اسان لاءِ JFK ايئرپورٽ سهوليت وارو آهي
پر اها ڳالهه ناهي، آمريڪا جي هر وڏي شهر ۾ هوائي اڏو آهي، جيڪو اسان جهڙن ملڪن جي بين الاقوامي اڏن کان به وڏو ٿيندو. هر اڏي تي نه فقط ڪيترين ئي مڪاني ۽ بين الاقوامي جهاز ڪمپنين جا جهاز لهن ٿا، پر ماڻهن جا ذاتي هوائي جهاز پڻ. آمريڪا جي امير ترين ماڻهن مان ڪيترن وٽ نه فقط ذاتي هوائي جهاز ۽ هيليڪاپٽر آهن، پر ڪن وٽ ته هوائي اڏا به پنهنجا آهن. پر JFK (جي ايف ڪي) ايئرپورٽ بنا شڪ جي نه فقط آمريڪا جو پر دنيا جو وڏي ۾ وڏو ۽ مشغول ترين هوائي اڏو آهي ۽ اهو نيويارڪ ۾ هجڻ ڪري اسان جي پاسي جي ماڻهن کي سولو ٿو لڳي، جو نيويارڪ يورپ ۽ آفريڪا جي ملڪن کان علاوه اسان وارن ايشيائي ملڪن کي به وڌيڪَ ويجھو آهي، جيئن لاس اينجلس وغيره جپان ۽ پئسفڪ سمنڊ وارن ملڪن کي ويجھو آهي. ٻي ڳالهه ته آمريڪا ۾ مون ڏٺو آهي ته مختلف ملڪن جا مختلف ڳڙهه آهن، جِتي ان ملڪ جا ماڻهو وڌيڪَ پنهنجائپ محسوس ڪن ٿا.
اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو شروع کان نيويارڪ جي ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ رهيا ۽ اڄ به هنن جو ڪو مائٽ يا سڃاڻو اچي ٿو ته هو ا تي رهڻ پسند ڪري ٿو، جيئن پرديس ۾ هم وطن، هم زبان، هم مذهب ۽ هم ڪلچر وارن جي ويجھو رهي. آمريڪا اچڻ تي اسان جي پاسي جي ڪُجهه ماڻهن کي نوڪريون يا ڌنڌا آمريڪا جي ڊڪوٽا، ڪنساس، اتاح جهڙين رياستن ۾ به ملن ٿا، پر پوءِ هو پهرين موقعي ملڻ تي نيويارڪ ڏي هليا اچن. وڌ ۾ وڌ نيويارڪ جي ڀر وارن رياستن نيوجرسي، پينسلوانيا، ميري لئنڊ، ڪنيڪٽِڪٽ ۽ ماسا چوسيٽ ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا. هنن جو ٻيو نمبر وڏو ڳڙهه ٽيڪساز جو شهر هوسٽن ۽ اوسو پاسو آهي يا وري واشنگٽن ۽ ورجينا وغيره. بهرحال انهن سڀني هنڌن تي هوائي اڏا آهن، پر دنيا جي هر هوائي ڪمپنيءَ جو جهاز، ويندي اسان جي پي آءِ اي جو ڊائريڪٽ نيويارڪ ضرور اچي ٿو. عرب امارات وارن جو هوائي جهاز جنهن ۾ مون سفر ڪيو، روزانو نيويارڪ اچي ٿو، ان ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ نيويارڪ مان چڙهڻ يا لهڻ سولو ٿئي ٿو. هو پنهنجي وطن پهچي پنهنجي موڪلن جي آخري ڏينهن تائين پنهنجن سان گذاري، نيويارڪ پهچن ٿا. پوءِ اتان ئي ٻئي هوائي جهاز ذريعي يا ريل يا بس ذريعي، پنهنجي رهائش يا نوڪريءَ واري جاءِ تي هليا وڃن ٿا. هاڻ مڙيئي اڏامون وڌڻ ڪري، اسان جا ڪي ڪي ماڻهو واشنگٽن يا نيو اَرڪ جهڙن هوائي اڏن تي به لهن ٿا، پر گهڻائي اڄ به نيويارڪ جي هوائي اڏي JFK کي بهتر سمجھي ٿي، جيڪو نيويارڪ شهر جي ڏکڻ اوڀر واري Queens جي جئميڪا (Jamaica) واري علائقي ۾ آهي، هي هوائي اڏو 1942ع کان ٺهڻ شروع ٿيو ۽ پهرين ڪمرشل اڏام پهرين جولاءِ 1948ع تي لٿي ۽ سندس نالو “نيويارڪ انٽرنيشنل ايئرپورٽ” رکيو ويو، پر پوءِ 1963ع ۾ آمريڪا جي صدر جان ايف ڪينڊي جي قتل بعد هُنَ جي نالي ڪيو ويو.
