انتساب رشيد کرل جي نالي
رشيد سان مونکي اسانجي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻيءَ 1960ع ڌاري خيرپور ۾ ملايو، جڏهن اسان نائون ڪلاس پاس ڪري، مئٽرڪ ڪلاس ۾ وڃڻ کان اڳ، ڳوٺ ۾ موڪلون گذاري رهيا هئاسين.
خيرپور جي دوست شوڪت جماڻي لاءِ لکي چڪو آهيان، ته هن کي ننڍي هوندي کان نه فقط پاڻ کان وڏن سان ملڻ جو شوق هو، پر کيس قدرت طرفان ڳالهائڻ جي طريقي جو ڏانءُ به آيو ٿي. اسان هر سال موڪلن ۾ جڏهن هن جي گهر خيرپور ويندا هئاسين، ته هو صبح کان وٺي شامَ تائين شهر جي مختلف ماڻهن سان ملندو وتندو هو. آفيسر، سياستدان، سيد، پير، مائٽ مٽ ۽ پوءِ خيرپور جا ماڻهو کٽندا هئا ته سکر، راڻيپور ۽ گمبٽ وٺي هلندو هو. سڀ کان گهڻو سندس پاڙي ۾ رهندڙ وڪيل هادي بخش لاڙڪ صاحب وٽ ويندا هئاسين ۽ ٻئي نمبر تي جسٽس عبدالرحيم کرل صاحب وٽ. تنوير عباسي، نسيم کرل ۽ رشيد ڀٽي جهڙن خيرپور ۽ سکر جي اديبن سان شوڪت ملايو. هونءَ رشيد کرل شوڪت جي وڏي ڀاءُ محمد (نصير) جو ڪلاس ميٽ هو، جنهن سان هو ملڻ ايندو هو ته ساڻس شوڪت جي گهر به ملاقات ٿي ويندي هئي. تن ڏينهن ۾ هي خيرپور جي ممتاز ڪاليج مان انٽر ڪري چڪا هئا.
جسٽس عبدالرحيم کرل صاحب شوڪت جماڻيءَ جي والد عبدالواحد جماڻي صاحب جو تڏهن کان دوست هو، جڏهن اڃا شوڪت وارا خيرپور لڏي نه آيا هئا ۽ ڀر واري ڳوٺ ٺيڙهيءَ ۾ ئي رهندا هئا. هادي بخش لاڙڪ صاحب شوڪت وارن جو پاڙيسري هجڻ کان علاوه جسٽس کرل صاحب جو نياڻو پڻ هو. جسٽس صاحب جي وڏي نياڻي نيلوفر جيڪا ليکڪا به آهي، هادي بخش لاڙڪ جي زال آهي. ڪجهه سالن بعد نسيم کرل ۽ رشيد کرل جي شادي به جسٽس کرل جي گهران ٿي، جيڪو هنن جو سڳو چاچو ٿئي.
1857ع واري انڊين بلوي بعد ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ڪافي اٿل پٿل ٿي. ڪيترائي پنجاب جا رهاڪو لڏ پلاڻ ڪري، هيٺ ڏکڻ طرف سنڌ ۾ اچي رهيا. رشيد کرل وارن جا وڏا به ان وقت راوي ۽ چناب ندين جي دوآبي واري علائقي مان لڏي، هيڏانهن اچي آباد ٿيا هئا. انهن ڏينهن ۾ هنن جو وڏو خوشي محمد کرل هو.
رشيد کرل جي ڏاڏي محمد صالح کي ٻه پٽ عبدالڪريم (رشيد جو والد صاحب)، عبدالرحيم جج ۽ هڪ ڌيءَ عظيم خاتون هئي. 1921ع ۾ مير علي نواز ٽالپر پنهنجي والد مير امام بخش جي وفات بعد خيرپور رياست جي تخت تي ويٺو. بقول پير علي محمد راشدي صاحب جي ته هي مير وڏو سخي مرد هو. هن هميشه هٿ کليو رکيو ۽ رعايا کي ڏيندو ئي رهيو. رشيد جي والد صاحب کي هن مير طرفان ئي زمينون مليون. مير علي نواز صاحب اهو مير آهي، جنهن جو پنجاب جي هڪ عورت باليءَ سان عشق ٿيو ۽ هن 1923ع ۾ ساڻس شآدي ڪئي. هن عشق کيس اڙدوءَ جو شاعر به بڻائي ڇڏيو ۽ سندس تخلص “ناز” هو. سندس ان عشق جو داستان KTN ٽي وي وارن “بالي” نالي ڊرامي ۾ پڻ ڏنو آهي.
