کيڏارڻ !
منھنجي قدمن جا خاموش آواز،
جيڪي صرف تون ٻڌي سگھين ٿي،
جڏُھن ٻڌين،
منھنجي بدن جو اڻ ڏٺو پاڇو،
جيڪو صرف تون ڏسي سگھين ٿي،
جڏھن ڏسين،
منھنجي گھر جي ڀرسان جڏھن لنگھين،
جيڪو تنھنجي وڃڻ کان پوءِ اُجڙيل آ،
مون کي ياد ضرور ڪجان،
توسان محبت ۾ ديوانگيءَ کي،
پاڪ چاھت کي،
منھنجي دل جي حسرتن کي،
جيڪي لفظن جو روپ ڌاري،
ڳاڙھي مس ۾ وھنجي،
ڪڏھن ڪنواريءَ ڇوريءَ وانگي،
ڪاغذ جي بستري تي،
پاسا پيون بدلائين،
آرس پيو ڀڃن،
راھون پيون ڏسن،
ڇتڪائيءَ وارا ڇال ڏئي،
تنھنجي پيار،
جو بيڊرومن جي زينت بڻجي،
ڪلبن جي انڌيءَ روشنيءَ ۾،
نوٽن کي ٻاڏائي،
ھاءِ! ھاءِ!
مان ڇا چوان تنھنجي پيار کي،
تنھنجو پيار،
چونڪن تي چڙھيو،
وڏي واڪ وڪامي،
چڱي اگھه اگھامي،
۽ جڏھن رات وھامي،
تڏھن تون چور چور،
گھر کان ٿورو دور،
گھٽيءَ جي اوندھ ۾،
ڪار جي اڳينءَ سيٽ تان،
اھليو لھين،
وڃيو گھر ڪرين،
مئل منھن سان منجي تي،
تنھنجي بدن تي نيرا نشان،
ڪنھن ظالم زھر ڀريل ڏندن سان،
توکي چيٿاڙيو چٻاڙيو،
۽ تون پاروٿو گوشت،
ڪپڙن ۾ ڍڪيل،
گذري ويل فيشن،
پراڻو ميڪ اپ،
سينيما ھال جي،
ٿرڊ ڪلاس ٽڪيٽ پئي لڳين،
تنھنجي جوانيءَ جا،
تنھنجي عزت جا،
تنھنجن پنھنجن ھٿن جي لٽيرن وٽ لٽيل،
ڪير ڪھڙو فرياد ڪري؟
يا کڻي داد ڪري،
مان جو سچي سنسار جو رھواسي،
ھن تنھنجي ڪوڙي دنيا ۾،
تنھنجي ديدن جي دولابن ۾،
ڏاڍو دربدر ٿيس،
ھر ڳالھه کان ويس،
۽ جڏھن ھوش سنڀاليم،
توکي نه اتي پاتم،
تڏھن سڀ سمجھي ويس،
تون ته ھڪ کيڏارڻ ھئينءَ،
جو پنھنجو کيل کيڏي وئينءَ،
چند منٽن جو،
چئن ساعتن جو سين،
ڪنھن ڊرامي جو ھئينءَ،
جو ڊراپ ٿي وئينءَ،
مان ڇا چوان تنھنجي پيار کي.