آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون ۽ ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ (WSI)
- سنڌي ائسوسيئيشن آف فلوريڊا
- مشيگان ائسوسيئيشن آف سنڌي
- سنڌي سڀا آف جارجيا
- سنڌي ائسوسيئيشن آف لانگ آئلئنڊ
- سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ ۽ سائوٿ ڪارولينا.
- سنڌي ائسوسيئيشن آف نيو جرسي.
- سنڌي ائسوسيئيشن آف دي ٽراءِ اسٽيٽ
- سنڌي ائسوسيئيشن آف واشنگٽن ڊي سي
- سنڌي ائسوسيئيشن آف ڪيليفورنيا
- سنڌي سرڪل آف نيويارڪ......... وغيره وغيره.
انهن ۾ ڪيتريون ته تمام پراڻيون آهن، جيڪي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد سنڌي هندن پاڻ سان هڪ ٻئي ۾ Contact ۾ رهڻ ۽ هڪ بئي جي سڌ سماءَ لهڻ لاءِ ٺاهيون. اهي تنظيمون گهڻو ڪري ثقافتي سماجي، علمي ۽ گهڻي حد تائين مذهبي مقصدن تائين محدود رهن ٿيون.
مٿين تنظيمن کان علاوه ستر ۽ اسي واري ڏهي جون ٺهيل تنظيمون ورلڊ سنڌي ڪانگريس WSC ۽ سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا SANA آهي، جيڪي پاڪستان کان هتي نوڪرين ۽ واپار وڙي لاءِ آيل سنڌي مسلمانن ۽ هندن جون ٺهيل آهن. انهن تنظيمن جو ڪم سنڌ جا مسئلا کڻڻ، انهن جو حل ڳولڻ ۾ مدد ڪرڻ، پرديسَ ۾ آيل سنڌين جي رهنمائي ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ ۽ سالَ ۾ هڪ يا ٻه سوشل گڏجاڻيون ۽ ميلا لڳائڻ آهي ... خاص ڪري سانا ان ڏس ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ هر سال ڪنهن نئين شهر ۾ ٽي چار ڏينهن هڪ ئي هوٽل ۾ رهي ادبي، ڳائڻ وڄائڻ، سياسي ۽ ٻارن جون الڳ محفلون رکڻ آهي، جنهن ذريعي هڪ ٻئي جي ڄاڻ سڃاڻ ٿئي ٿي ۽ سڱابندين ۾ به مدد ملي ٿي، نه ته پرديسَ ۾ رهندڙ سنڌين جو وڏو مسئلو ٻارن لاءِ Suitable رشتا ڳولڻ آهي. خاص ڪري انهن والدين لاءِ جن کي نياڻين جو اولاد آهي. ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سانا ٻئي تنظيمون ميمبر شپ جي بنياد تي قائم آهن.
مٿين سڀني سنڌي تنظيمن ۾ ڏٺو وڃي ته ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ (WSI) ننڍي عمر جي آهي، جنهن جو بنياد ويجھڙائيءَ ۾ (1997ع ڌاري) پيو آهي. اها هڪ رجسٽرڊ تنظيم آهي، جنهن جي هيڊ آفيس آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۾ آهي. هن جون برانچون انگلينڊ کان علاوه هن سال ڪئناڊا ۾ به ٺهي آهي. هن تنظيمَ جو باني منور لغاري آهي، جيڪو بنيادي طرح سول انجنيئر آهي. ڪئناڊا واري برانچ جي سرپرست حميرا رحمان آهي، جيڪا پروفيشن جي لحاظ کان آرڪيٽڪيٽ انجنيئر آهي. WSI جي بروشر مطابق:
WSI is committed to achieving human rights for Sindhis of Sindh through a non-violent advocacy, activist and academic campaign.
WSI جو گهڻو ڪم ڪار بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي معرفت هلايو وڃي ٿو. WSI جو دارو مدار ميمبر شپ تي نه پر والنٽيرئس تي آهي. اڄ ڪلهه هيٺ ڏنل ماڻهو بورڊ آف ڊائريڪٽرس تي آهن.
- زاهد مخدوم ــــ صدر
- سنيتا مکي ــــ ميمبر
- مقبول عالياڻي ــــ جنرل سيڪريٽري
- سهيل انصاري ــــ خزانچي
- منور لغاري ــــ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ باني
- قادر بخش جتوئي ــــ ميمبر
- رميش ٿارواڻي ــــ ميمبر
هيءَ تنظيم “SINDH WATCH” نالي مئگزين به ڪڍي ٿي جنهنجا مختلف ملڪن ۾ نمائندا آهن. “سنڌ واچ “ جو مکيه ڪم سنڌين کي هڪ ٻئي جي خبر چار ڏيڻ، سنڌ سان لاڳاپيل مختلف مسئلا جيڪي ماحوليات، ميڊيڪل، تاريخ، سياست، انساني حقن، ثقافت، ٻولي، تعليم، معاشيات مطلب ته زندگي جي هر شعبي سان سلهاڙيل آهن، تن کي لکت ۾ آندو وڃي ٿو. “سنڌ واچ” مئگزين جو مکيبه مقصد اهو به آهي ته مختلف سنڌي تنظيمن، گروپن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ هڪ پائيدار ڳانڍاپو پيدا ڪجي. سنڌ واچ سنڌين جي پهرين عالمي مئگزين آهي.