عبدالڪريم کرل صاحب ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽي جو گريجوئيٽ نه هو، پر هن ان وقت جي عالمن کان عربي ۽ فارسي جو علم پرايو. پاڻ لاڙڪاڻي جي ڀر واري ڳوٺ سنهڙي جي مدرسي جو ڪافي عرصو شاگرد ٿي رهيو. فارسيءَ ۾ لکيل سندن شعر اڄ به موجود آهن. اسانجي ڳوٺ هالا جو قاضي اعظم صاحب سندن گهاٽو يار ۽ مداح هو.
عبدالڪريم صاحب کي ڇهه پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون. سليم نالي وڏو پٽ ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو، جنهن جو نالو وري پنجين نمبر پٽ تي رکيو ويو، جيڪو (ڊاڪٽر سليم) جناح اسپتال ڪراچي Jinnah Postgraduate Medical Centre ۾ پئٿالاجي جو پروفيسر آهي. سندس زال ياسمين (راڻيپور جي مشهور ڊاڪٽر قادر بخش جي ڌيءَ) پڻ ڊاڪٽر آهي ۽ ڪراچي جي سول اسپتال ۾ ڪم ڪري ٿي.
سنڌ جو مشهور ڪهاڻيڪار نسيم کرل سندس ٻيو نمبر ٻار هو، جنهن جي شادي جسٽس کرل جي ٽيون نمبر ڌيءَ انيس فاطمه سان ٿي. نسيم کي پنج نياڻيون (فريال، زافرين، شارمين، ماريا ۽ سمن) ۽ هڪ پٽ فيصل آهي. نسيم کرل کان پوءِ رشيد آهي. سڀ کان ننڍو ڀاءُ نعيم آهي. جيڪو PPP طرفان گمبٽ جو MPA آهي. کين ٻه ڀيڻيون: عظيم خاتون (جسٽس عبدالرحيم جي پٽ خليل الرحمان جي گهرواري) ۽ عزيز فاطمه (عبدالقادر منگي صاحب جي گهرواري) آهي. اسان واري رشيد صاحب جي شادي جسٽس صاحب جي ڌيءَ جميلا سان ٿي، جنهن مان کيس ٽي ٻار آهن. وڏو شرجيل جنهن جي شادي روشن کهاوڙ جي ڌيءَ نصرت سان ٿي، اڄ ڪلهه لاڙڪاڻي ۾ پوليس D.P.O آهي ۽ ٻيو نمبر پٽ راحيل ڪراچيءَ ۾ وڪيل آهي، ٽيون ۽ آخري ٻار ڌيءَ ساران اٿس.
مونکي اڄ ڏينهن تائين خبر نه پئجي سگهي آهي، ته رشيد جو سرڪاري کاتي ۾ نالو رشيد آهي يا فهيم، جو اسان گذريل 47 سالن کان جڏهن کان ساڻس سڃاڻپ ٿي آهي، کيس ٻنهي نالن سان سڏيندا اچون. هي انتساب لکڻ کان اڳ فون ڪري پهريون دفعو پڇيو مانس ته، يار تنهنجو نالو رشيد آهي يا فهيم؟
ٽهڪ ڏيئي وراڻيائين: “منهنجا پنج نالا آهن. امان اسان ڀائرن ۾ هر هڪ تي پنج پنج نالا رکيا.”
“ڏاڍي ٻڌايئي. اسان ته تنهنجي ٻن نالن ۾ ئي منجهي پيا آهيون. باءِ دي وي ٻيا ڪهڙا آهن؟” مون پڇيومانس.
“هڪ ته رشيد آهي ۽ ٻيو فهيم. ٽيون اٿم علي صالح، چوٿون محڪم دين ۽ پنجون نالو مون کان به وسري ويو آهي”
مون رشيد جو پاسپورٽ، ڊگري يا برٿ سرٽيفڪيٽ وارو ڪاڳر نه ڏٺو آهي، جنهن تي سندس نالو پڙهي خبر پوي ته سندس سرڪاري کاتي تي اهو نالو آهي، پر پاڻ جڏهن سنڌ گورنمينٽ ۾ “هوم سيڪريٽري” هو، ته سندس آفيس جي ٻاهران لڳل تختي تي اي. آر کرل يعني عبدالرشيد کرل لکيل هو، ان ڪري پاڻ هتي کيس رشيد سڏيون ٿا. ان ڏينهن دراصل مونکي ڪنهن ٻئي سيڪريٽريءَ وٽ وڃڻو هو، جيڪو اڃان آفيس ۾ نه آيو هو، سو آئون سنڌ سيڪريٽريٽ جي بلڊنگ جي ورانڊن ۾ واڪ ڪري ڏسي رهيو هوس، ته سنڌ حڪومت جا هتي ڪهڙا ڪهڙا کاتا آهن ۽ انهن جا سيڪريٽري ڪير آهن. رشيد کرل جو نالو پڙهي ساڻس ملڻ تي دل چاهيو، پر سندس آفيس جي در جا ٻئي طاق کليل ڏسي سمجھي ويس، ته صاحب اڃان نه آيو آهي. پڪ ڪرڻ لاءِ ورانڊي ۾ بيٺل دربان کان پڇيم: “صاحب ڪهڙي وقت ايندو.”
