128. مانگواں گہننا؛ جگ دا مہننا۔ (کہاوت)
مانگواں؛ منگيل، پنيل، اڌارو ورتل. گہننا؛ گھنا، ڳھڻو، ڳھ، زيور.
ھڪڙن ماڻھن جي عادت ھوندي آھي ته جنھن به محفل ۾ ويندا آھن، ٺھي سنبري ويندا آھن. ڪپڙو لٽو، چڱو پائيندا آھن. واچ، ڪڙو ڪولابو، منڊي يا لاڪيٽ به چمڪندڙ پائيندا آھن. سونَ جو زيور ته عورتن جي ڪمزوري آھي. پنھنجو نه ھوندن ته اڌارو وٺي به، نماءُ ضرور ڪن. اگر ساڳي شاديءَ ۾ ٻه ٽي پروگرام آھن ته وڳا به اوترا وٺنديون ۽ پائينديون. مھنديءَ تي ھڪڙو وڳو، ته لانئن تي ٻيو جوڙو، ونواھ لاءِ ٽيون جوڙو ته ستاوڙي لاءِ اڃا چوٿون جوڙو وٺنديون. اگر ناھي ته اڌارو به وٺي پائڻو آھي.
پنھنجو لٽو ڪپڙو ۽ زيور ذرو، جان تي ٺھندو آھي. جڏھن ته اڌارو ورتل، اڻ ٺھندڙ/ اڻ سونھندڙ ۽ اوپرو ٻيو لڳندو. ان جي اوپرائپ ئي پئي، اڌاري وٺڻ واري چغلي ھڻندي. اگر ان مان ٻين اندازو نه ھنيو ته جنھن کان اڌارو ورتو ويو آھي، ان جي واتان ئي نڪري ويندو ته اھو منھنجو آھي، ڇو جو اڌاري ڏيندڙ کي موٽائي وري پنھنجو ڳھ يا ڪپڙو پائڻو به ته آھي. اڄ ٻئي جي جان تي آھي. مڙني ان کي اتي ڏٺو، ھاڻي موٽائي مالڪ پائيندو ۽ ساڳين ماڻھن جي وچ ۾ ويھندو ته لڄي ٿيندو. ان لڄ کان بچڻ خاطر، مالڪ جي دل ۾ به ھورا کورا ٿيندي ۽ اڳواٽ پنھنجي شيءِ جي مالڪ ھئڻ جي وڪالت ڪري ڇڏيندو. ان ئي محفل ۾ کول ڪري، دل جو بوجھ ھلڪو ڪندو. جڏھن ته ان سان اڌاري وٺڻ واري جي خواري پڻ ٿيندي پر ان جي کيس پرواھ نه ھوندي. ان ڪري بھتر آھي ته سادو سودو پنھنجو لٽو ڪپڙو ۽ زيور ذرڙو پائجي، ٻين کان اڌارو وٺڻ کان پاسو ڪجي.
مطلب؛
۱ . پَن جو ڳَھُ، جڳ جا مھڻا سَھُ. (ترجمو)
۲ . پرائي شيءِ واپرائڻ کان پاسو ڪجي.