ظفر فاروقي ۽ رام رنگواڻيءَ جا ٻار
آپا شيرين ۽ سندس مڙس ونگ ڪمانڊر ظفر فاروقيءَ سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ، اڄ کان چاليهه سال کن اڳ کان رهي آهي جڏهن فرخ اڃا چئن پنجن سالن جو هو. ٻنهي جي تعليم سان واسطو رهيو آهي. آپا ڪجهه سال اڳ ڪراچيءَ جي وومين ڪاليج جي پرنسپال جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿي ۽ هاڻ ڪلفٽن ۾ “گرين بيلٽ آمريڪن” نالي اسڪول هلائي ٿي. احمد ظفر شروع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ (1957 ۾) فزڪس ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ٿي رهيو بعد ۾ ايئر فورس join ڪيائين جتي چوڏهن سال کن ايئرو ناٽيڪل ڪاليج ۾ فزڪس ۽ اٽامڪ هٿيارن بابت پڙهايائين. ايئر فورس مان رٽائرمينٽ وٺڻ بعد دوها (قطر) جي ملٽري اسڪول ۾ اٺ سال پڙهايائين. ان بعد هو آمريڪا جي ميريلئنڊ ڪاليج ۾ پروفيسر ٿي رهيو. سندن ٻئي ٻار وڏو پٽ فرخ ۽ ننڍو فرحان به عرب ملڪن مان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم آمريڪا مان ورتي. فرخ آمريڪا ۾ ئي شادي ڪري، اتي ئي ٽڪي پيو. ننڍو فرحان پاڪستان هليو آيو. ويجهڙائيءَ ۾ ايمرو بئنڪ جي نوڪري ڪرڻ بعد ۽ هاڻ هانگ ڪانگ ۾ آهي.
منهنجو ٻه ٽي سال اڳ جو ڇپيل ڪتاب “تيستائين گڊ باءِ” آپا شيرين کي منسوب ٿيل آهي جنهن ۾ مون سندن تفصيلي احوال ڏنو آهي خاص ڪري تعليمي حوالي سان. آپا شيرين جو تعلق شڪارپور جي پڙهيل لکيل فئملي سان آهي. سندس والد صاحب عبدالرحمان شيخ مشهور وڪيل هو ۽ ڏاڏو الاهي بخش شيخ صاحب انگريزن جي ڏينهن ۾ ڊپٽي ڪشنر ٿي رهيو ۽ وڏو چاچو سردار بهادر محمد بخش تعليمي درسگاهن کان سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. هوءَ امتياز ۽ مقبول شيخ جي وڏي ڀيڻ آهي.
آپا شيرين جي وڏي پٽ فرخ جو نمبر ملڻ سان، مون سندس گهر فون ڪيو. سندس ڌيءَ آمنا فون کنيو، جنهن کان خبر پئي ته هو آفيس جي طرفان ٽوئر تي ڪئليفورنيا ويو آهي. مون پنهنجو نالو ۽ نمبر کيس لکايو، پر هفتو ٻه جڏهن ٿي ويو ته وري ٻيو دفعو فون ڪيم. پاڻ گهر ۾ نه هئا، رڪارڊنگ مشين ۾ پنهنجو نياپو درج ڪرايم ۽ پوءِ اهو سوچي ماٺ ٿي ويس. ته جيتوڻيڪ سندس والدين سان منهنجي روبرو يا خط و ڪتابت ذريعي ملاقات ٿيندي رهي ٿي پر فرخ کي ته مون آخري دفعو تڏهن ڏٺو، جڏهن ٽئين چوٿين ڪلاس ۾ هو، سو هن کي هاڻ ڪهڙي ياد يا ڄاڻ ته الطاف انڪل ڪير آهي.