“صاحب ڪڏهوڪو اچي ويو آهي. ويٺو آهي.” هن ٻڌايو. مون پنهنجو ڪارڊ ڪڍي دربان کي ڏنو، ته جي هو ڪنهن ميٽنگ ۾ مصروف نه هجي ته آئون ملڻ اچانس. پر دربان ڪارڊ وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو: “صاحب جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ملاقاتيءَ کي جھليندو نه ڪر، سو توهان وڃي سگهو ٿا.”
“واهه سائين واهه” مون اندر گهڙندي رشيد کي داد ڏنو. “ڄڻ ته ملائيشيا ۾ اچي ويو آهيان. جتي چاهي منسٽر وٽ وڃ يا گورنر وٽ، آفيس جا دروازا هر وقت کليل رهن ٿا”
بهرحال مٿيون قصو لکڻ مان منهنجو مقصد اهو آهي ته رشيد کي پهرين ڏينهن کان وٺي نياز ۽ نوڙت سان هلندي ڏٺو اٿم. هو کلڻو ملڻو، يار ويس ۽ سادگي پسند انسان آهي. هن هميشه پنهنجن پراون جي مدد ڪئي. آمريڪا جي هن سفر ۾ هڪ سنڌي همراهه تمام وڏي عهدي ۽ پئسي واري سان ملاقات ٿي. هن ٻڌايو ته هو جڏهن انجنيئرنگ جو شاگرد هو ته هن کي چارئي سال خرچ جو ڪجهه حصو رشيد کرل ڏيندو رهيو، جو پڙهائيءَ دوران هو بيحد غريب هو ۽ سندس غريب پيءُ وڏي عيال ڪري، سندس پڙهائيءَ جي خرچ جو پورائو ڪري نٿي سگهيو. هڪ پنجابي فئمليءَ جي برٿ ڊي فنڪشن ۾ منهنجي عمر جو سنڌ جو Settler، اهو ٻڌي ته آئون سنڌي آهيان، مون سان اچي مليو. پاڻ عمر جو وڏو حصو ڪنهن عرب ملڪ ۾ اعليٰ عهدي تي نوڪري ڪري، هاڻ ريٽائرمينٽ جي عمر آمريڪا ۾ پنهنجي اولاد وٽ گذاري رهيو آهي. هو مون کان ڪيتري دير رشيد کرل جو حال احوال وٺندو رهيو جنهن سان هو هڪ وڏو عرصي کان Out of contact هو. پاڻ ٻڌايائين ته رشيد جا مٿس وڏا ٿورا آهن. تعليم حاصل ڪرڻ بعد جڏهن هن کي نوڪري ملي، ته هن وٽ حيدرآباد ۾ رهائش جي ڪا سهوليت نه هئي، رشيد کيس بنا ڪنهن لالچ يا معاوضي جي ٻه سال پنهنجي گهر ۾ رهائيو.
