الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

اِنَ ڏنگي ماڻهوءَ سان ملاقات ڪيئن ٿي؟

منور ۽ سندس سڀني ساٿين مونکي لک عزتون ڏئي، ٽانڪريڊو جي ساڄي يا کاٻي پاسي واري ڪنهن ڪرسيءَ تي وهڻ لاءِ زور ڀريو، پر کين اهو چئي آخر ۾ پڇڙي واري ڪرسيءَ تي، شاهد ٽالپر کان پوءِ وڃي ويٺس ته ڀائي هي توهان جو شو آهي، پير صاحب جي ويجھو توهان ئي ويهو. اسان کي هڪ اخبار رپورٽر ئي سمجھو، جنهن جو ڪم واقعي جي مٿاڇري لقاءَ جو احوال ڏيڻ هجي. دراصل مون به لڳاتار هفتي کان منور جي فريزر ۾ رکيل پاروٿو ٻوڙ ۽ پالڪَ ڀاڄي کائي کائي اڄ هتي پنهنجو وات کولي کانئس ڳالهائڻ جو ڪم وٺڻ بدران کائڻ جو ڪم وٺڻ ٿي چاهيو، جو هتي آيل مهانگا مال تڪلف تڪلف ۾ واپس به کڄي ويندا. پر جيئن ئي مانيءَ جو دور شروع ٿيو ۽ خاص مهمان خالد هاشماڻي، منور، الطاف ميمڻ ۽ خاص طور ماما جمون (عليم بروهي) سان خبرون ۽ چرچا ڪري بس ڪيائين ـــــ جن سان لڳو ٿي ته هو هنن سان ڪافي دفعا ملي چڪو آهي ـــ ۽ مقبول عالياڻيءَ سان پڻ، ته پوءِ باقي گهٽ واقفڪارن ۽ مون جهڙن نون ماڻهن جو سندس ڀر ۾ ويٺل خالد هاشماڻي تفصيل سان تعارف ڪرائڻ شروع ڪيو ۽ هر هڪ کي ٽان ڪريڊو هڪ دفعو وري هٿ جي لوڏي سان کيڪاريو. منهنجي واري اچڻ تي خبر ناهي خالد هاشماڻي پيٽارو جي دوستي نڀائڻ خاطر ڪهڙن ٻولن سان تعريف ڪئي يا ٽانڪريڊو خود به ليکڪن کان ڪو متاثر ٿي لڳو جو ان تعارف ٻڌڻ بعد موٽ ۾ مونکي فقط هٿ لوڏ ڪرڻ بدران سوال مٿان سوال ڪرڻ لڳو، جيڪي هوٽل ۾ وڄندڙ ميوزڪ ۽ ٻين ٽيبلن تان ماڻهن جي ايندڙ آوازن جي گوڙَ ۾ ڊئريڪٽ ٻڌي نٿي سگهياسين، جيڪي مقبول عالياڻيءَ ٽرانسفر ٿي ڪيا. نيٺ هڪ وڌيڪ ڪرسي خالد هاشماڻي ۽ ٽام جي ڀرسان رکرائي، مون کي اتي ويهڻ لاءِ چيو ويو. هو دراصل منهنجي ليکڪ هجڻ ۽ منهنجي ڪتابن جي تعداد مان هيڪاندو متاثر ٿي ويو. پاڻ ٻڌايائين ته کيس به لکڻ جو ڏاڍو شوق آهي ۽ سندس هڪ ڪتاب آمريڪا جي مشهور فلاڻي پبلشر ڪالوراڊو رياست مان ڇپيو آهي. هاڻ کيس ڪير ٻڌائي ته يار اسان سنڌيءَ جا ليکڪ آهيون، جن کي پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڪا recognition ناهي ۽ اسانجا ڪتاب علي نواز گهانگهري جهڙا درويش صفت ڪنڊياري مان ڇپائيندا آهن، جن جو ڇپڻ به مسئلو ته کپائڻ به مسئلو! هزار کن ڪاپيون ڇپرائي اڌ سنڌ جي دڪاندارن ڏي موڪليندو آهي ته اڌ پنهنجي ڳوٺ ڪنڊرياري ۾ ڀانڊي ۾ رکندو آهي ۽ پوءِ جي همت ڪري سال اندر وٺ وٺان نه ڪندو آهي ته distribute ڪيل ڪتابن جا پئسا دڪاندار کائي ويندا اٿس ۽ اسٽور ڪيل ڪتابن جا پنا اڏوهي چٽ ڪري ويندي اٿس. پر هتي هر پڙهيل ڳڙهيل ملڪ جا باشندي وانگر هي جوان به ليکڪن مان متاثر هو، جيئن اسانجي وطن جا وڏا وڏا ڀوتار ۽ پير مير ٿاڻي جي SHO يعني صوبيدار مان هوندا آهن.
“هاڻ آمريڪا جي هن سفر بابت الطاف لکندو.” خالد ٻڌايس.
