ڪجهه نيويارڪ بابت
هن شهر نيويارڪ ۾ ايترا ته ميوزيم، آرٽ گئلريون، ڊرامن جا ٿيٽر، سئنيما هال، Media Outlet، بين الاقوامي ڪارپوريشنون، اسٽاڪ ايڪسچينج، جهازي ڪمپنيون آهن، جو انهن جو مقابلو ٽوڪيو ۽ لنڊن به نٿو ڪري سگهي. سڀ کان وڏي ڳالهه نيويارڪ UNO جو گهر آهي ۽ دنيا جي هر ملڪ جي Mission ۽ قونصل خانو هِتي آهي.
نيويارڪ شهر “نيويارڪ رياست” ۾ آهي. منهنجو اهو جملو ڪيترن کي منجھائيندو. ان ڪري ان کي سمجھائڻ ضروري آهي خاص ڪري انهن پڙهندڙن لاءِ جيڪي نيويارڪ نه ويا آهن يا جن کي نيويارڪ جي گهڻي ڄاڻ ناهي. نيويارڪ رياست ائين آهي، جيئن ڪراچي ضلعو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪراچي ضلعو ۽ اسان جا ٻيا ضلعا پکيڙا ۾ ايڏا وڏا نه آهن، جيڏي نيويارڪ رياست (State) يا USA جون ٻيون رياستون آهن. پکيڙ ۾ نيويارڪ جي رياست سڄي سنڌ جي لڳ ڀڳ ٿيندي ۽ آمريڪا جو ٽيڪساز، ڪئليفورنيا ۽ مونٽانا جهڙيون رياستون ته بلوچستان صوبي جي مقالبي جون ٿينديون. سڄي سنڌ جي توڙي نيويارڪ رياست جي پکيڙ هڪ لک 41 هزار چورس ڪلوميٽڙ آهي. آمريڪا جي رياست ٽيڪساز ـــ بلوچستان کان گهڻي وڏي، تقريبن سڄي پاڪستان جيڏي ٿيندي، ڇو جو پاڪستان جي پکيڙ 8 لک چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ٽيڪساز جي ست لک چورس ڪلوميٽر آهي.
سو جهڙي طرح ڪراچي ضلعي ۾ ڪراچي شهر کان علاوه ملير، لانڍي، لالو کيت، چنيسر ڳوٺ، ماڙيپور، ماچ، پپري، منگھو پير، گذري، لس ٻيلي جهڙا ڳوٺ ۽ شهر اچي وڃن ٿا، تيئن نيويارڪ رياست جيڪا سنڌ جيڏي آهي، نيويارڪ شهر کان علاوه ٻيا به ڪيترائي وڏا ننڍا شهر اچي وڃن ٿا، جهڙوڪ بفئلو، راچيسٽر، يونڪر، سارا ڪوز، الباني، ورنان، لانگن بيچ، ايلميرا، ويندي هڪ شهر جو نالو روم به آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪراچيءَ جا مختلف شهر توڙي ڳوٺ سڄي ملڪ مان لڏي ايندڙ وڌندڙ آدمشماريءَ ڪري هڪ ٻئي سان ملي ويا آهن، جيڪي اڄ کان اڌ صدي اڳ الڳ الڳ ۽ گهڻي فاصلي تي هئا. 1960ع جو ڪراچي به مون کي ياد آهي. جڏهن ملير، لانڍي، پپري، ڊرگ روڊ ته هڪ ٻئي کان پري هئا ۽ وچ ۾ جنگل ۽ غير آباد علائقا نظر آيا ٿي، ويندي لالو کيت جيڪو هاڻ لياقت آباد سڏجي ٿو، هڪ ڳوٺ هو. ڪراچي شهر فقط صدر، ٽاور، ڪياماڙي، منهوڙو، کارادر ۽ ميٺادر وغيره هو. سو اهڙي طرح نيويارڪ رياست ۽ نيويارڪ سٽي سمجھڻ کپي ۽ نيويارڪ شهر جو صدر، ڪياماڙي، منهوڙو ۽ کارادر وغيره آهي: برانڪس، بروڪلن، مئن هٽن، ڪئنس، اسٽيٽن آئلينڊ وغيره جيڪي هِتي باروز Boroughs ٿا سڏجن ۽ سمجھو ته نيويارڪ شهر جو صدر Manhattan آهي. بس فرق فقط هي آهي ته هِتي هر شيءِ وڏي آهي. مولا جو ملڪ جام آهي. ظاهر آهي جيڪا رياست (نيويارڪ) سنڌ جيڏي ٿي، ان جا شهر به ته ايڏا ئي وڏا هوندا ۽ ان شهر جي صدر توڙي منهوڙي، کارادر ۽ ميٺادر جي ڇا ڳالهه ڪجي!