رشيد سان اسان هميشه چرچا ڀوڳ ڪندا رهون ٿا، پر هو ڪڏهن به ڪاوڙجڻ يا دڙڪو ڏيڻ بدران مرڪندو رهيو آهي. شوڪت جماڻي ۽ اسان جو هڪ ٻيو مرحوم دوست تاج بگٽي ته ساڻس شروع کان ڏاڍو فري رهيا. جيتوڻيڪ تاج بگٽي سنڌ يونيورسٽي ۾ سندس شاگرد به ٿي رهيو. انهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هڪ دفعي تاج ۽ شوڪت کي هڪ فنڪشن ۾ وڃڻو هو، پر سٺا ڪپڙا نه هين، هو رشيد وٽ آيا. انهن ڏينهن ۾ رشيد انٽرنيشنل هاسٽل جو وارڊن هو. آئون به هنن سان گڏ هوس. ٿوريءَ دير کان پوءِ هو هڪ هڪ ٿي سندس بيڊروم مان ٿي باٿ روم ۾ ويا ۽ رشيد جي ڪٻٽ مان هڪ هڪ اوچي پينٽ پائي، مٿان پنهنجي شلوار چاڙهي ٻاهر نڪتا. بعد ۾ رشيد پنهنجون پتلونون ڳوليندو رهيو، بلڪه تاج بگٽي ته سندس پينٽ پائي سندس ڪلاس اٽينڊ ڪندو رهيو. آخر جڏهن کيس خبر پيئي ته ڪاوڙجڻ بدران کلي بُجا ڏيندي، کين چيائين: “هاڻ اهي پتلونون پاڻ وٽ ئي رکي ڇڏيو.” اڄ به اها ڳالهه ڪنهن محفل ۾ ٿيندي آهي ته اهو وقت ياد ڪري شوڪت کل ۾ ٻُڏي ويندو آهي.
رشيد کرل سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ سان گڏ، اتي جيئن ته وارڊن پڻ هو ان ڪري کيس يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي شاگرد جيڪي اڄ ڪلهه سڄي دنيا ۾ پکڙيل هجڻ سان گڏ آمريڪا ۾ به جام نظر اچن ٿا، کيس سڃاڻن ٿا ۽ سڀ کيس سُٺن خيالن سان ياد ڪن ٿا جو بيورو ڪريٽ ۽ وڏيري هجڻ باوجود هن جي ڪڏهن به اها سنڌي ڪاموري يا وڏيري واري روايتي ذهنيت نه رهي آهي.
رشيد کرل 16 آگسٽ 1941ع تي جنم ورتو. پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي والد مرحوم جي ڳوٺ عبدالڪريم کرل جي اسڪول مان ورتي، جيڪو خيرپور رياست جي تعلقي گمبٽ ۾ آهي. ان بعد پري مئٽرڪ تائين خيرپور جي ناز هاءِ اسڪول مان پڙهيو ۽ مئٽرڪ وري گمبٽ جي مراد هاءِ اسڪول مان ڪيائين. ان بعد ڪاليج جو پهريون ۽ ٻيو سال خيرپور جي گورنمينٽ ممتاز ڪاليج مان 1960ع ۾ ڪيائين. هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن اسانجي خيرپور ۾ ساڻس پهريون دفعو ملاقات ٿي هئي. ان ملاقات بعد رشيد هر هفتي ڏيڍ اسان وٽ پيٽارو ايندو هو يا اسين ساڻس حيدرآباد ملڻ ويندا هئاسين ــ جو هن حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي واري پراڻي ڪئمپس ۾ B.Sc آنرس جي داخلا ورتي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ رشيد جو ننڍو ڀاءُ تسنيم کرل پيٽارو ۾ آيو ۽ لياقت جتوئي، هادي بخش جتوئي، سکر واري عاشق شاهه (سيڪريٽري)، مرحُوم محسن پنهور (DIG)، هالا واري ڪئپٽن رشيد ابڙي ۽ ظفر شوري وارن جو ڪلاس ميٽ رهيو. مزي جي ڳالهه اها ته پيٽارو ڇڏڻ بعد تسنيم سان وري ملاقات نه ٿي آهي. پيٽارو ۾ هو لياقت هائوس ۾ رهندو هو، جنهن جو JUO يعني وڏو مانيٽر آئون هوندو هوس. هينئر خبر ناهي تسنيم جسماني بيهڪ ۽ طبيعت ۾ ڪيئن آهي. باقي تن ڏينهن ۾ صحت مند يعني متارو ضرور هو، پر هو صفا سڌو سادو مسلمان. هر وقت پنهنجن ڪلاس ميٽن ۽ ساڻس گڏ ڊارمينٽري ۾ رهندڙ درجن کن ڪئڊٽن جي دانهن کڻي ايندو هو، ته مونسان جهيڙو ٿا ڪن. رشيد به اچڻ سان ئي اها ڳالهه ڪندو هو ته منهنجي ڀاءُ سان سڀ وڙهن ٿا ۽ آئون کيس چوندو هوس ته خدا جا بندا سنڌي نه ٿي، جيڪي فقط روئي پنهنجو حق گهرن ٿا، ٿورو وڙهڻ به سک. ٻيو نه ته شاهد پرويز (هاڻ فوج ۾ ليفٽيننٽ جنرل) ۽ لياقت جتوئي (وفاقي وزير) جهڙن سنهڙن ۽ جسماني طرح ڪمزور ڇوڪرن کي ته تون به موچڙا هڻي سگهين ٿو. پر تسنيم جي آخر تائين اها رڙ هئي ته سائين مونکي ظفر شورو به ماري ٿو ته نصير قاضي به مونسان وڙهي ٿو. مزي جي ڳالهه اها ته اُهي سڀ اڄ به کيس ڀانئين ٿا ۽ ياد ڪندا رهنس ٿا. مونکان اڪثر پڇندا آهن ته تسنيم ڪٿي آهي، يڪو وڃي ڳوٺ وسايو اٿس ڇا.
