ڪرندڙ تعليم ۽ ڌاڙيلن بابت لياقت عزيز جا ويچارَ
بهرحال نيوجرسي کان وٺي ورجينيا ۽ ڪئرولينا تائين هي رياستون ملائيشيا وانگر چهچ سايون آهن ۽ جنهن طرف نظر وئي ٿي ۽ جنهن وقت نظر وئي ٿي ساوڪ ئي ساوڪ نظر آئي ٿي. رکي رکي ننڍڙا شهر، هوٽلون ۽ موٽلون، ڪارخانا فئڪٽريون نظر آيون ٿي ٻهراڙي وارو ته هتي Concept ناهي. ميلن تائين چوڌاري پکيڙيلن ٻيلن ۽ جھنگلن ۾ به بنگلا ۽ دڪان نظر اچن ٿا ۽ خبر نٿي پوي ته ڪٿي هڪ شهر ختم ٿيو ۽ ڪٿان ٻيو شهر شروع ٿيو. گهاٽي وڻراهه يا ڪنهن ندي نهر ڪناري اڪيلو گهر ڏسي، اسان کي حيرت ٿئي ٿي ته هتي جا ماڻهو ڪيئن نه جنگلن ۾ به اڪيلا رهيا پيا آهن. رميش به اها ڳالهه محسوس ڪئي پئي.
“پاڻ وٽ سنڌ ۾ ڪيڏو خوف ۽ هراس ڇانيل آهي، ڪو هاري يا وڏيرو پنهنجين زمينن تي ائين اڪيلو گهر ٺاهي رهي سگهندو؟” رميش حير ت جو اظهار ڪيو ۽ مون کان پڇيو ته “ملائيشيا ۽ جپان پاسي ڪيئن آهي. اتي توهان ڪافي سال رهيا آهيو.”
“اتي به ههڙو ئي امن آهي. جيتوڻيڪ ملائيشيا جابلو ۽ گھاٽن ٻيلن جو ملڪ آهي پر اتي به ٻهراڙڙين ۾ توڙي جهنگلن ۾ ماڻهو سڪون سان اڪيلا رهيا پيا آهن. پنهنجيون ٻنيون ٻارا پنهنجيون فيڪٽريون ڪارخانا پيا هلائين. مرد توڙي عورتون، مجال آهي جو ڪو ڪنهن جو نالو وٺي.” مون ٻڌايو مانس.
۽ اسان وٽ سنڌ ۾ امن امان نه هجڻ ڪري هر شيءِ ٺپ ٿيندي وڃي. ڪو زميندار چڱي طرح زمين نٿو ڏسي سگهي، ڪو ڪارخانيدار ٻهراڙيءَ ۾ فيڪٽري هڻي پنهنجي لاءِ ۽ ڳوٺاڻن لاءِ روزگار نٿو پئدا ڪري سگهي. گذريل ويهارو سالن کان سنڌ ۾ چوريون، ڌاڙا، اغوا ۽ خون ريزين جا ڪيس ايڏو وڌي ويا آهن، جو امير توڙي غريب لاءِ جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي.”
“ان سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاوش ۾ لياقت عزيز جو ڪالم پڙهيو هوم.” مون چيو.
“واهه جو لياقت لکيو آهي. اتفاق سان ان ڏينهن اهو مون به پڙهيو هو.” رميش ٻڌايو ۽ پوءِ اسان ان بابت ڳالهائيندا هلياسين. لياقت عزيز ان ڪالم ۾ اسي واري ڏهي کان سنڌ جي تعليم جي ڪرندڙ ساکَ ۽ ڌاڙيلن ڳوٺن جي رهاڪن لاءِ زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي ان بابت لکيو آهي. هن جا ڪجهه نقطا thought provoking آهن:
- ماضيءَ ۾ حڪمران ان کي ڌاڙيل يا دهشتگرد سڏيندا هئا، جيڪو وطن پرست هوندو هو. قومي غيرت ۽ ڌرتيءَ جو درد رکندو هو.
- ماضيءَ جو ڌاڙيل دنگن ۽ ننگن جو رکوالو هئو. ڌرتيءَ جو درد رکندڙ ۽ ڌارين سان نفرت ڪندڙ هو.
- لاکي ڦلاڻي جهڙا ماضيءَ ۾ سنڌ جا ڌاڙيل باغيرت، با ضمير، حيا ۽ شرم جا رکوالا، ننگن جا لڄ پال، ڦرلٽ ڪندڙن جا ويري، نياڻين جي مٿي تي هٿ رکندڙ، ٻڍڙين ۽ معصوم ٻارن تي رحم ڪندڙ هوندا هئا. هنن جي ويڙهه هميشه وطن جي ويرين، انياء ڪندڙ ظالمن، نياڻين جي لڄ لٽيندڙ لٽيرن خلاف رهي. هنن هميشه حڪمرانن جي هيٺانهين ڪري فائدا حاصل ڪندڙ وڏيرن جو جيئڻ جنجال بنايو، بي پهچ ماڻهن جي واهر ڪئي.
- سياسي ڌرين جي اها راءِ آهي ته سنڌين کي ايم آر ڊي جي هلچل جي سزا ڏيڻ خاطر حاڪمن ڌاڙيل ۽ دهشتگرد پيدا ڪيا. هن وقت سنڌ ۾ هزارين ڌاڙيل موجود آهن ۽ اڪثريت مٿان ڀوتارن جو هٿ آهي.
- اها ڳالهه به سوچڻ جهڙي آهي، ته اڄ جا ڌاڙيل ڪڏهن به ڌارين کي اغوا نٿا ڪن، پر پنهنجن ئي غريب غربن، اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ اٻوجهه ڌرتي ڄاون جو اغوا ٿيڻ معمول آهي. اڄوڪي ڌاڙيل کي نه ڌرتيءَ جو ننگ آهي، نه ئي نياڻين سياڻين جو حياءُ. هنن کي نه مائرن ۽ ڀينرن جو احساس آهي ۽ نه ئي جھور پوڙهن ۽ معصوم ابهم ٻارن جو خيال آهي. ڪيتريون ئي نياڻيون سنڌ ۾ هر روز سڏڪا ڀريندي ڏسجن ٿيون، جن جا پنهنجا بيگناهه ماريا وڃن ٿا.
- اڄ جا ڌاڙيل انسانيت ۽ اخلاقيات جا سڀ ليڪا اورانگھي چڪا آهن. هنن آڏو بهادري ۽ سورهيائي پنهنجن ئي ماڻهن کي لٽڻ، ڦرڻ ۽ آزارڻ ۾ آهي. ڄڻ ته هنن جو رت ۽ ضمير هن مقدس مٽيءَ مان ٺهيل ئي نه هجي. هنن جي ساڻيهه جي سڪ، حيا ۽ شرم، دين ۽ ڌرم نيرن نوٽن، سونن لاڪيٽن، راڊو واچن ۽ بوسڪيءَ جي پٽڪن تي وڪامي ٿو وڃي.
- اڄ سنڌ جو سَنڌُ سَنڌُ هنن جي جھٽن ۽ چهڪن سان چُور چُور آهي. اڄ اسان جا نه گهر محفوظ آهن، نه ئي ونيون. هي پنهنجن جا ويري ٻين آڏو ڪنڌ نوائي هلن ٿا، پر پنهنجن کي ڏاڙهين ۽ ڦاڙهين ٿا. سنڌ جي زراعت، معيشيت، تعليم، امن، سک ۽ چين سڀ ڪجهه سندن ئي ڪارروائين سبب تباهه ٿي رهيو آهي.