“مون بابت به لکجان ۽ تصوير به ڏجان.” ٽانڪريڊو چيو.
“ضرور.”
“مون بابت تنهنجو ڇا Opinion آهي؟ ٽانڪريڊو مانيءَ دوران تقريباً آخر ۾ هڪ سوال ڪيو.
“مون لاءِ توهان عزت ۽ احترامَ لائق آهيو، جو توهان اسان جي سنڌ جي ڏکن دردن کان واقف آهيو. توهان انهن جي ڳالهه ٿا ڪريو. هر اهو ماڻهو جيڪو انسانن جي حقن ۽ انصاف جي ڳالهه ڪري ٿو، اهو مون لاءِ اهم آهي.”
آمريڪا جو هي ڪانگريس مئن جيڪو اڌ ڪلاڪَ کان اسان وارن يارن سان ڳالهائي رهيو هو، ان مونکي واقعي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو ته هو ڪالاباغ ڊيم ۽ پاڻيءَ جي مسئلن کان وٺي سنڌ ۽ بلوچستان سان ٿيندڙ ناانصافين کان واقف آهي! ايتري قدر جو هو سنڌ جي Ghost اسڪولن کان به واقف آهي ته سنڌ ۾ غريب عوام کي تعليم نٿي ملي. فقط ڪاغذن تي اسڪول موجود آهن باقي حقيقت ۾ اهي وڏيرن جون اوطاقون آهن، جتي سرڪار کان پگهار کڻندڙ ٽيچر ٻارن کي تعليم ڏيڻ بدران ڳوٺ جي ڀوتار جي ٽهل ٽڪور ڪن ٿا. هن آمريڪن قومي نمائندي اُهي سڀ ڳالهيون ميڊيا تان ٻُڌيون يا ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جهڙن تنظيمن کان ـــ جن کي سنڌُ( ۽ ان جي غريب ماڻهن سان همدردي آهي، جيڪي چاهين ٿا عوام جو ڀلو ٿئي، اهي آگاهي ڏيندا هوندا. هونءَ سنڌ جي مسڪين ۽ مظلوم جي درد جي آهه جيتوڻيڪ سندس ووٽ کڻي چونڊجي آيل ناظم يا اسيمبليءَ جو نمائندو نٿو ٻڌي، پر هنن جي پيڙا جي پڪار WSI جهڙيون تنظيمون، سنڌي اخبارون ۽ سنڌي ٽي وي چينل دنيا تائين پهچائين ٿا، جن ۾ پوءِ منير سانگي، امير بخش ۽ شاهد سومرو جهڙن صحافين جون جيتوڻيڪ جانيون به قربان ٿيو وڃن، پر بقول سکر جي وڪيل فتاح ملڪ جي هاڻ اهو وقت اچي رهيو آهي. جو ڦيٿو تيزيءَ سان سنڌ جي ظالم وڏيري، سردار، ڀوتار جي خلاف ڦرندو وڃي ۽ رسي هنن جي ڳچين جي چوڌاري سوڙهي ٿيندي وڃي.
اسڪولن ۽ اسپتالن جي خراب ڪارڪردگي بابت نوٽيس وٺندي هن ڪانگريس مئن جنهن کي ڪيترائي پنهنجا ۽ پراوا اڌ مغزي ۽ خر دماغ سمجھن ٿا پر ڪانگريس ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، ٻڌايو پئي ته هو ڪجهه ڪوششون وٺي رهيو آهي يا شايد ورتيون اٿس، جنهن ڪري ڪافي چرپر ٿي آهي. سندس ڪيتريون ڳالهيون جيڪي هن منور ۽ ڊاڪٽر الطاف ڏي منهن ڪري ڪيون ٿي، اهي آئون جيتوڻيڪ چڱيءَ طرح نه پئي ٻڌي سگهيس، پر ايترو محسوس ڪيم پئي ته هن کي سنڌ ۽ بلوچستان جي مسئلن حل ڪرڻ سان دلچسپي ۽ واقفيت آهي.
“توهان ڪالوروڊو ضرور اچو؟” هن مونکي دعوت ڏني.
“ٻئي دفعي آمريڪا آيس ته ضرور اينداس، اتي منهنجو هڪ دوست ۽ هن جذباتي انسان خالد هاشماڻيءَ جو ڪلاس ميٽ پروفيسر رامچند اوڏ گذريل ٽيهن سالن کان ڪالوروڊو يونيورسٽيءَ ۾ آهي.” مون کيس ٻڌايو.
ٻئي ڏينهن صبح ساڻ رام چند کي فون ڪري ٻڌايم ته رات تنهنجي علائقي جي نمائندي ٽانڪريڊو سان خالد هاشماڻيءَ ۽ مون ڊنر کاڌي هئي. وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين، “ان ڏنگي ماڻهوءَ سان توهان جي ملاقات ڪيئن ٿي؟”