رشيد کرل جي اها همت ساراهه جوڳي آهي ته هڪ ڳوٺاڻو نينگر ٿي ڪري، هن B.Sc زولاجيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کنئي. ان بعد 1964ع ۾ هن M.Sc به ڪئي. سندس تنهن وقت جا ڪلاس ميٽ هئا:
* محب الله شاهه (سيڪريٽري)
* قمر الدين بلوچ (ڊائريڪٽر فشريز)
* اقبال صمد (مئنيجر ريلويز)، وغيره
M.Sc ڪرڻ بعد ان وقت جي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان صاحب رشيد کرل کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ئي نوڪريءَ ڪرڻ لاءِ چيو. ان وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ رشيد سان گڏ جيڪي پڙهائي رهيا هئا، انهن مان ڪجهه شخصيتون هي هيون:
* ڊاڪٽر محي الدين ــ وائيس چانسلر قائد اعظم يونيورسٽي
* ڊاڪٽر ممتاز قاضي ــ وفاقي وزير
* عشرت حسين ــ گورنر اسٽيٽ بئنڪ
* روشن ضمير ــ اڳوڻو هوم سيڪريٽري
* تسنيم صديقي صاحب، وغيره
رشيد کرل سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ دوران، سنڌ لا ڪاليج مان سال 68ــ1967ع ۾ وڪالت LL.B جا امتحان پڻ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيا. تعليم دوران هو لا ڪاليج جي يونين جو جنرل سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو. Law بعد رشيد کرل سال 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان انٽرنيشنل رليشنس ۾ ڊپلوما ۽ ان بعد پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ڊپلوما فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي. پاڻ 1965ع کان وٺي 1968ع تائين انٽرنيشنل هاسٽل جو وارڊن به ٿي رهيو.
1968ع جي آخر ۾ ويسٽ پاڪستان فاريسٽ سروس وارن جو مقابلي جو امتحان ٿيو، جنهن ۾ رشيد کرل جي فرسٽ پوزيشن آئي ۽ هن کي سنڌ يونيورسٽي ڇڏي فاريسٽري ۾ M.Sc آنرز ڪرڻ لاءِ پشاور يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻي پئي. ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پاڻ پهرين اسسٽنٽ ڪنزرويٽر ٿيو. پاڻ 1994ع تائين ٻيلي کاتي ۾ رهيو ان دوران کيس 1975ع ۾ هالينڊ وڃڻو پيو. جتي هن Aerial Photography & Remote Sensing ۾ ڊپلوما حاصل ڪئي. ان کان علاوه حڪومت طرفان ٽي دفعا آمريڪا ۾ مختلف ڪورس ڪرڻ لاءِ پڻ هن کي وڃڻو پيو.
1994ع ۾ رشيد سنڌ حڪومت جو هوم سيڪريٽري ٿي رهيو. ان بعد 96 ــ 1995ع ۾ فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ جو سيڪريٽري ۽ ان بعد لئبر ۽ ٽرانسپورٽ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. پاڻ 2001ع ۾ سنڌ حڪومت مان ريٽائرمينٽ حاصل ڪئي. اڄ ڪلهه رشيد ڪراچيءَ ۾ ئي رهي ٿو. ٻني ٻاري جي نگهبانيءَ لاءِ هن کي ڪڏهن پنهنجي ڳوٺ خيرپور به وڃڻو پوي ٿو.
آمريڪا ۾ هوس ته اتي رهندڙ اسانجا ڪيترائي گڏيل دوست ۽ رشيد جا شاگرد، رشيد بابت هر وقت پڇندا رهيا ٿي. سڀني کي رشيد جي صحت جو الڪو رهيو ٿي. جو هنکي ٽي دفعا هارٽ اٽئڪ ٿي چڪو آهي. رب پاڪ کيس وڏي ڄمار ڏي.
الطاف شيخ
ڪراچي
1 آگسٽ 2006ع