بهرحال ان دوران آئون واشنگٽن هليو ويس ۽ پوءِ جيتوڻيڪ وري نيو جرسي اچي رهيس پر مسواڙ جو گهر بدلائڻ تي ٽيليفون نمبر به بدلجي ويو. هوڏانهن ڪئليفورنيا مان موٽڻ تي فرخ مون کي فون ڪري مون لاءِ نياپا ڇڏيا پر اهو گهر ۽ فون نمبر ڪڏهوڪو ڇڏي چڪو هوس. ان جي خبر مون کي فرخ کان تڏهن پئي جڏهن آئون ان ڏينهن تي جن سان نه مليو هوس انهن کي فون تي خدا حافظ ڪندي فرخ کي به وري کڻي فون ڪيم، اهو سوچي ته ڪراچي پهچي آپا شيرين وارن کي اهو ته چئي سگهندس، ته توهان جو پٽ انگريز مائيءَ سان شادي ڪري انگريز ٿي ويو آهي ۽ ٽي دفعا فون ڪرڻ تي به اسان کي نٿو سڃاڻي. پر پوءِ ان آخري دفعي تي فون جي گهنٽي وڳي ته فرخ پاڻ ئي کنيو ۽ وڏي حب سان کيڪار کڙي ڪئي. اهو به ان وقت معلوم ٿيو ته هن جي نوڪري جيتوڻيڪ نيويارڪ ۾ آهي پر رهائش ان ئي ساڳي رياست ۾ اٿس، يعني اسين هڪ ٻئي جي ويجهو ئي رهون ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته آمريڪا ۾ ويجهو ويجهو رهڻ وارو يا جيڪو چئي ته پاڙي ۾ ٿا رهون، ان جو گهر به توهان جي گهر کان ايترو پري هوندو جيترو نوابشاهه کان خيرپور ميرس ۽ آمريڪا ۾ اهو مفاصلو پاڙي جو ئي سمجهڻ کپي. جيئن اسان جي ماسيءَ چيو ته سندس پڦيءَ جي پٽ عبدالعليم (جمو) بروهي ۽ ڌيءَ آپا تاج (مسز حنيف صديقي) سان ضرور ملانِ. هاڻ ڀاءُ جمو ته ورجنيا رياست ۾ رهي ٿو ۽ واشنگٽن ۾ ٿيندڙ سنڌين جي ڪيترن ئي فنڪشنن ۾ ملي ويو. آپا تاج کي فون ڪيم ته هوءَ ته لاس اينجلس جي ڀر واري هڪ شهر سئن ڊياگو ۾ رهيل هئي. پاڻ ۽ سندس پٽ شفيق صديقي (جيڪو مون وارن ڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ به هو) مون کي پنهنجي گهر گهرائڻ جون وڏي حب سان دعوتون ڏنيون پر سائين نيويارڪ يا نيو جرسي کان پئسفڪ سمنڊ واري پاسي جي شهر سئن ڊياگو وڃڻ معنيٰ ڪراچي کان جدي واري مفاصلي جي به ٻيڻ اڍائوڻ. ڪار يا بس ۾ وڃڻ تي سر هليو وڃي ۽ هوائي جهاز جي ايڏي ڳري ٽڪيٽ جو ان کان گهٽ ڀاڙو ته ڪراچي کان هانگ ڪانگ تائين جو آهي. موٽڻ تي ماسي اهو ئي دل ۾ ڪندي رهي ته آپا تاج هئي ته ساڳي ملڪ ۾. هاڻ آمريڪا ڪو سنگاپور يا برمودا ٻيٽ ته نه آهي جو ٽئڪسي ذريعي ڪلاڪ ۾ سڄي ٻيٽ جو ڦيرو ڪري وٺجي. ان معاملي ۾ آمريڪا (USA) پاڪستان به نه آهي، ڇو جو پاڪستان هيڏو وڏو ملڪ هوندي به آمريڪا جي ڇهين ستين حصي جيڏو آهي. آمريڪا (USA) جي جملي پکيڙ ساڍا نو ملين چورس ڪلوميٽر آهي.