هڪ ڳالهه آهي ته نيويارڪ رياست جي گاديءَ جو شهر نيويارڪ سٽي بدران “الباني” آهي، جيڪو بُفئلو، روچيسٽر، يانڪر جهڙن شهرن کان به ننڍو آهي، پر آمريڪا (USA) ۾ اهو ڪم ڄاڻي واڻي ڪيو ويو آهي جيئن ننڍا شهر به اهميت حاصل ڪن ۽ نه فقط هن رياست ۾ پر ٻين ۾ به اهو ئي سلسلو آهي. جيئن نيوجرسي رياست جي گاديءَ جو شهر Trenton ٽرينٽن آهي، جيتوڻيڪ ٽرينٽن کان نيوارڪ، خود جرسي سٽي، پئٽرسن، ايلزبيٿ وغيره وڏا شهر آهن. جپان وانگر آمريڪا حڪومت به سڄو لوڊ وڏن شهرن تي وجھڻ بدران ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن کي ترقي وٺرائي رهي آهي. مثال طور ڏهاڪو کن سال اڳ نيوجرسي رياست جو ائٽلانٽڪ سٽي، هِتي جو ڏيپارجا يا گپچاڻي ڳوٺ هو ۽ اڃان به ٽيهه پنجٽيهه سال کن اڳ جڏهن سامونڊي رستن ذريعي اسان ڪئمبڊن، فلڊلفيا يا بالٽيمور پاسي ايندا هئاسين، ته ائٽلانٽڪ سٽي جي ٻاهران، منهوڙي جهڙو لائيٽ هائوس به نه هو، جنهن کي ڏسي اسان جهاز هلائيندڙن کي کڻي آئيڊيا ٿئي ته ٻيلي فلاڻي هنڌ تي ڪا بستي يا سَتڙ آهي. پوءِ ڀلو ٿئي نيويارڪ جي گورنر جو، جنهن نه فقط پنهنجي شهر جي 42 اسٽريٽ صفا ڪرائي ۽ بازاري ماين، دلالن ڀڙون ۽ رنڊين کنڊين کي ڀڄايو، پر ٻين رياستن جي گورنرن کي به گائيڊ ڪيو ته شهرن کي ان گپاگيهه ۽ گند کان بچايو. نيوجرسي جي امير واپارين پنهنجي رياست جي وڏن شهرن ۾ جوا خانا ۽ مئخانا ٺاهڻ ٿي چاهيا، ته هنن کي هن ڳاهيجا جهڙي هن ڳوٺ ائٽلانٽڪ سٽي ڏي اشارو ڪيو ته هي پَٽُ سُنسان ۽ ويران ضرور آهي، پر توهان کي ان جي زمين گهٽ اگهه تي ڏني ويندي ۽ ٽئڪس نه برابر اوڳاڙيو ويندو. ڏسندي ئي ڏسندي هن ائٽلانٽڪ سٽي ۾ (جيڪا ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري ان نالي واري سڏي وڃي ٿي) وڏيون ۽ اڀيون هوٽلون، جوا جون قسمين قسمين Dens، مئخانا ۽ پب، مساج گهر ۽ چڪلا ٺهي ويا. سال اڌ ويران رهيو، شايد جوارين جي ڪن تي کڙڪو دير سان پيو، پر هاڻ ته سائين ذات جواري هِتي پهچيو وڃي. اولهه ڪناري جا ڀاڙا ڀري لاس ويگاس ڪير وڃي. نيويارڪ ۽ Maine رياست کان وٺي جارجيا، الباما ۽ ڪينٽڪي رياستن جا ماڻهو هيڏانهن پهچيو وڃن. هاڻ هن شهر ۽ بندرگاهه جي ٻاهران سمنڊ ۾ جيتوڻيڪ ڪيترائي Beacon ۽ Buoy لڳايا ويا آهن، ته جيئن جهازين کي هن شهر جي خبر پوي، پر هنن کي انهن بتين کان اڳ ويهارو ماڙ جوا خانن جي کڏن تي ٻرندڙ هنن هوٽلن جي نالن جون نيان سائن نظر اچيو وڃن. ائٽلانٽڪ سِٽي اڄ ڳاهيجا ۽ ڏيپارجا نه رهيو آهي. اڄ اهو هڪ خوبصورت ۽ معاشي حالتن کان امير شهر ٿي پيو آهي. اڄ هن جي زمين جو اگهه سڀ کان ڳرو آهي. هن مثال ڏيڻ سان منهنجو ڪو مطلب اهو ناهي ته اسان جي ڳوٺن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ماتلي ۽ سجاول ۾ جوا خانا ٺاهيا وڃن، هرگز نه. پر اسان جي ڳوٺن ۾ ڪارخانا فيڪٽريون ته لڳي سگهن ٿيون، جن ذريعي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ مالڪن کي سستو مزور ملي سگهندو. پر انهن سڀني ڳالهين جو دارو مدار امن امان تي آهي، جيڪو ڏيارڻ حڪومت جو ڪم آهي. اڄ به آمريڪا ۾ امن امان جي حالت خراب ٿي پوي ته آمريڪا جهڙو ملڪ به ايسٽونيا ۽ البانيا ٿي پوي. ملائيشيا ۽ ويندي سنگاپور جهڙو ننڍڙو ٻيٽ، جنهن جي ڪا پنهنجي آمدني ناهي، ان جي حڪومت پنهنجن شهرين توڙي ڌارين واپارين ۽ پورهيتن کي امن امان ۽ انصاف ڏياري پاڻ امير ٿي وئي آهي.
