ڳوٺ ڄمون آگامو (رتوديرو) جي محمد پناهه راڄپر جا پوٽا USA ۾
اتي ئي ڀر ۾ Oaktree روڊ تي شاليمار نالي هوٽل کلي آهي، جنهن تي نيرن تي حليم، نهاري، مغز مسالو، ٻڪري جا پاوا ۽ حلوو ۽ ڇولا ٺهن ٿا، جيڪي اڦراٽن، نانن ۽ پورين سان گڏ وڪامن ٿا. باقي وقتن تي يعني منجھند جي ماني ۽ ڊنر تي چڪن تڪا، سيخ ڪواب، تندوري چڪن، پالڪ گوشت، مٽن برياني، چڪن جلفريزي، بهاري ڪواب، چپلي ڪواب، فراءِ مڇي ۽ ٻيون شيون ٺهن ٿيون. نديم جي ڊنر ۾ مختلف ڊش هئا، جيڪي هن سڀ هوٽل تان گهرايا هئا. گهر ۾ فقط سلاد ٺاهيو هئائون. مٺي ۾ ڊاڪٽر نور راڄپر جي نيويارڪ کان آندل مٺائي ۽ ڊاڪٽر علي جي آندل پيسٽري رکيائون. ماني مهل مونسان گڏ ڊاڪٽر نور جو ننڍو ڀاءُ مسرور ويٺل هو، جنهن سان ڪا دير آئون سنگاپور جون خبرون ڪندو رهيس، جتي هو ٽن سال کن نوڪري ڪري، هاڻ ڀاءُ جي گهرائڻ تي هتي آمريڪا آيو هو. پاڻ پاڪستان مان B.E ڪئي اٿس. آمريڪا ۾ آئي ڇهه مهينا کن ٿي ويا اٿس، پر اڃا ڪا اهڙي جاب نه ملي سگهي اٿس، جنهن ۾ هن ڊگري حاصل ڪئي آهي يا جنهن قسم جو جاب سنگاپور ۾ هوس.
“توهان سنگاپور ڇو ڇڏيو. سنگاپور وارا ته توهان کي هميشه رهڻ لاءِ ريزيڊنسي به ڏين ها.” مون پڇيومانس.
“مون کي سنگاپور ۾ مزو نه آيو. ننڍو ٻيٽ آهي، چينين جو وڌيڪ هولڊ آهي ۽ بيحد سخت ڊسيپلين ۽ پورهيو آهي. هر وقت کٽڪو لڳي ٿو ته اسان پاڪستانين کي ڪڍي نه ڇڏين. اهي ٽي سال به هتي آمريڪا ۾ لڳايان ها ته هيسيتائين هتي جو پاسپورٽ به ملي چڪو هجي ها.” هن ٻڌايو.
“توهان کي ملائيشيا يا برونائي هليو وڃڻ کتو ٿي. سنگاپور جي مقابلي ۾ اتي وڌيڪ بهتر زندگي آهي.” مون پنهنجو خيال ڏيکاريو.
“اهو صحيح آهي، پر اتي به انهن ماڻهن جو قدر آهي، جن وٽ آمريڪا يا ڪئناڊا جي ڊگري آهي. ان ڪري هاڻ آئون هتي جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي، ڪجهه پڙهڻ ٿو چاهيان.” مسرور ٻڌايو.
ڊاڪٽر نور راڄپر ۽ انجنيئر مسرور ڀائرن جون زالون پڻ پاڻ ۾ ڀينر آهن ۽ هنن جون ڪزن ٿين. ڊاڪٽر نور وارن کي جس ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي، جو سنڌ جي هڪ ڏورانهين ۽ ننڍڙي ڳوٺ جا ٿي ڪري هنن تعليم حاصل ڪئي. بلڪه ان جو سڄو ڪريڊٽ سندن والد محمد صالح راڄپر ۽ ڏاڏي کي ڏيڻ کپي . ڊاڪٽر نور جو ڏاڏو پناهه راڄپر 1900ع ۾ تعلقي رتوديرو جي ڳوٺ ڄمون آگامو ۾ ڄائو ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪري، پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو. پاڻ 1985ع ۾ وفات ڪيائين. ڊاڪٽر نور جي والد صاحب سان منهنجي سامهون اڃان ملاقات نه ٿي آهي، پاڻ 1927ع ۾ ڳوٺ ۾ ڄاوا ۽ اڄڪلهه اسي ورهين جي ڄمار ۾ قاسم آباد حيدر آباد ۾ رٽائرڊ زندگي گذارين ٿا. منهنجي ساڻن فون تي ٻه ٽي دفعا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هنن ٻڌايو ته تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هنن کي ڪيڏي ته جاکوڙ ڪرڻي پوندي هئي. اسڪول کان کين ڀرواري ڳوٺ پنڌ وڃڻو پوندو هو. جتي شام جو به ڪلاس ٿيندا هئا، جيڪي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ هو ڪلاڪ کن مسجد ۾ اچي سمهندا هئا. پاڻ سنڌ جي شروع وارن انجنيئرن مان آهن ۽ 1955۾ NED ڪاليج ڪراچيءَ ۾ B.E ڪيائون.
ڊاڪٽر نور سندن وڏو پٽ آهي جنهن 1979ع ۾ LMC مان ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي. هو 1982ع ۾ پنهنجي هڪ دوست ڊاڪٽر حفيظ عباسيءَ سان گڏ آمريڪا آيو هو. سندس ٻيو نمبر ڀاءُ نادر راڄپر جنهن B.E ڪئي، سن 2004ع ۾ گذاري ويو. ان بعد ڊاڪٽرنور احمد آهي، جيڪو ايڪس ري ۽ الٽرا سانڪس سان وابسته آهي ۽ حيدر آباد ۾ رهي ٿو. پاڻ چانڊڪا مان MBBS ڪيائين. مسرور سندن چوٿون نمبر ڀاءُ آهي، جنهن 1997ع ۾ مهراڻ مان ڪمپيوٽر ۾ B.E ڪئي. سندن هڪ ٻيو ڀاءُ صفدر پڻ ڊاڪٽر آهي ۽ اهو توڙي ٻيا ننڍا ڀائر حيدر آباد ۾ پنهنجي والد سان گڏ رهن ٿا. ڊاڪٽر نور راڄپر جي والد صاحب محمد صالح راڄپر، ٻڌايو ته سندن سٺن دوستن ۽ ڪاليج ميٽن ۾ محمد ابراهيم شيخ، عنايت ڀرڳڙي ۽ غوث بخش ڀرڳڙي آهن.
ڊاڪٽر ڪامران هميراڻيءَ ٻڌايو، ته هتي آمريڪا ۾ ڊاڪٽرن جي وڏي ڪمائي آهي، خاص ڪري گائني جهڙي شعبي ۾. پر ميڊيڪل فيلڊ ۾ يهودين جي ايتري ته هٽي آهي، جو هو ٻي ڪنهن ڊاڪٽر کي سٺي شعبي ۾ گهڙڻ ئي نٿا ڏين. پنجاب جي هڪ ڊاڪٽرياڻي جيڪا زناني بيمارين (گائني) جي ماهر هئي، تنهن هتي نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ڪاميابي ماڻي نه سگهي. آخر مجبور ٿي وري نيورو ۾ پڙهي ۽ هاڻ ان شعبي ۾ ڊاڪٽرياڻي آهي.