الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

ڊيلاويئر ندي ۽ چيزاپيڪ خليج

هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته آمريڪا جي انيڪ ندين مان ڊيلاويئر (Delaware) هن تر جي مشهور ندي آهي، جيڪا ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ۽ هن جي نالي سان ڊيلاويئر رياست به آهي، جيڪا ميريلئنڊ، پينسلوانيا ۽ نيوجرسي رياستن جي وچ ۾ خليج ڊيلاويئر ۾ آهي، يعني ڊيلاويئر ندي جي ڇوڙ وٽ، جتي هيءَ ندي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ملي ٿي. ڊلائيور رياست Rhode Island واري رياست کانپوءِ سڀ کان ننڍي آهي. کيس آمريڪا جي Diamond State شايد ان ڪري ٿا سڏين، جو اها هيري وانگر ننڍي پر تمام امير رياست آهي.
ڊيلاويئر ندي چار سئو ميلن (650 کن ڪلوميٽرن) کان به ڊگهي آهي ۽ مٿان اتر کان نيويارڪ ۽ پينسلوانيا رياست جو بارڊر ٺاهيندي، هيٺ نيوجرسي ۽ پينسلوانيا جو بارڊر ٺاهي ٿي ۽ اڌ گابر کن نيوجرسي ۽ ڊيلاويئر رياستن جو به بارڊر ٺاهي ٿي.
نيوجرسي جي جنهن شهر ٽرينٽن وٽ اچي اسان پهتا هئاسين، اهو هن نديءَ جي ڪناري وارو شهر آهي، جتان پوءِ هيءَ ندي ڪجهه ويڪري به ٿئي ٿي. مستقل ڊريزنگ (کوٽائي) ذريعي نديءَ مان گپ ۽ رءُ ڪڍي، کيس نيويگيشن لاءِ اونهو، بهتر ۽ سلامت بنايو وڃي ٿو، جو ايتري قدر جو ڪجهه فاصلو اڳتي (ٽيهارو کن ميل سمنڊ ڏي) فلڊلفيا ۽ ڪئميڊن بندرگاهه آهي، جتي اسان جا وڏا جهاز: مالاڪنڊ، شالامار ۽ سندربن جهڙا اچي لنگرانداز ٿيندا هئا.
آمريڪا جي هن اڀرندي ڪناري تي رهندڙ اسانجا ماڻهو، يعني جيڪي نيويارڪ، نيوجرسي، ڊيلاويئر، ميريلئنڊ، پينسلوانيا ۽ ورجينا جهڙين رياستن ۾ رهن ٿا، جن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ جو ڪنارو ڇُهي ٿو، ان کان علاوه سامونڊي دنيا سان واسطو رکندر جهازي، جاگرافي ۽ تاريخ جا شاگرد ۽ ناول پڙهڻ جا شوقين ڊيلاويئر خليج (Bay) ۽ چيزاپيڪ خليج کان ضرور واقف هوندا.
پاڻيءَ جي جهاز ۾ جيئن ئي آفريڪا کنڊ يا يورپ کان اچجي ٿو ته ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ بعد آمريڪا جا کنڊ نظر اچن ٿا. يعني اتر آمريڪا (جنهن ۾ USA ۽ ڪئناڊا آهن) ۽ ڏکڻ آمريڪا (جنهن ۾ ڪولمبيا، برازيل، چلي، پيرُو جهڙا ڪيترائي ملڪ آهن) اچن ٿا. اسان اتر آمريڪا جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، خاص ڪري USA جي جنهن جا نيويارڪ، نيوارڪ، ٻالٽيمور، فلڊلفيا ۽ نورفولڪ جهڙا بندرگاهه سامهون اچن ٿا. جن تائين پهچڻ لاءِ خليجن ۾ گهڙڻو پوي ٿو. جيئن بنگلاديش جي بندرگاهه چٽاگانگ ۾ پهچڻ لاءِ هندي وڏو سمنڊ لتاڙي، پوءِ خليج بنگال واري سمنڊ ۾ اچڻو پوي ٿو، جنهن ۾ ڪرنا ڦلي، هگلي ۽ گنگا ندين جهڙيون ننڍيون وڏيون نديون اچيو ڇوڙ ڪن، جن جي منهن وٽ يا ندين ۾ اندر چٽگانگ، کُلنا ۽ ڪلڪتي جهڙا بندرگاهه آهن. تيئن هيڏانهن آمريڪا ڏي به وڏا خليج آهن، ڊيلاوئر بي جنهن ۾ اهم ۽ ڊگهي ندي ڊيلاوئر اچيو ٿي ڇوڙ ڪري ۽ ٻيو چيزاپيڪ بي آهي، جيڪو منهنجي خيالَ ۾ USA جو وڏي ۾ وڏو خليج ۽ ندين جو ڇوڙ (estuary) آهي، جنهن جي پاسن کان ورجينيا ۽ ميريلينڊ رياستون آهن. هن خليج ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون نديون ۽ نهرون (Streams) اچيو ٿيون ڇوڙ ڪن. هي پيالي جهڙو خليج اتر کان ڏکڻ تائين 190 کن ميل (300 ڪلوميٽر آهي). يعني سڀ کان مٿي ميريلينڊ جي شهر Aberdeen کان وٺي جتي “سس ڪُئي حَنا” Susquehanna ندي اچيو ٿي ڇوڙ ڪري، اتان کان وٺي ائٽلانٽڪ سمنڊ تائين ۽ ويڪر ۾ به جتي سوڙهي کان سوڙهو آهي، اتي به چار ميل کن آهي. اهو هنڌ ميريلئنڊ جي شهر اناپولس (Annapolis) وٽ آهي. اناپولس ميريلئنڊ رياست جي گادي جو شهر به آهي، جتي سنڌي جو مشهور ليکڪ ۽ ملير ڊائجسٽ جو ايديٽر اعجاز ابڙو، لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊاڪٽر منور عباسي، دادو پاسي جو غلام مصطفيٰ پلهه ۽ ٻيا رهن ٿا. هنن وٽ پڻ ڪجهه ڏينهن رهڻ ٿيو، جن هن جو احوال اڳتي هلي ڪنداسين،. هتي فقط اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته آمريڪا جو هي “چيزاپيڪ بي” تمام وڏو آهي، جنهن ۾ اسان جو جهاز جيئن ئي گهڙندو هو ته چوڌاري مختلف ملڪن جا سوين نه پر هزارين جهاز نظر ايندا هئا ۽ هن خليج ۾ گهڙڻ کانپوءِ به بالٽيمور جهڙن بندرگاهن ۾ پهچڻ لاءِ خليج جي اندرين سمنڊ ۾ ڏينهن رات (چوويهه کن ڪلاڪن) جي Steaming ڪرڻي پوندي هئي. خليج اندر ڪيترائي ننڍا وڏا، ظاهر ۽ لڪل ٻيٽ هجڻ ڪري ۽ چوڌاري لنگر انداز ٿيل جهازن جي ڪري جهاز جي نيويگيسن (جهاز کي هلائڻ) ڏکيو ڪم ٿي پوندو هو. پر اهو آهي ته چوڌاري ڌرتي هجڻ ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ جي طوفانن ۽ وڏين ويرن کان بچاءُ هوندو هو. باقي سياري وارن ڏينهن ۾ جڏهن گهاٽو ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو ڇانيل رهي ٿو ته پوءِ جهاز پاڻ هلائڻ بدران پائلٽ کي کڻڻو پوي ٿو. جهازي دنيا ۾ پائليٽ ان بحري جهاز جي ڪئپٽن کي سڏبو آهي، جيڪو بندرگاهه جي آفيس ۾ رهي ٿو ۽ هن کي ان بندرگاهه جي تفصيلي معلومات ٿئي ٿي. جيئن سانوڻي (جون، جولاءِ ۽ آگسٽ مهينن) ۾ ڌارين ملڪن جا آيل جهاز ڪراچي يا پورٽ قاسم ۾ گهڙڻ لاءِ اتان جا مڪاني پائليٽ کڻندا آهن. اهي پائليٽ بوٽ ۾ چڙهي کلئي سمنڊ ۾ ڌارئين ملڪ جي جهاز جي آڌرڀاءُ ڪندا آهن ۽ پوءِ هن کي پنهنجي ذميواري هيٺ بندرگاهه ۾ اندر وٺي جيٽي (ڌڪي) سان ٻڌرائيندا آهن. پائليٽ مهيا ڪرڻ جي بندرگاهه وارا جهازران ڪمپنيءَ کان لکها رپيا في وٺن ٿا. يعني بندرگاهه وارن جي سٺي ڪمائي تڏهن آهي، جڏهن هنن جي بندرگاهه جي approach ڏکي هجي يا هوا ۽ ڌنڌ هجي.