الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

پاڪستاني سفير جنرل جھانگير ڪرامت سان ملاقات

واشنگٽن ۾ رهڻ دوران هڪ ڏينهن هتي رهندڙ اسانجي پاڪستاني سفير جنرل جهانگير ڪرامت سان به ملڻ ويس، جنهن جو احوال شروع ۾ به لکي چڪو آهيان. اسانجي پاڪستاني ايمبسي (سفارت خانو) اڄ ڪلهه انٽرنيشنل ڪورٽ واري علائقي ۾ آهي جيڪو هتي جي مشهور يونيورسٽي UDC جي ڀر ۾ آهي. زمين دوز ريلوي رستي هتي پهچڻ لاءِ وان نيس ريلوي اسٽيشن تي لهڻ کپي، جتي Red Line واري گاڏي پهچي ٿي، جنهن ۾ چڙهڻ لاءِ توهان شهر جي ڪنهن به ڪنڊ کان ڪنهن به ريل ۾ چڙهي، ميٽرو سينٽر ريلوي اسٽيشن تي اچي ريڊ لائين ريل ۾ سوار ٿي سگهو ٿا، جيڪا اڳيان “فرينڊشپ هائيٽس” وائيٽ فلنٽ Twin Brook، راڪ وائيل ۽ شيڊي گروو ريلوي اسٽيشن تائين هلي وڃي ٿي.
يورپ، جپان، ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي ٻين شهرن وانگر هتي واشنگٽن ۾ به مختلف ڪمپنين ۽ مالڪن جون پرائيويٽ ريل گاڏيون هلن ٿيون، جن جا رنگن تي نالا آهن. جهڙوڪ ريڊ لائين، آرينج لائين، بلو لائين، گرين لائين، ييلو لائين وغيره. واشنگٽن جون ٽي چار ريلوي اسٽيشنون اهڙيون به آهن، جيڪي ڪوٽڙي ۽ روهڙي وانگر جنڪشنون آهن، جتي ٻه يا وڌيڪ رنگن ۽ routes واريون ريلون گذرن ٿيون، جيئن ڪراچي مان ايمپريس مارڪيٽ، ريگل چوڪ، ٽاور نرسري ۽ گذري جهڙن بس اسٽاپن تان مختلف علائقن ڏي ويندڙ بسون ملن ٿيون. واشنگٽن شهر جا اهي هنڌ: ميٽرو سينٽر، پينٽاگان، Rosslyn، فورٽ ٽاٽن، چائنا ٽائون وغيره آهن. يونين اسٽيشن به واشنگٽن جي مشهور ريلوي اسٽيشن (Sub Station) آهي، جيتوڻيڪ هتان فقط Red گاڏي لنگهي ٿي، پر هيءَ اسٽيشن اها آهي، جتي ٻين شهرن ۽ رياستن کان ايندڙ گاڏيون به بيهن ٿيون. جيئن هڪ ٻه دفعا مونکي نيويارڪ ۽ فلڊلفيا کان ٽرين رستي، واشنگٽن اچڻو پيو ته انهن گاڏين مونکي واشنگٽن شهر جي هن ريلوي اسٽيشن Union Station تي اچي لاٿو، جتان پوءِ هڪ دفعي بس ذريعي ۽ هڪ دفعي شهر جي سب وي ريل گاڏيءَ ذريعي، شهر جي مختلف هنڌن تي پهتس. يونين اسٽيشن جي ٻاهران ٺهيل ڪولمبس سرڪل نالي چوراهي ۾، شهر جا ڪيترائي اهم ايوينيو ۽ روڊ اچيو ٿا ملن، جهڙوڪ لوزيانا ايوينيو، ڊيلاويئر ايوينيو، مئساچوسيٽ ايوينيو، فرسٽ اسٽريٽ NE، ايف اسٽريٽ نارٿ ايسٽ، ايف اسٽريٽ NW، نارٿ ڪئپيٽال ايوينيو وغيره.
ان ڏينهن پاڪستاني سفارتخاني ۾ وڃڻ لاءِ مون به سب وي ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪيو. پاڪستان ايمبسي جي ڀر ۾ ملائيشيا جي ايمبسي آهي، جنهن جي سفير سان پڻ مليس. انهن ٻنهي سفارتخانن جي ڀر ۾، آفريڪا جي ڪنهن ملڪ سوڊان يا نائجيريا جي ايمبسي آهي ۽ سامهون اسرائيل جي آهي. شايد اسرائيل جي سفارتخاني جي ڪري، هي سڄو ٽڪرو سيڪيورٽي جي مختلف ايجنسين جي نمائندن سان ڀريل رهي ٿو ۽ پنهنجي سفارتخاني تائين پهچڻ ۾ مونکان هڪ ٻن هنڌ پڇا ڳاڇا ضرور ٿي.
هن کان اڳ جڏهن واشنگٽن آيو هوس ته اسانجي ايمبسي شايد مئساچوسيٽس ايوينيو وٽ هئي. اهو سال 1972ع يا 1973ع جي شروعات هئي. تن ڏينهن ۾ هتي اسانجي ملڪ جو سفير صاحبزادا يعقوب خان هو. ان کان اڳ هو ايسٽ پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) جو گورنر به ٿي رهيو. 1982ع کان 1991ع تائين جرنل ضياءِ ۽ بينظير ڀُٽو جي ڏينهن ۾ پڻ هو فارين منسٽر ٿي رهيو. منهنجي ساڻس 1987ع ۾ ملائيشيا ۾ ملاقات ٿي، جڏهن ملائيشيا ۾ ڪامن ويلٿ ملڪن جا وزير اعظم ۽ انگلنڊ جي راڻي ايلزيبيٿ آئي هئي. سندس احوال ۽ تصويرون منهنجي ملائيشيا واري سفرنامي ۾ آهن. واشنگٽن ۾ پاڪستاني ايمبسيءَ جي هن نئين عمارت جي ورانڊي واري ڀت تي صاحبزاده يعقوب خان جي لڳل تصوير آئون غور سان ڏسان ٿو. هو 1996ع ۽ 1997ع ۾ وري فارين منسٽر ٿيو ۽ ان بعد يونائيٽيڊ نيشن ۾ پاڪستان جو نمائندو به ٿي رهيو. آئون سندس ساڄي ۽ کاٻي پاسي ۽ ٻين سفيرن جون تصويرون ڏسان ٿو، جيڪي هن کان اڳ ۽ پوءِ آمريڪا جا سفير ٿي رهيا. انهن ۾ اسان جي ڪلاس ميٽ سراج دين شيخ جي ڀاءُ نجم دين شيخ جي تصوير پڻ آهي، جڪو 91-1990ع ڌاري هتي جو سفير هو. ان کان اڳ هو ڪئناڊا ۽ جرمنيءَ جو رهيو ۽ آمريڪا بعد هو ايران جو سفير ٿي رهيو. ان کانپوءِ نجم صاحب 1994ع کان 1997ع تائين فارين سيڪريٽري ٿي رهيو. 1999ع ۾ هن سرڪاري نوڪري تان رٽائرمينٽ ورتي.