھڪ ڏينھن ،
آئون سڀ ڪنارا پاڻ ۾ ڳيھي ويندس،
پوءِ به ھوءَ مون کي روڪڻ ٿي گھري،
ڇو ته ھوءَ اڃا ٻار آھي
ھُن جي اک ۾،
چنڊ مرندو ۽ جيئندو ٿو رھي.
۽ ھُوءَ بالڪونيءَ جي ھنج مان،
مون لاءِ ھڪڙو سڏ ٿي
اڀ ۾ وڃائجي ٿي وڃي،
۽ وري اوچتو،
مون مان ڦٽي ٿي،
۽ پنھنجي چمين جي اَلبم ۾،
منھنجا چپ،
سدائين لاءِ رکڻ ٿي گھري،
۽ منھنجي چپن ۾،
ڪنھن به ٻئي جا چپ پوکڻ کان ڊڄي ٿي،
ايترو ڊڄي ٿي جو،
مون کي پنھنجو پاڻ ۾ مارڻ ٿي گھري،
ڇو ته ھوءَ اڃا ٻار آھي.