126. ما جتنا اگاردی اے، اتنا ماردی نینھ۔ (کہاوت)
اگاردی؛ تاڻيندي، ڌڪ ھڻڻ لاءِ ھٿ کي مٿي کڻڻ، الاريندي.
اولاد، ماءُ کي ڪيترو به پٺيرو ٿي ھلي، ماءُ پاڻ تي پھتل تڪليف سھي ويندي آھي، پر ٻچڙي لاءِ دل منجھان ڪا به آھَ نه ڪڍندي آھي. زبان سان چوندي، طعنا تنڪا ڏيندي، پر دليَئون آھ نه ڪڍندي آھي. پٽ يا ڌيءُ تي، ڪنھن معاملي سبب، اگر ناراض به ٿي ته ظاھري زبان سان کيس جھڻڪيندي، دل سان ڪين ڌڪاريندي.
ڪڏھن ڪڏھن ناراض ٿي موچڙو ھڻڻ جي ڪندي ته سندس ھٿ مان موچڙو ڄڻ گسي ويندو. الارڻ جي حد تائين پھچڻ پڄاڻان، سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي چڪي ھوندي آھي. وھائڻ ۽ ڌڪ ھڻڻ واري نوبت تي پھچڻ، سندس ھٿ لاءِ، ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو آھي. اندر جو سور پِي ويندي، الاريل ھٿ جي بدلي ٻچي کي وري ڀاڪر ۾ وٺي پئي چميون ڏيندي، دليئون پئي پشيمان ٿيندي پر ٻچڙي کي پٽ پاراتو به نه ڏيندي. ھونئن به چوندا آھن، ماءُ ڪيڏو به ناراض ٿي، پٽي يا پاراتو ڏئي، اھو لڳندو ورلي آھي، ڇو جو اھا دليئون نه پٽيندي آھي. امڙ جي ڀيٽ ۾ ابي جي پِٽَ، ھڻ کڻ ھوندي آھي. اھا نڪتي ته وھي ويندي. امڙ جي زبان مان نڪتل پِٽَ کي، اولاد تائين پھچڻ ۾ کوڙ رستي-رڪاوٽون آھن. انھن رنڊڪن ۾ امڙ جو کڳل/ کنيل ھٿ، ھوا ۾ ئي جھلجي ويندو آھي. موٽي اولاد مٿان مصيبت ٿي نه پوندو آھي.
مطلب؛
۱ . ماءُ جيترو الاريندي آھي، اوترو وھائيندي ناھي. (ترجمو)
۲ . ماءُ جيترو تاڻيندي آھي، اوترو ماريندي ناھي.
۳ . ماءُ الاري سگھي، وھائي نه سگھي.
۴ . ٻچي کي مارڻ لاءِ، ماءُ جو ھٿ کڄندو ئي نه آھي.