الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

حميرا رحمان بابت ٻه اکر

حميرا رحمان لاءِ شروع ۾ به لکي آيو آهيان ته سنڌ جي مشهور شخصيت حسن علي عبدالرحمان جي ڌيءَ ۽ نجمه رحمان ۽ غزالا رحمان جي ڀيڻَ آهي. شيري رحمان پڻ سندن ڀيڻ آهي، پر ٻي ماءُ صبيحه مان. صبيحه جو اصل ڳوٺ ڪانپور هو، جتان هوءَ 1947ع ۾ ڪراچيءَ لڏي آئي هئي. سندس ڀاءُ حسن علي عبدالرحمان وٽ ليگل اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪيو ٿي. صبيحه ايس ايم لا ڪاليج ۾ شام وارن ڪلاسن ۾ داخلا ورتي هئي، جتي حميرا جو والد پرنسپال هو ۽ ساڳي آئيني قانون جو پروفيسر پڻ هو. حميرا جي ماءُ صغرا شيخ ڀاونداس آڏواڻيءَ جي ڌيءَ هئي، جيڪو مسلمان ٿيو هو ۽ پنهنجو نالو غلام محمد شيخ رکيائين. حميرا جي ناني ذواليخا مسلمان پيدا ٿي، پر هن جا وڏا جيڪي مسلمان ٿيا هئا، اهي ڪرپلاڻي هئا. حميرا جي ناني ڀونداس آڏواڻي (غلام محمد شيخ) جي زال ۽ ڊاڪٽر شمس الدين شيخ جي زالَ غلام فاطمه (جنهن جي memories جو سنڌي ڪتاب “شيخاڻيءَ جي ڊائري” آهي) ڀيڻيون ٿين. ڊاڪٽر شمس الدين جو والد پڻ آڏواڻي هو ۽ سندس نالو گرمکداس هو.
ڊاڪٽر شمس الدين شيخ کي غلام فاطمه مان ٻه پٽ ۽ پنج ڌيئون ٿيون. پٽن ۾ وڏو پٽ ڊاڪٽر ضياء الدين شيخ هو، جنهن جو هڪ پٽ سراج شيخ اسان جو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ڪلاس ميٽ هو ۽ هاڻ سئي گئس کاتي مان رٽائرڊ ٿيو آهي. ٻيو پٽ نجم شيخ فارين سيڪريٽري آهي ۽ هتي واشنگـٽن ۾ پاڪستان جو سفير به ٿي رهيو ۽ ٻيا ٻار ڊاڪٽر نظام، ڊاڪٽر عذرا، ڊاڪٽر اعجاز وغيره آهن.
ڊاڪٽر شمس الدين شيخ جو ٻيو پٽ سعيد شيخ هو. ڌيئن ۾ هڪ مريم هئي، جنهن جي شادي عبدالله آخوند سان ٿي، جنهن جو اولاد: اقبال آخوند، ڊاڪٽر فيروز آخوند، رشيده، حميده ۽ خورشيد جن آهن. ٻي ڌيءَ عائشه شيخ، ٽي ڌيءَ بيگم خديجه دائودپوٽو، چوٿين آمنه ۽ پنجين خورشيد آهي.
حميرا رحمان ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ ڪئناڊا برانچ جي ڊائريڪٽر آهي، پاڻ يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا (برڪلي) جي گرئجوئيٽ پڻ آهي ۽ اڄڪلهه ٽورنٽو يارڪ يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گرئجوئيشن پئي ڪري. ساڳي وقت پاڻ آرڪيٽيڪٽ انجنيئر پڻ آهي.