1948ع ۾هي ايئرپورٽ ٺهڻ وقت هڪ هزار ايڪڙن تي هو، پر هاڻ اهو وڌي وڌي پنج هزار ايڪڙن تي ٿي ويو آهي، جنهن ۾ هزار کن ايڪڙ CTA (سينٽرل ٽرمينل ايريا) جا به اچي وڃن ٿا ۽ آمدرفت جو اهو عالم آهي جو هر وقت هڪ ٻئي پٺيان جهاز لهن ۽ چڙهن پيا. نيويارڪ پوسٽ اٿارٽي جيڪا هن هوائي اڏي ۽ نيويارڪ شهر جي ٻين هوائي اڏن (نيو اَرڪ لبرٽي انٽرنيشنل ايئرپورٽ، لاگئارديا ايئرپورٽ، ٽيٽرو بورو ايئرپورٽ وغيره) کي هلائي ٿي، تنهن جي هڪ آفيسر ٻڌايو ته هن هوائي اڏي تي گذريل سال چار لک کن هوائي جهاز لٿا ۽ چڙهيا ۽ هن سال ته اڃا به وڏو نمبر ٿئي ۽ ان حِساب سان سمجھو ته ڪلاڪ ۾ پنجيتاليهه پنجاهه کن جهاز وڃي ٿيا ۽ هڊسن درياهه جي ٻي ڀر نيو اَرڪ واري هوائي اڏي جو به ذري گهٽ اهو ئي حال آهي. نيويارڪ کان نيوجرسي باءِ روڊ ويندڙ جڏهن نيويارڪ جي هوائي اڏي وٽان لنگهندا هوندا ته هنن کي احساس ٿيندو هوندو ته ڪيئن نه هوائي جهاز هڪ ٻئي پويان لهن ۽ چڙهن پيا. نيويارڪ ۽ نيو اَرڪ هڊسن نديءَ تي ائين آهي، جيئن سنڌو نديءَ تي ڄامشورو، حيدرآباد يا وري مورو، دادو.
سڄي هفتي جي اڏامن جو بورڊ ڏٺم ته سؤ کن اهڙيون هوائي ڪمپنيون هيون، جن جا هوائي جهاز باقاعدگي سان هن ايئرپورٽ (JFK) تي اچن ٿا، جن مان ڪيترن جو روز جو اچڻ لڳو رهي ٿو.
نيويارڪ جو هي هوائي اڏو JFK شروع شروع ۾ IDLE Wild هوائي اڏو به سڏبو هو، جو هن هوائي اڏي جو هڪ حصو نيويارڪ جي آئيڊل وائلڊ گولف گرائونڊ تي هو ۽ هن هوائي اڏي جو IATA ڪوڊ پڻ IDL هو. هي ڪوڊ اهو ٿئي ٿو، جيڪو سامان جي ٽئگ تي به لڳايو وڃي ٿو، يعني خبر پوي ته اها بئگ ڪهڙي ايئرپورٽ تي لاهڻي آهي. بهرحال هاڻ هن هوائي اڏي جو ڪوڊ (JFK) ئي آهي. آمريڪا ۾ چار اهـڙا هوائي اڏا آهن، جيڪي آمريڪا جي صدرن سان منسوب آهن.
1964ع جي هن هوائي اڏي بابت ڳالهه ياد اچي ٿي، جڏهن اسان مئرين انجنيئرنگ جي تعليم چٽگانگ ۾ وٺي رهيا هئاسين، تن ڏينهن ۾ اسان جا فئوريٽ ڳائڻا انگلينڊ جا بيٽلز هئا. هي چار ڳائڻا پنهنجي وڏن وارن ۽ پاپ گانن ڪري مشهور هئا. انهن کانپوءِ مائيڪل جيڪسن ئي دنيا جو مشهور ڳائڻو ٿيو. 1964ع ۾ هو ڳائڻ لاءِ جڏهن آمريڪا آيا ته هنن جو هن ايئرپورٽ JFK تي وڏي پئماني تي آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. هنن ڳائڻن جا آمريڪا جا پرستار خاص ڪري ڇوڪريون، ايتريون ته اچي گڏ ٿيون ۽ هنن سان ملڻ لاءِ هنگامو پيدا ڪيو جو پوليس کي لاٺي چارج ڪرڻي پيئي ۽ هي گوڙ گمسان تاريخي ٿي پيو، جنهن جو احوال دنيا جي اخبارن ۽ ريڊين ۾ ايندو رهيو. اسان به روز وڏي شوق سان انهن ڳائڻن جون خبرون پڙهندا ۽ ٻڌندا هئاسين. ٽي وي ته اڃان اسان جهڙن ملڪن ۾ آئي ڪانه هُئي. ان وقت جا ڪلاس ميٽ چوندا هئا ته اسان به جهاز هلائڻ جهڙا ڏکيا ڪم ڪرڻ بدران گٽار کڻي ڳايون ها ۽ اسان جا به وار ڊگها ۽ سر سٺو هجي ها ۽ آمريڪا جو کڻي نه پر چٽگانگ ۽ اوسي پاسي جي شهرن جون بنگالي ڇوڪريون پوليس جو گهيرو ٽوڙي اسان کي اچي گلن جا هارَ پارائين.