87. رات کنڈیاں تے بھی گزر ای جلدی اے۔ (کہاوت)
کنڈیاں تے؛ ڪنڊن تي. جندرا تے؛ جنڊن تي، جنڊ پيھندي.
وقت به درياھ جي بيقرار وھَ وانگر، وھندو وڃي ٿو. واري به ھٿن جي وٿين مان ايترو تيزيءَ ۽ آسانيءَ سان کسڪندي ناھي، جيتري آسانيءَ ۽ تيزيءَ سان، وقت گذرندو ۽ وھندو ويندو آھي. ان کي ڪنھن به قسم جو ونگ پوڻو ئي ناھي.
وقت چوي؛ آ بادشاھ آھيان. مون تي، رب پاڪ کان سواءِ، ڪنھن جو وس ناھي ھلندو. دنيا جي ڪا به شيءِ ان کي روڪي نه ٿي سگھي. ماڻھو ڪٿي به لڪي، ڪھڙي به ڦڏي ۾ پاڻ کي اڙائي، نيٺ اھو سمو يا ٽاڻو مٿانئس اڪرڻو آھي ۽ اڪري ويندو. وقت جو ڪو به ٽاڻو اٽڪي نه ٿو بيھي، بلڪ گذري ئي وڃي ٿو.
رات جو پھر آھي ئي ڇا؟ گذرندي ويرم ئي نه لڳندي آھي. غربت ۾ به گذري ويندو ته شاھوڪاريءَ ۾ به گذري ويندو. بُت تي لٽو ھجي ته به گذري ويندو، نه ھجي ته به گذري ويندو. ماڻھو ڪَنڊن تي سمھي يا گلن تي، جَنڊ پيھندي گذاري يا ڪيمخواب بستري تي سمھندي گذاري؛ وقت گذري ويندو. سياري جو سمور جي سوڙ ۾ سمھي يا تنور اندر لڪي ويھي، وقت گذري ويندو. اونھاري جو ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ سمھي يا ٻاھر کٽ تي پيو رھي، رات گذري ويندي. وقت جي وھ کي، ونگ پوڻو ئي ناھي.
مطلب؛
۱ . رات ته ڪنڊن تي به گذري ئي ويندي آھي. (ترجمو)
۲ . رات جندرا تے بھی گزر ای جلدی اے۔ (کہاوت)
۳ . رات ته جنڊن تي به گذري ئي ويندي آھي. (ترجمو)
۴ . لوک ہک رات کنڈیاں تے بھی گزار کہندن۔ (کہاوت)
(ماڻھو ھڪڙي رات ته ڪنڊن تي به گذاري ويندو آھي.)
۵ . رات ته گذري ويندي آ؛ تنور ۾ به، سمور ۾ به. (فارسي)
۶ . وقت کي ڪو به ٻک وجھي نه ٿو سگھي.
۷ . وقت کي پر آھن، وڃي ٿو اڏامندو.