55. جسدا ہووے پلسی یار، اساں دشمن کے پکار۔ (کہاوت)
پلسی؛ پوليس وارو، سپاھي.
سپاھي يا پوليس واري جي نوڪري آھي ئي، ماڻھو پڪڙڻ. ان کي روزي روٽي ملي ئي انھيءَ منجھان ٿي. جيترا ماڻھو گھڻا پڪڙيندو، اوترو سندس ڪارڪردگي وڌندي. پنھنجي واقفڪارن مان به اک-ٽيٽ ڪري پيو ڪَسا پڪا ۽ ڪمزور ماڻھو تاڙيندو ته جيئن وقت سر پنھنجي ڪارڪردگي وڌائڻ ۾ کين استعمال ڪري سگھي.
ڪنھن سان اگر سپاھيءَ جي ياري آھي ته اُھو، اِھو نه سمجھي ته سپاھيءَ ساڻس ان لاءِ ياري رکي آھي ته وقت تي سپاھي کيس ڪم ايندو. بلڪ ابتو سمجھي، يعني سپاھيءَ ان لاءِ ياري رکي آھي ته جيئن وقت تي اھو پاڻ ڪم ڪڍي سگھي. سپاھي ڪمزور ھوندو ته پيو ھيٺانھين-مٿانھين ڪندو. جيئن طاقت يا پاور مليس، تيئن پنھنجا-مارَ شروع ڪندو. ان ڪري ان منجھان وفا جو آسرو رکڻ ئي عبث آھي.
ان ڳالھ کي سمجھڻ لاءِ ھڪڙو ضرب المثل ٽوٽڪو پڙھڻ وارن جي دلچسپيءَ خاطر ھيٺ ڏجي ٿو.
ھڪڙي ماڻھوءَ مرڻ وقت پنھنجي پٽ کي ٽن ڳالھين جي نصيحت ڪئي:
۱ . رنڊيءَ وٽ ڪڏھن نه وڃجان. اگر مجبوريءَ تحت وڃڻو پوئي ته صبح جو سوير وڃجانس.
۲ . دل جي راز واري ڳالھ، گھر-واريءَ کي ڪڏھن به نه ٻڌائجان.
۳ . سپاھيءَ سان ياري نه رکجان. ڀل ڀلايو ٿِي وڃي ته مٿس اعتبار/ آسرو نه ڪجان.
پيءُ جي وفات پڄاڻان، ھڪ ڏينھن پٽ جي دل تي انھن ٽن نصيحتن اچي ھرکر لاتي. دل ۾ آيس ته؛ اڄ ابي جي ٽنھي نصيحتن کي کڻي آزمائي ڏسجي.
ھڪ ڏينھن صبح مردان جو اٿيو ۽ سڌو بازاري عورت جي ڪوٺي تي وڃي نڪتو. پھرينءَ سَٽ کيس سڃاڻي ئي نه سگھيو. بغير ميڪ اپ جي، زناڪاريءَ واري چھري جو ڀيانڪ روپ، سندس اکين آڏو ھيو. ڏاڍي وحشت، نفرت ۽ مونجهه محسوس ڪندي، اتان پوئين پير گھر اچي پھتو. سڄي عمر لاءِ، اھا ڳالھ ڳنڍ ٻڌي ڇڏيائين ته زندگيءَ ۾ ڪڏھن به ڀلجي اوباش قسم جي ماڻھن جي صحبت ۾ وڃڻو ناھي.
ھاڻي ھن ھڪڙي پوليس واري سان وڃي ياري رکي. ياري به مٿو مٿي تي.
پيءُ جي ٽيون نمبر نصيحت آزمائڻ لاءِ، ھڪڙو ڇيلو ورتائين، تنھن کي سير وجھي، کل سميت ھڪڙي ٻوريءَ ۾ ٻڌي، اچي گھر جي ڇت جي شھتير ۾ لڙڪائي ڇڏيائين. ٻوريءَ مان ٽمندڙ خون ڏسي، زال حيرانگيءَ مان پڇيس؛ ”ھيءُ ڇا آھي؟“ کيس آزمائڻ لاءِ، راز جي ڳالھ ڪندي چيائينس؛ ”ھڪڙو جاني دشمن ھيو، جنھن کي ماري، سندس لاش رولڻو ھيم. ھاڻي ماري آيو آھيانس. سندس لاش، ھن ٻوريءَ ۾ بند ڪيو اٿم. جيستائين ان کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو وجھ ملي، تيستائين ھتي ٿمايانس ٿو. ھاڻي ھڪ خبر تو کي، ٻي مون کي. ڪنھن کي اھو دل جو راز نه ڏجانءِ.“
زال سان اھي ڳالھيون سلي، پاڻ وقتي سنگت ساٿ ۾ نڪري ويو.
جوڻس، ھڪ عورت ذات، ٻيو گھر جي ڇت ۾ لڙڪيل خون ٽمندڙ لاش ڏسي، ٿوري وسمي وئي. اچي ھرکر ۽ ڳڻتيءَ ورايس. مڙسس جي دوست پوليس واري جو گھر به سندن گھر جي ڀرسان ھيو. ان جي گھرواريءَ سان وري ھن عورت جي سھيلائپ ھئي. ڳالھ ھن کان پيٽ ۾ نه ٽِڪي ۽ يڪدم وڃي سھيليءَ سان سليائين. ان وري پنھنجي مڙس سپاھيءَ سان راز ڳرھيو، جيڪو يڪدم صوبيدار کي وٺي اچي جاءِ واردات تي پھتو. عين وقت تي گھر-ڌڻي به گھر ۾ موجود ھيو. لڙڪندڙ خون-ٽمندڙ ٻوري، سندس سامھون ھيٺ لاٿائون ۽ کيس سڳ سوڌو، ٿاڻي تي وٺي اچي پھتا. پنھنجي يار سپاھيءَ کي مدد لاءِ چيائين. ان مدد ڪرڻ کان اکيون اھڙيءَ طرح ڦيريون جو ڄڻ ھن جو واقف ئي نه ھيو. چي؛ ”ھي خون جو ڪيس آھي. ان ۾ ڪھڙي مدد. ھر ڪا ٻڪري پنھنجي ڦاھي ٽنگبي. ھتي ڪر، ھتي لوڙ. ان ۾ اسان ٻين جو ڇا؟“
جنھن بعد ھن، صوبيدار صاحب کي ٻوري کولي جاچ مڪمل ڪرڻ جو عرض ڪيو. ٻوري کوليائون ته منجھانئس ڪُٺل ڇيلو نڪتو. صوبيدار ڏسي پڇيس؛ ”ھي ڇا ھي؟“
ان سوال تي کيس پيءُ جي نصيحت سميت، سربستو قصو ڪري ٻڌايائين. جنھن کان پوءِ سندس جان ڇٽي ۽ پيءُ جون ٻڌايل باقي ٻه نصيحت آميز پيشنگويون به سچ ثابت ٿيون.
مطلب؛
۱ . پوليس وارو ھجئي يار، ٻيو دشن ئي نه ڌار؟ (ترجمو)
۲ . ڦڦڙ نه گوشت، سپاھي نه دوست.
۳ . جھڙيءَ طرح ڦڦڙ يا اوجھريءَ منجھان ٻئي گوشت وارو ذائقو نه ٿو ملي، تھڙيءَ طرح سپاھيءَ جي دوستيءَ مان دوستيءَ واري آسيس نه ملندي.