نيويارڪ شهر پنجن حصن ۾ ورهايل آهي
نيويارڪ شهر ڪراچي جي پنجن ضلعن وانگر پنجن حصن ۾ ورهايل آهي، جيڪي جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته بارزو Boroughs سڏجن ٿا. انهن جا نالا هن ريت آهن:
- برانڪس Bronx
- بروڪلن Brooklyn
- مئن هٽن Manhattan
- ڪئينس Queens ۽
- اسٽيٽن آئلنڊ Staten Island
سواءِ اسٽيٽن آئلنڊ جي، باقي هر بارو جي آدمشماري ڏهه لک کان مٿي آهي. بهرحال آدمشماري جي لحاظ کان ته ڪراچي ۽ ويندي اسان جو سڄو ملڪ ڪنهن کان گهٽ ناهي. ڪراچي جي آدمشماري هڪ ڪروڙ کان مٿي چئي وڃي ٿي. بهرحال جيئن ڪراچي ۾ ملڪي پٺاڻ، پنجابي، بلوچ وغيره کان علاوه غير ملڪي برمي، بنگالي، افغان رهن ٿا، تيئن نيويارڪ به ٻاهران آيلن لاءِ هميشه ڪشش وارو شهر رهيو آهي. ڪهڙو ملڪ آهي جنهن جا ماڻهو نيويارڪ ۾ نظر نٿا اچن. ڪمائي ڌنڌي ڌاڙي، گهمڻ ڦرڻ، خرچڻ ۽ عياشيءَ لاءِ نيويارڪ شهر ٽاپ تي آهي. اسان جهازين لاءِ به نيويارڪ دلپسند شهر ۽ بندرگاهه رهيو آهي. مهيني جا شروع وارا ڏينهن هوندا هئا ۽ پگهار سان کيسا ڀريل هوندا هئا ته نيويارڪ جهرو شهر نه هو. صحيح قسم جي Sale هِتي ئي لڳي ٿي، جنهن ۾ دڪاندار واقعي دڪان خالي ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اسان انهن پئسن مان گهڻي کان گهڻي شاپنگ ڪري، جهاز تي پهچندا هئاسين. ٿيٽرن ۽ سئنيما گهرن ۾ ويندا هئاسين. انڊين ۽ مڪاني هوٽلن ۾ ماني کائيندا هئاسين. مهيني جي آخري ڏينهن ۾ پئسو ختم ٿي وڃڻ تي، جهاز تان بٽر يا جئم جي سئنڊوچ ٺهرائي، ٽائيمس اسڪائر يا فارٽي سيڪنڊ اسٽريٽ ۾ مفت جا تماشا ۽ ماڻهن جو حسن بيهي ڏسندا هئاسين. پئسن وارن ميوزمن بدران مفت جي عجائب گهرن، پارڪن ۽ سامونڊي ڪنارن تي گهمندا هئاسين.