بهرحال آپا شيرين جو پٽ مون کي پاڻ وٽ رهڻ لاءِ چوندو رهيو پر هاڻ مون کي سامان پئڪ ڪري چوويهه ڪلاڪن اندر نيو جرسي ڇڏي، نيويارڪ جي هوائي اڏي تي پهچڻو هو. فرخ 1988ع کان آمريڪا۾ رهي ٿو. پاڻ يونيورسٽي آف ميريلئنڊ مان اڪائونٽس ۾ گريجوئيشن ڪرڻ بعد نيويارڪ مان ايم بي اي ڪئي. ان بعد وال اسٽريٽ جي انويسٽمينٽ بئنڪنگ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. سندس آئرش آمريڪن زال جؤن (Joan) به نيويارڪ ۾ ڪنٽرول اڪائونٽس آهي.
“انڪل الطاف هاڻ جهاز نه هلايو؟” فرخ پڇيو.
“نه. هاڻ اخبارون رسالا پڙهان ۽ انهن لاءِ ڪالم لکان. Do you know that?” مون ٻڌائي کانئس سوال ڪيو.
“ها انڪل مون کي خبر آهي. توهان جو عبرت اخبار ۾ ڪالم ايندو آهي.” فرخ چيو. اهو ٻڌي مون کي حيرت ٿي.
“اهو ته سنڌيءَ ۾ ايندو آهي، پوءِ ڪيئن پڙهين؟” مون پڇيو.
“اسان جي آفيس ۾ هريش مون سان گڏ ڪم ٿو ڪري- هو هر هفتي توهان جو انٽرنيٽ تي ڪالم پڙهي مون کي به ٻڌائيندو آهي.”
“چئبو ته هريش وري اچي ساٿ نڀايو. منهنجا سلام چئجانس ۽ انشاءَ الله هاڻ ٻئي دفعي توهان سان ضرور ملبو.” مون فرخ کان موڪلايو.
هريش سنڌ جي مشهور وڪيل ۽ زميندار رام رنگواڻيءَ جو وڏو پٽ آهي. شروع جي ڏينهن ۾ جڏهن ظفر فاروقي وارا ڪراچيءَ ۾ حسين ڊيسلوا فلئٽس ۾ رهندا هئا، ته هي به اتي ئي رهندا هئا. هريش آپا شيرين جي ننڍي ڀاءُ امتياز (طارق) سان گڏ مهراڻ انجنئيرنگ يونيورسٽي مان اليڪٽريڪل ۾ B.E ڪئي. امتياز سول سروس جا امتحان ڏيئي سنڌ گورنمينٽ ۾ سيڪريٽري ۽ پوءِ سياست ۾ داخل ٿي وزير به ٿيو. هريش آمريڪا هليو آيو. هريش جا ٻيا ٻه ننڍا ڀائر مڪيش ۽ سنيل جيڪي ڊاڪٽر ٿيا، اهي به آمريڪا ۾ رهن ٿا ۽ آمريڪا ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو اٿن. هريش انجنيئر آهي جنهن Stealth Bomber جي Chip ايجاد ڪئي. هي بامبر جهاز رڊار جي اسڪرين تي نه اچڻ ڪري چوري ڇپي مار ڪيو وٺي. ڊاڪٽر سنيل جي هن وقت خبر نه اٿم، باقي ڊاڪٽر مڪيش رنگواڻي اڄڪلهه ڪئمبرج، اوهيو رياست ۾ سئڪاٽرسٽ (نفسيات جو ماهر) آهي. ڊاڪٽر مڪيش وارن جي پڦي يعني ديوان رام رنگواڻي جي ڀيڻ، پشپا رنگواڻي به ڊاڪٽر آهي ۽ انگلينڊ جي رابن هڊ ڊسٽرڪٽ اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر آهي.