نيويارڪ جي تاريخ جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته ڪولمبس جي اچڻ بعد ڊچ (هالينڊ جا رهاڪو) پهريان يورپي هئا، جن آمريڪا جي هن حصي (جنهن جو هينئر نالو نيويارڪ آهي) تي 1613ع ۾ قبضو ڪري هن شهر کي نيو ائمسٽرڊم ۽ نيو نيدرلئنڊ نالو ڏنو. يعني هڪ ائمسٽرڊم ۽ نيدر لئنڊ ته يورپ ۾ سندن شهر ۽ ملڪ جو نالو ٿيو ۽ ٻيو هي. (هالينڊ ملڪ کي نيدرلئنڊس به سڏجي ٿو). 1640ع ۾ پيٽر اسٽوويسنٽ (Peter Stuyvesant) جيڪو عطر، سگريٽ هئنڊ بئگن ۽ ٻين ڪيترن شين کان مشهور آهي، هِتي جو پهريون گورنر ٿيو، جنهن کي سندس يورپي ملڪ هالينڊ (نيدر لئنڊ) 1652ع ۾ خودمختيار حڪومت هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. 1664ع ۾ انگريزن هي علائقو فتح ڪري سندس نالو نيويارڪ رکيو. ڊچ پنهنجو علائقو واپس وٺڻ ۾ لڳا رهيا، جنهن ۾ هنن کي ڏهن سالن بعد 1673ع ۾ ڪاميابي نصيب ٿي. هنن پوءِ ان علائقو جو نالو “نيو آرينج” رکيو، پر اهو فقط هڪ سال کن لاءِ رهيو، ان بعد وري انگريز زور ٿي ويا ۽ هي علائقو نيويارڪ سڏجڻ لڳو. هاڻ ٻڌايو ته اسان جي درويش صفت مغلن جو ڪهڙو ڏوهه ۽ ڪهڙي همت جو انگريزن جون اٽڪلون سمجھي، هنن جي ٻيڙي ٻوڙي سگهن. انگريزن جهڙن استادن جي مقابلي ۾ ڊچن جهڙا ٺڳ ۽ قزاق به ملڪ ڇڏي وڃي پٺين صفن ۾ بيٺا ۽ پوءِ جيئن انگريزن ويران ۽ مهاڻن جي بستي بمبئي، پينانگ، نئروبي ۽ سنگاپور کي ترقي وٺرائي ڇڏي، تيئن انگريزن جي هٿ هيٺ نيويارڪ ۽ اوسي پاسي جو علائقو خوب وڌيو ويجھو ۽ ترقي ڪئي. 1783ع تائين نيويارڪ برٽش حڪومت جي هٿ ۾ رهيو ۽ پوءِ آمريڪي انقلابي جنگ بعد نيويارڪ سڄي آمريڪا (USA) جو عارضي طور گاديءَ جو هنڌ ٿي رهيو. 1898ع ۾ نيويارڪ کي پنجن حصن Borough تي مشتمل بنايو ويو. شهر کي ڳنڍڻ ۽ بهتر ٽرانسپورٽ لاءِ 1904ع ۾ نيويارڪ سٽي سب وي ٺاهيو ويو. ٻيءَ جنگ عظيم ۾ هن شهر اهم ڪردار ادا ڪيو. جنگ جي ڪاميابي بعد نيويارڪ دنيا جي اڀرندڙ شهرن مان هڪ ٿي سامهون آيو. ترقي، ڪمائي ۽ ڌارين ماڻهن جي هيڪاندي لوڌ اچڻ ڪري هن شهر جي ڏوهن جو انگ Crime Rate پڻ وڌڻ لڳو، جيڪو 1970ع ۾ اوج تي پهچي ويو هو. هي اهي سال آهن جن ۾ اسان جو جهاز نيويارڪ ۽ آمريڪا جي ٻين بندرگاهن ۾ ايندو هو ۽ هِتي ڏوهن ۽ خوفنائِتن ماڻهن بابت انهن ڏينهن جي سفرنامن ۾ لکندو هوس ته آمرريڪا جيڪو هيڏو ترقي يافته ملڪ آهي جِتي هيترا تعليمي ادارا آهن اتي جي اهم شهر نيويارڪ ۾ ڪيڏو Crime آهي، جو اسان جو جهاز جڏهن نيويارڪ پهچي ٿو، خاص ڪري بروڪلن علائقي ۾ ته اسان کي مڪاني آفيس طرفان خبردار ڪيو وڃي ٿو ته نيويارڪ جي هنن علائقن ۾ رات جو ته ڇا ڏينهن جو به اڪيلو نه نڪرو. اهو پوءِ آهستي آهستي ٿي اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ جھڪو ٿيو ۽ هن شهر ۾ ناڻي ڏوڪڙ جي ريل پيل ٿيڻ لڳي ۽ نوي ۾ ته چوٽ تي وڃي چڙهيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هينئر جو نيويارڪ ان جي مقابلي ۾ نئون شهر ٿو لڳي، جيڪو ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ 71-1970ع جو نيويارڪ هو.